لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه (1104هه-1174هه)

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جي پيدائش 10 ربيع الاول 1104 هجري مطابق 19 نومبر 1692ع خميس جي رات لاڙ طرف ”ميرپور بٺوري“ ضلعي ٺٽي ۾ ٿي مخدوم صاحب جا وڏا پهريان سيوهڻ ۾ اچي رهيا. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي والد عبدالغفور پنهور به سيوستان (سيوهڻ) جي عالمن مان هڪ هو. پاڻ سيوهڻ مان لڏي ”بٺوري“ ضلعي ٺٽي م اچي رهيو.
مخدوم محمد هاشم جو نسب نامو: مخدوم هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمان بن عبداللطيف بن عبدالرحمان بن خير الدين السندي البتورائي ثم البهرام پوري ثم التتوي.
مخدوم صاحب فارسي، صرف ونحو ۽ فقه جي ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽ پڙهيو. وڌيڪ تعليم لاءِ ٺٽي جو رخ ڪيائين. ڇهن مهينن جي عرصي ۾ مخدوم محمد سعيد وٽ عربي تعليم ۽ شرح جا سڀ سبق ياد ڪيائين. سندن ذهانت ڏسي شهر جا وڏا عالم حيران ٿي ويا. ۽ پوري شهر جا ماڻهو سندس حد کان وڌيڪ عزت ڪرڻ لڳا.
مخدوم صاحب نون سالن جي عمر ۾ عربي، فارسي علم حديث ۽ باقي ڪتاب مخدوم ضياءَ الدين ٺٽوي وٽ پڙهي پورا ڪيا. اوچتو مٿان والد صاحب عبدالغفور 1113 هجري مطابق 1702ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس گهڻو صدمو رسيو. آخرڪار علم حديث ۽ تفسير جي سعادت 1135 هجري 1722ع حرمين شريفين جي سفر دوران حجاز مقدس جي عالمن کان حاصل ٿي. پاڻ حج به ڪيو. مڪي شريف ۽ مديني شريف جي عالمن کان علمي ڄاڻ ملي ۽ عالمن وٽان سَنَدُون به حاصل ڪيائين.
مخدوم صاحب جن عالمن کان تعليم حاصل ڪئي. انهن ۾ سنڌ جا عالم سڳورا هيءَ آهن. مخدوم صاحب جو پهريون استاد والد صاحب عبدالغفور هو.ان کانپوءِ مخدوم سعيد ٺٽوي، مخدوم ضياءَ الدين ٺٽوي، رحمت الله ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي: مولانا دين محمد وفائي جي بقول ته مخدوم محمد هاشم، ٺٽوي صاحب عربستان ۾ جن استادن کان علم حاصل ڪيو. انهن ۾ شيخ عبدالقادر حنفي مڪي. هن بزرگ جي وفات 1138 هجري 1726ع ۾ ٿي.
شيخ عيد بن علي مصري. سندس تعلق مصر ملڪ سان هو. هن بزرگ 1140 هجري مطابق 1728ع ۾ وفات ڪئي.
شيخ ابو طاهر محمد مدني: هي بزرگ مخدوم صاحب ۽ شاهه ولي الله جو به استاد رهيو.
ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي دؤر حڪومت ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کي وڏو قاضي ۽ شريعت جو نگران مقرر ڪيو. ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙو درويش صفت ۽ علم دوست حڪمران هئا. جن عالمن ۽ عارفن جي قدرداني ڪئي.
مخدوم صاحب حرمين شريفين جي سفر کان موٽندي سن 1136 هجري مطابق 1723ع ۾ ”سورت بندر“ ۾ قادري سلسلي جي بزرگ ”سيد سعد الله سُورتي“ کان روحاني تعليم حاصل ڪئي. پورو هڪ سال سندس خدمت ۾ رياضت ۽ عبادت ۾ گذاريو. ۽ خلافت جو خرقو ڍڪي سَند حاصل ڪئي. ۽ پنهنجي مُرشد کان اجازت ملڻ بعد صفر 1137 هجري آڪٽوبر 1724ع ۾ ٺٽي واپس آيو.
سيد سعد الله سورتي 1099 هجري 1688ع ۾ غلام محمد سلوني جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ جڏهن حرمين جي زيارت کان موٽندي ”سورت“ ۾ اچي رهيو. ان ڪري ئي کيس ”سورتي“ سڏيو وڃي ٿو. ”سورت“ هندستان ۾ گجرات ضلعي جو هڪ شهر آهي. سيد سعد الله سورتي 27 جمادي الاول 1138 هجري مطابق 1726ع ۾ ”سورت“ ۾ ئي وفات ڪئي.
مخدوم صاحب پنهنجي والد صاحب جي وفات کانپوءِ ميرپور بٺوري کان لڏي اچي ”بهرام پور“ ۾ رهيو ۽ پاڻ ماڻهن کي بدعتن ۽ غير شرعي ڪمن کان روڪڻ لڳا. پر ماڻهن ڪجهه به ڪين ٻڌو. پاڻ مجبورن ”بهرام پور“ کي ڇڏي ٺٽي ۾ اچي رهيا. اُتي هڪ مدرسي جو بنياد رکيائون. ”اگر محلي“ ۾ مدرسي جو نالو ”دارالعلوم هاشميه“ رکيو. جنهن ۾ ڪيترائي علم جا پروانا خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا. ۽ فيض وٺڻ لڳا. پري پري کان ماڻهو اچي مدرسي ۾ پڙهڻ لڳا.
مخدوم صاحب هر جمع تي جامع مسجد خسرو (دابگران واري مسجد) يا ”دبگير مسجد“ ۾ اچي وعظ فرمائيندو هو. پاڻ هڪ برک عالم ۽ استاد هئا. سندن هَاڪ پوري سنڌ، هند، عرب و عجم ۾ مشهور هئي. مخدوم صاحن کان جن بزرگن تعليم حاصل ڪئي. اُنهن ۾: سيد شهمير شاهه مٽياروي، مخدوم مئيڏنه نصرپوري، مخدوم عبدالرحمان (وڏو فرزند). سيد محمد صالح شاهه جيلاني گهوٽڪي وارو، مخدوم ابوالحسن صفير ٺٽوي مدني، مخدوم عبداللطيف (ٻيو نمبر فرزند). شاهه فقير الله علوي شڪارپوري. مخدوم عبدالله منڌرو (نرئي وارو). مخدوم عبدالخالق ٺٽوي. مخدوم نور محمد نصرپوري شيخ الاسلام مراد سيوهاڻي. عزت الله ڪيريو (چوٽيارين) جو رهاڪو هو. حافظ آدم طالب علم ٺٽوي. نور محمد خسته ”ٽکڙائي“. مخدوم صاحب جا شاگرد هئا.
مخدوم صاحب سنڌي عربي ۽ فارسي ٻولي ۾ ڪتاب لکيا. عربي جا ڪتاب ”جامعـﺒ الازهر“ يونيورسٽي مصر جي نصاب ۾ پڙهايا ويندا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم صاحب جي هڪ عربي ڪتاب مان ڪتابن جو تعداد عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ (105) ڄاڻايا آهن. عربي ۾ 74 ڪتاب، فارسي ۾ 21 ڪتاب ۽ سنڌي ۾ 10 ڪتابن جا نالا ڄاڻايا آهن.
سنڌي ڪتابن ۾: زاد الفقير، قوت العاشقين، راحت المؤمنين، سايه نامه، بناء اسلام، تفسير هاشمي، تحفته التائبين، اصلاح مقدمـﺒ الصلوات. تنبيه نامو، عربي ۾ مظهر الانوار، فاڪهـﺒ البستان. فرائض الاسلام. الوصيـﺒ الهاشميه، بياض هاشمي، ڪفايته القاري.
فارسي ڪتابن ۾ : حيات الصائمين، مدح نامه سنڌ، اصلاح مقدمـﺒ الصلواة وغيره.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي عمر 70 سالن جي قريب ٿي ته 16 ربيع الاول 1174 هجري تي تيز بخار ٿيو، پاڻ 6 رجب المرجب خميس جي ڏينهن 1174 هجري مطابق 9 فيبروري 1761ع ۾ هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي. مخدوم صاحب کي غسل سيد عبدالقادر شيرازي، ميان محمود، سعد الله، فخر الدين، ابراهيم رنگريز ۽ حافظ آدم طالب علم ڏنو. جنازي نماز مخدوم محمد باقر پڙهائي. ڏهه هزار ماڻهن جنازي نماز ۾شرڪت ڪئي. سندس آخري آرام گاهه مڪلي ٽڪري تي آهي.
مخدوم صاحب کي ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي جي اولاد ٿي. فرزندن ۾ مخدوم عبدالرحمان هي قرآن پاڪ جو حافظ وڏو عالم ۽ صوفي هو. 51 سالن جي عمر ۾ 5 ربيع الاول 1181 هجري مطابق پهرين آگسٽ 1767ع ۾ وفات ڪئي.
مخدوم عبداللطيف: هي مخدوم صاحب جو ٻيو نمبر فرزند هو. ولادت 14 شعبان 1144 هجري ۾ قرآن پاڪ جو حافظ، حديث جو وڏو عالم هو. 45 سالن جي عمر ۾ 17 ذوالقعد 1189 هجري ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي. مڪلي جي ٽڪري تي والد صاحب جي پيراندي ۾ دفن آهي.
شهنشاهه لطيف ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي همعصر بزرگ آهن. ٻنهي بزرگن جي ملاقاتن جو سلسلو ۽ روح رهاڻيون 54- 1153 هجري تائين قائم رهيون. مخدوم صاحب شهنشاهه لطيف سان دلي طرح پيار ڪندو هو. ايتري قدر جو پنهنجي پٽ جو نالو به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نسبت عبداللطيف رکيو هئائين.
حوالا: 1. مخدوم هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
2. فڪر لطيف، تنظيم فڪر وَ نظر سنڌ (سکر). 3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.