لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

8. پير علي بخش شاهه علڻ سائين (1288هه _ 1352هه)

پير علي بخش شاهه جو جنم 1288 هجري مطابق 1871ع ڌاري ٿيو. والد صاحب جو اسم گرامي پير لطف علي شاهه (ڀٽائي) هو. پير علي بخش شاهه کي ”علڻ سائين“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. شاعر هجڻ سان تخلص ”علڻ“ رکيائين. پاڻ مٽياري سيدن جي ”جرار پوٽا“ پاڙي مان. شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي اولاد مان هو. ۽ شهنشاهه لطيف جو (اٺون) نمبر (گادي نشين) هو.
پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) سنڌي ۽ فارسي جي تعليم ميان محمد ڀٽي کان حاصل ڪئي. 1317 هجري مطابق 1899ع ۾ سندس والد پير لطف علي شاهه. هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي. اهڙي ريت وڏي فرزند هئڻ ڪري پير علي بخش شاهه (درگاهه ڀٽائي) جو اٺون گادي نشين مقرر ٿيو.
پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) فقيري طبيعت جا مالڪ هئا. ۽ ”شهنشاهه لطيف“ جي ڪلام کي ”سوز“ سان ڳائيندا هئا. اڪثر ”جمع“ جي رات فقيرن سان گڏجي ڳائيندو هو. شاعر هئڻ سان گڏوگڏ روزي نماز جو به پابند هو. راڳ جي ايتري ته ڄاڻ هئس. جو سنڌ جا اڪثر ڳائڻا (فنڪار)وٽس هميشه ايندا رهندا هئا. تنبورو سدائين ڪُلهي تي رکيل هوندو هو.
درگاهه شهنشاهه لطيف ۽ مسجد جي اڪثر تعمير سندس دور حاضر ۾ ٿي. ڄام مٺا خان جوڻيجو (درگاهه) جي خاص معتقدن مان هو. سندس ڪوششن سان ”ملاکڙي“ ايترو ته زور ورتو. جو ماڻهن جي اچڻ ۾ اضافو ٿيو. ۽ ميلو به وڌي ويو. پاڻ گهوڙن ڌارڻ جو تمام گهڻو شوقين هو.
پير علي بخش شاهه ”علڻ سائين“ 1346 هجري مطابق 1928ع مطابق درگاهه جي نذراني مان ملندڙ رقم ۽ مريدن ۽ عقيدتمندن جي تعاون سان ”شهنشاهه لطيف“ جي روضي اڳيان هڪ عاليشان ورانڊو جوڙايو. جنهن ۾ ونگن سان (7) دروازا جوڙايا ويا. پنج دروازا روضي جي سامهون اوڀر طرف کان ۽ ٻه دروازا ڏکڻ پاسي کان جوڙايا ويا. ۽ ورانڊي جي ڇت شيشم جي ڪاٺ ۽ ڪاشيءَ جي سِرُن سان جوڙائي ويئي. ديوارن تي ڪاشيءَ ۽ چٽساليءَ جو بهترين ڪم ڪرايو ويو.
شهنشاهه لطيف جي روضي سان گڏ جامع مسجد ۾ به ورانڊو جوڙايو ويو جنهن ۾ به ست دروازا جوڙايا ويا. پنج دروازا مسجد جي سامهون اوڀر طرف ۽ ٻه دروازا ڏکڻ طرف کان جوڙايا ويا. اِهو ڪم 1348هه 10 ربيع الاول مطابق 16 اگسٽ 1929ع ۾ پورو ٿيو.
درگاهه شهنشاهه لطيف کان لکي دروازي تائين ۽ لکي دروازي کان جامع مسجد جي ٻانگي واري دروازي تائين. بهترين سنگ مرمر جو فرش به هڻايو ويو. روضي ۽ مسجد اندر سنگ مر مر جا (6) عدد نهرا ۽ خوبصورتي سان ”تراشيل پلر“ لڳل آهن. اهي پلر مڪرانه راجستان (انڊيا) کان آيا هئا. تراشيل پلر ٺاهڻ وارو ڪاريگر عبدالخالق هو. مسجد ۽ روضي جي ورانڊن ۾ نصب ٿيل اهڙا پلر سنڌ جي ڪنهن به درگاهه تي لڳل نه آهن.
پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) جو اهل تشيعت طرف تمام گهڻو لاڙو هو. شاهه عبدالڪريم بُلڙي ۽ شهنشاهه لطيف جي خليفن انهي ڪري. سندن دستار جو رنگ ڪارو ڪيو هو. محرم جي ڏينهن ۾ هُو ماتم ڪندا هئا.
پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) ٽي شاديون ڪيون:
پهرين شادي شڪارپور جي سيدن مان ڪئي هئي. جنهن مان علي اڪبر شاهه، ڏنل شاهه بچل شاهه ۽ يار محمد شاهه پيدا ٿيا.
ٻي شادي کوکرن جي سيد بقادار شاهه ”ميرڻ پوٽي“ جي نياڻي سان ڪئي. جنهن مان وڏو فرزند شاهه ڏنو شاهه ۽ امام علي شاهه پيدا ٿيا.
ٽئين شادي: سالاري جي سيدن مان ڪئي. جنهن مان غلام شاهه پيدا ٿيو.
پير علي بخش شاهه (علڻ سائين) 14 محرم 1352 هجري مطابق 18 مئي 1933ع تي هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. سندس وفات بعد وڏي فرزند ميان شاهه ڏنو کي گادي نشين مقرر ڪيو ويو. آخري آرام گاهه شهنشاهه لطيف جي روضي اندر ڪٽهڙي ٻاهريان ڀر ۾ آهي.