لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

پير محمد اشرف شاهه (ڪامارو شريف) (1214هه- 1277هه)

پير محمد اشرف شاهه قريشي هڪ سٺو بزرگ شاعر ٿي گذريو آهي. پير غوث محمد شاهه جي گهر ۾ سن 1214 هجري مطابق 1799ع ۾ تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ ڪرم خان جمالي ۾ اک کولي. پاڻ قرآن پاڪ پڙهڻ بعد ابوالحسن جي سنڌي کي به مطالعي هيٺ رکيو. والد صاحب جيان پاڻ به هالن جي سيد محسن شاهه جو ارادتمند ٿيو.
پير محمد اشرف شاهه جڏهن به سفر جي تياري ڪندا هئا ته پهريان ڪنگري ۾ پير صاحب پاڳاري جي خاندان سان سُٺا تعلقات هئا. اُتان روح رهاڻيون ڪري روهڙي ۾ فقير قادربخش بيدل جهڙي ڀلاري بزرگ سان به گفتگو ڪري اچي لوءِ صاحبان ۾ ٿڪ ڀڃيندا هئا، ڀرچونڊي شريف ۾ به روحاني ۽ صوفياڻي محفلن جا حوالا ملن ٿا. ڀرچونڊي شريف ۾ سندن ڪافيون، مداحون وڏي شوق ۽ ذوق سان ڳائجن ۽ ٻڌجن ٿيون. پاڻ ڀرچونڊي شريف کان ٿيندا. رياست بهاوالپور جو رخ ڪندا هئا ۽ ملتان شريف تائين پنهنجي سفر کي جاري رکندا هئا. بهاوالپور جي نواب محمد صادق اول سندس 700 ايڪڙ زمين نذراني طور ڏني.
انهي سفر دوران ڪافي ماڻهو مريد ۽ معتقد بڻيا. سندس ڪلام ۾ رب جي رضا تي راضي رهڻ جو سبق سمايل آهي. پاڻ پنهنجي شاعري ۾ شهنشاهه لطيف وانگر (وحدت الوجود) جو ذڪر به ڪيو اَٿس. سندس هڪ ڪافي جيڪا پاڻ پنهنجي جوان پٽ جي شهادت تي چئي هئائين:
ڪافي: مڃ عاشق تون، برسر جيڪا رب جي رضا.
1. ٿي شاڪر ڪر شڪر جا بڻي سا بڻي،
سا سڀوئي حق جا واحد کي وڻي،
رهه سدائين خوش تر، ماڻ صبر جا مزا.
(1230هجري 1815ع) ۾ والد پير غوث محمد شاهه جڏهن ”بڪيرا“ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪئي ته کيس جنازي کي آڻي ”ڪاماري“ ۾ آندو ويو ۽ اُتي ئي دفن ڪيو ويو. پنهنجي جوان پٽ کي جڏهن ڳوٺ ”راڄو نظاماڻي“ ويجهو شهيد ڪيو ويو ته پاڻ قاتلن کي خون معاف ڪري پنهنجي پٽ کي به ”ڪاماري“ جي زمين ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو. انهن ڀلارن بزرگن جي ڪري ئي ”ڪاماري“ مان ”ڪامارو شريف“ سڏجڻ لڳو ۽ پاڻ ڪاماري شريف ۾ باقي زندگي جا ڏينهن الله تعاليٰ جي عبادت ڪندي گذاريا.
پير محمد اشرف جي والده جو مقبرو تعلقي ٽنڊي باقي جي ديهه ”مينا“ ۾ آهي. پير محمد اشرف شاهه هڪ ڪامل ولي ۽ بزرگ کان علاوه پاڻ ڪافي مولود ۽ مداح جا بهترين شاعر هئا. سندن چيل ڪلام کي 1914ع ۾ حاجي پير خان محمد قريشي ”خانقاهه ڪامارو شريف“ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو.
ڪاماري شريف جي هن قادر الڪلام شاعر بزرگ آچر جي رات عشاءَ وقت 14 ربيع الاول 1277 هجري مطابق 30 سيپٽمبر 1860ع تي هن ڌرتي کي خيرآباد چئي موڪلاڻي ڪئي. کيس ٽنڊوالهيار جي ”ڪامارو شريف“ جي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
پير محمد اشرف کي هڪ نياڻي جي اولاد هئي. جنهن جي شادي پاڻ پنهنجي عزيز پير جان محمد سان ڪرائي هئي. وفات کان پوءِ پير جان محمد (درگاهه) جا گادي نشين مقرر ٿيا ۽ مسجد جو ڪم به ڪرايو. پير محمد اشرف 1263 هجري 1847ع ۾ مسجد جي تعمير ڪرائي هئي ۽ وقتن باوقتن مسجد جو ڪم ٿيندو رهيو. پير حاجي جان محمد، مسجد ۽ حال جو اضافو ڪري 1324 هجري ۾ اِهو ڪم مڪمل ڪرايو.

حوالا:-
1. تذڪره مشاهير سنده: مولانا دين محمد وفائي. سال 1991ع.
2. خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو (Ph.d ٿيسز: سال: جنوري 2015ع ص 222، 223، 224، 225).
3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري: 2004ع