لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

حضرت مولانا سيد تاج محمد امروٽي رحه (1260هه- 1343هه)

سنڌ ڌرتي بيشمار بزرگن کي جنم ڏنو آهي. انهن مان مولانا تاج محمد امروٽي جهڙو بزرگ به نمايان نروار آهي. هن ڀلاري بزرگ جي پيدائش تي متضاد حوالا ملن ٿا: عبدالرحمان جتوئي سندس ولادت: 1859ع لکي آهي. سيد محمود شاهه بخاري 1857 يا 1858ع ڄاڻائي ٿو. محمد علي چراغ 1844ع لکي آهي. (صحيح جنم جو سال) مشهور اديب محمد بخش ”قمر“ ۽ محقق ميمڻ عبدالمجيد سنڌي موجب 28 ذوالقعد 1260 هجري، مطابق 22 مارچ 1841ع آهي.
ولادت ضلعي خيرپور جي ڳوٺ ”ڳاڙهي موري“ ۾ ٿي. مولانا تاج محمد امروٽي شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب سيد عبدالقادر شاهه عرف (ڀورل شاهه) کان حاصل ڪئي. فارسي جي تعليم پيرڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ عربي جي تعليم مولانا عبدالقادر پنهواري کان پڙهي. روحاني ڄاڻ جي مڻيا حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرچونڊي شريف جي بستي ۾ پهتا. ڀلاري بزرگ حافظ محمد صديق وٽ روحانيت جي رمزن جا سبق ورتا. حافظ صاحب مولانا امروٽي کي پنهنجو ٻيو نمبر خليفو مقرر ڪيو. پورن چاليهن ڏينهن ۾ روحانيت جا سڀ سبق حاصل ڪري ورتائين. حضرت محمد صديق کين خلافت جو خرقو پارائي اجازت ڏني ته اسلام جي تبليغ کي ”امروٽ شريف“ ۾ وڃي عام ڪري ماڻهن کي سلوڪ جا سبق سيکار محبت ۽ پريت جا گُڻ ڏي.
مولانا تاج محمد امروٽي اجازت ملڻ بعد امروٽ شريف ۾ اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت جو سلسلو جاري رکيو. جمع جي ڏينهن وڏي اجتماع جي شڪل ۾ نڪرندا هئا. مولود ۽ نعتون پڙهندي مسجد ۾ داخل ٿيندا هئا.
انگريزن جي دؤر ۾ سکر بئراج جي تعمير وقت درياءَ جي ٻنهي پاسن کان وڏا واهه کوٽايا ويا. ٻهراڙي جون مسجدون جيڪي واهن جي وچ ۾ اچن پيون. انهن کي شهيد ڪيو پئي ويو. انهن مسجدن ۾ جوڻيجو مسجد، ڪلواڙي مسجد، ابيجاڻي مسجد مشهور آهن. مولانا تاج محمد امروٽي جهڙي ڀلاري بزرگ پنهنجي جماعت سوڌو جهاد ڪيائون. آخرڪار انگريز حڪومت کي مجبورن پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ۽ کير ٿر ۾ پلر تيار ڪري مسجد ساڳي جاءِ تي جوڙائي وئي.
شيخ الهند مولانا محمود الحسن جيڪا ريشمي رومال جي تحريڪ شروع ڪئي، اُن ۾ مولانا تاج محمد امروٽي ڀرپور حصو ورتو. هن تحريڪ جو مقصد ئي انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ هو. هن تحريڪ ۾ ”ريشمي رومال“ تي خط لکيا ويندا هئا. هڪ خط انگريز حڪومت کي هٿ اچي ويو جو گرفتاريون ڪندي سنڌ ۾ ٻين بزرگن سان گڏ مولانا تاج محمد امروٽي جهڙي بزرگ کي به گرفتار ڪيو ويو.
مولانا امروٽي دين جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ وڏا ڪم ڪيا. قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائون. جنهن جو نالو ”الهام قرآن“ رکيائون. مولانا جي ڪيل ڪم ايترو ته رنگ لاتو جو هزارن لکن جي تعداد ۾ اچي غير مسلم مسلمان ٿيا. پاڻ سنڌي ٻولي جا بهترين شاعر هئا. سندن شاعري ۾ ”حسن“ کي تخلص طور قطب آندو.
مولانا امروٽي ٽي شاديون ڪيون صرف هڪ پٽ جي اولاد عطا ٿي. جنهن جو نالو ”حسن شاهه“ رکيو. حسن شاهه 12 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. مولانا پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي جدائي سبب پنهنجو شاعري ۾ تخلص ”حسن“ کي ترجيح ڏني.
1. ”سورة ياسين“ ۽ ”سورة رحمان“ جو سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪري. قادري پريس محمود المطابع امروٽ مان ڇپرايائون ۽ ماهوار سنڌي رسالو ”هدايت الاخوان“ به جاري ڪيو ويو. سندس مڪمل رسالو (عرفان امروٽي عرف ڪليات) شايع ٿيل آهي.
2. حضرت مولانا تاج محمد امروٽي ”يوسف زليخان“ جي قصي کي ”پرت نامو“ جو نالو ڏيئي. مثنوي جي صورت ۾ لکيائين ۽ پنهنجي مرشد حافظ محمد صديق (ڀرچونڊي شريف) جي شان ۾ به کوڙ سارا بيت چيائين سندس چيل شاعري مان هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو.
جڏهن پاڻ پيدا ٿيو. عالم ٿيو اظهار،
طﮣٰ ياسين تنهنجي شان ۾، نازل آهن نروار،
ايڏو اجهو آسرو، اُمت جو آڌار،
ڄائي تنهين ڄام جي، ڀڳا ڪوٽ ڪفار،
حامي هن ”حسن“ کي ڏيو دلاسو دلدار.
3. مولانا تاج محمد امروٽي 72 سالن جي عمر ۾ 5 نومبر 1929ع مطابق 3 جمادي الثاني 1343 هجري تي هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي.
حضرت مولانا امروٽي صاحب، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۽ مان تان قربان ٿيندي شاعري ۾ هن ريت اظهار فرمايائون ته:
تُنهنجي عشق اُتاريا خيال سندا، سندي سامان ڪنا،
جند جان جُثو، مڏيون مال سڄا، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
پاڻ هڪ هنڌ وري هينئن ٿو فرمائي.
سڄڻ جي سُونهن کي پڌرو، اکين دل سان ڏسڻ گهُرجي،
ٻيائي کي ڇڏي هڪدم، هِڪائي هڪ ٿيڻ گُهرجي.

حوالا:-
1. (خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو)
2. انسائيڪلو پيڊيا پاڪستانيڪا: سيد قاسم محمود: 1998 ص-187).
3. (جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري).