صوفي رکيل شاهه (1262هه-1359هه)
سيد رکيل شاهه کي پنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالنبي شاهه چيو ته ”اسان کي تلقين ڪرڻ جو امر ڪونهي تنهن ڪري پنهنجي امانت حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه عنايت شهيد جي درگاهه (جهوڪ شريف) وڃي پنهنجي امانت حاصل ڪر“.
ميان عبدالنبي ڪجهه ڏينهن بعد ئي گذاري ويو. رکيل شاهه چوٿين ڏينهن تي ٽيجهي جي رسم پوري ڪري جهوڪ شريف ڏانهن روانو ٿيو. روهڙي ۾ جان الله شاهه رضوي جي درگاهه تي حاضري ڀري پوءِ پنهنجي مُرشد جي مڪان طرف روانو ٿيو. جهوڪ جي درگاهه تي پهچي گادي جي مسند تي ويٺل عبدالستار صوفي جي هٿ تي بيعت ڪري ذڪر جو ورد ورتائين. ڪجهه عرصو رهڻ بعد مُرشد جي فيض مان فيضياب ٿي واپس فتح پور پهتو. مالڪ جي رياضت ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ لڳو. سندس روح جي رمز ۽ حق جي طلب شاعري مان نمايان نظر اچي ٿي. پاڻ سنڌي، سرائيڪي، بلوچي ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي.
ميرانپور جا مڱتا، ڪر پرين جي پچار،
دست وتم دلبر جو، اجهي عبدالستار،
سڪ ٻڌايم سندرو، ڏينهن چڱي ڪنهن وار،
اندر ۾ هو جي تند تنوار، ”رکيل“ اٿم نئون نئون يار جي.
”سرائڪي ڪافي“
هر مظهر وچ يار يگانا، صورت بشري اندر دا ترت تڙاوڻ،
صوفي صاف تي رند سڏاوڻ، مار طبل شاهي اعليٰ شان،
بانگ الستي تي جسم جڳايا، حال ”رکيل“ اهو فيض هلايا،
عبدالستار ٿي سر سمجهايا، محنت ٻاجهون نهين عشق آسان.
صوفي رکيل شاهه کي چئن پٽن جي اولاد ٿي. 1. سخي عبدالغني شاهه 2. محمد ڪامل شاهه 3. صوفي معصوم شاهه 4. صوفي سائين چيزل شاهه.
سيد صوفي رکيل شاهه 97 سال جي عمر ۾ 1359 هجري مطابق مئي 1940ع ۾ وفات ڪئي. سندن آخري آرامگاهه ”فتح پور“ بلوچستان ۾ آهي.
حوالا:-
1. ياد رفتگان: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: ٻيو ڇاپو 1994ع ص 120- 121).
2. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي. 2010ع. ص 523، 524، 525)
3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.