خوش خير محمد فقير هيسباڻي (1224هه-1294هه)
خوش خير محمد فقير جي صوفي عبدالستار اول (جهوڪ شريف) محمد يوسف عرف نانڪ يوسف (اڳڙه وارو). بيدل فقير روهڙي وارو ۽ فقير غلام حيدر شر ڳوٺ (منگهو فقير) سان گهاٽي دوستي هئي. هو پاڻ ۾ چار يار ڳڻيا ويندا هئا ۽ سندس ئي روح رهاڻيون ٿينديون هيون.
فقير سائين پنهنجي دؤر جو صوفي شاعر هو. سندس ڪلام جو وڏو ذخيرو هو. پر جيڪو مليو سو (184) ڪافين تي مشتمل آهي ۽ ”خوش“ خير محمد هيسباڻي جي نالي سان ”ڪلام ڇپجي منظر عام تي آيو آهي. سندس صوفياڻي ڪلام ۾ تصوف جا باريڪ نڪتا سمايل آهن. شاعري پڙهڻ سان جيءُ جهريو پوي. فقير سائين جي ساري ڪلام ۾ ميٺاج جي مڻيان پيل آهي. جو پڙهڻ تي بار بار مجبوري ڪري ٿي.
خوش خير محمد فقير هيسباڻي (70) بهارون ماڻي 2 محرم 1294 هجري بمطابق 17 جنوري 1877ع ۾ وفات ڪري ڳوٺ ٽڳڙن ۾ مالڪ حقيقي جي حضور ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيا. درياءَ جي پائڻ ڪري سندس لاش کي ڪڍرائي ”ڪرونڊي“ تعلقي فيض گنج ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جتي هر سال 19، 18، 17 ذوالحج عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي.
خوش خير محمد فقير هيسباڻي جي ڪلام مان ڪافي:
جهلي تاب حسن جو ڏسي تجليون،
سارو جبل ويو ڪوهه طور جليون.
تنهنجي پنبڻين جا پيڪان چوان،
اهي ڀالا بڙڇيون، بان چوان،
نت ابڙو سيف ايران چوان،
ڪيڏو ڪيس ڪرن ڪاريون ڪجليون.
خوش خير محمد جي وفات بعد سندس پٽ دُرمحمد کي گادي نشين مقرر ڪيو ويو. خوش خير محمد کي سچل سرمست بعد سنڌي ۽ سرائڪي جي بهترين ڪافي گو شاعرن بيدل، حمل فقير، مصري شاهه جهڙن ڪافي گو شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪلام جو ذخيرو 174 ڪافين تي مشتمل ”ڪلام“ ”خوش خير محمد هيسباڻي“ نالي ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي.
سنڌي سرائڪي ڪافي جون ڪجهه سٽون:
سُهڻي صورت ويک سبحان ڪهون، اي جهان سارا لامڪان آيا.
جبريل سلام پيغام ڏيندا. اسان ڪلام اُتي اسلام آندا،
ڪنهن وحي دي واتون ڪو نه سڻيا، احمد عربي دي ذوق زبان آيا.
حوالا:
صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي سال: 2010ع.
خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو جنوري 2015ع.
جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.