شاهه خير الدين عرف جيئي شاهه سکر وارو (911 هه _ 1027 هه)
سيد خير الدين شاه المعروف ( جيئي شاهه) بغداد کان مڪي شريف راهي ٿيا. 41 سالن جي عمر ۾ 14 سال حرمين شريف ۾ تحصيل علم ۾ مصروف رهيا. فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ باب اسلام سنڌ جي شهر ”هالا“ ۾ مخدوم نوح صديقي رحمته الله عليه جي صحبت مان. ۽ مخدوم صاحبن جي خليفي عالم ۽ عارف حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙائي کان فيض ياب ٿي. خرقو خلافت ڍڪي سکر جي سُهڻي سرزمين ۾ اچي قدم رکيا.
شاهه خيرالدين پُراڻي سکر ۾ هڪ ٽڪري تي پنهنجي جاءِ جوڙي عبادت ۾ مصروف رهيا. اها ساڳئي ٽڪري آهي. جنهن تي سول سرجن سکر جو بنگلو آهي. مير محمد معصوم شاهه جو پوٽو مير زڪريا. سڌو فقير ۽ جمال الدين هن ڀلاري بزرگ جي خدمت ڪرڻ لڳا. ۽ کائنس فيض حاصل ڪيائون.
خداد خان پٺاڻ جي ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ هڪ روايت موجب. ته سندس دور ۾ ڪو درويش وٽس ايندو ويندو هو. هڪ سال هو نه اچي سگهيو. ته شاهه خير الدين پڇا ڪئي. ته معلوم ٿيو ته دريا خوردي سبب درويش جي خانقاهه واري ۾ دڄجي ويئي آهي. اهو ٻُڌي پاڻ گهوڙي تي چڙهيو. ۽ اُن ماڳ تي آيو. جڏهن مٿان وريل واري ۽ مٽي اُٿلايائون. ته درويش واري ڪوٺڙي جو نشان مليو. دروازو کوليائون. ته سبحان الله درويش صحيح سلامت سجدي ۾ ڏٺائون. جنهن تي شاهه خيرالدين کيس مخاطب ٿيندي چيو ته:
” نه تون ڪعبو نه تون قبلو،
رهين ٿو منجهه سجود،
ويساري پاڻ کي، ملين ساڻ دريا،
اهو ٻڌي هُن درويش جواب ڏنو ته:
ڪوهه ڪندو تن، قبلو جن سڃاتو سلطان،
پرين اسين پاڻ، سجدو ڪريون ڪنهن کي.
پاڻ 85 سالن جي عمر تائين گهوڙي تي سواري ڪئي. اهڙي ريت زندگي جون 115 بهارون ڏٺيون. ۽ سومر 27 رمضان المبارڪ سن 1027 هجري 7 سيپٽمبر 1618ع ۾ جهان مان موڪلاڻي ڪئي. سندس وفات جي تاريخ ڪنهن شاعر هيٺين ريت فرمائي آهي.
شاهه خيرالدين په ۾ برج شرف
مقبل درگاهه ايزد سرمدي
سال تاريخ وصالش عقل گفت
مرشد ڪامل طريق احمدي ____ 1027 هه
شاهه خيرالدين المعروف (جيئي شاهه). بنا اولاد جي لاڏاڻو ڪيو. جنهن ڪري سندس گادي تي سڌ و فقير ويٺو. پوءِ ان جو فرزند درويش يحيٰ مسند جو مالڪ ٿيو. انهي ٻنهي درويشن جا حضرت مخدوم نوح جي جماعت ۽ فرزندن سان گهاٽا تعلقات رهيا.
هن وقت درگاهه جا مجاور پيرزادا. مٿيئن درويش جو اولاد چيا وڃن ٿا. جن جي درگاهه حوالي آهي. ۽ سنڀال ڪن ٿا.
1174 هجري 1760ع ۾ ميان غلام محمد مجاور هڪ عاليشان مقبري مٿان گنبذ تيار ڪرايو. شاهه خيرالدين درويش جڏهن بغداد کان سکر جي سرزمين تي قدم رکيا. ته هن خطي کي پنهنجو اصلي وطن ٺاهي. پيار ۽ محبت ۽ پنهنجي علم جي رستي عوام جي دلين ۾ ائين سمائجي ويو. جو انهي بزرگ جي سچائي، پيار ۽ خلوص ڏسي ماڻهن مٿان نالو ئي (جيئي شاهه) رکي ڇڏيو. جو اڄ تائين پراڻي سکر ۾ موجود درگاهه (جيئي شاهه) جي نالي سان سُڃاتي وڃي ٿي.
نه ڪعبو، نه تون قبلو، نه رهيو سجود،
جنهن وڃايو وجود، تهلاءِ سائر گڏ ٿي.
(شاهه خير الدين)
حوالا:
تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي (جلد II، III ص:53، 54، 55)
ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: شوڪت خواجائي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي شخصيتون ۽ درسگاهون: غلام شبير پيراهين :ص:60)
جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع