لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

مخدوم عبدالله نرئي وارو (1150هه-37/ 1236هه)

مخدوم عبدالله نرئي وارو به وڏي مرتبي جو بزرگ عالم ٿي گذريو آهي. هن کي مخدوم عبدالله منڌرو به چيو وڃي ٿو. هي بزرگ ذات جو ”منڌرو“ هو. ۽ بدين جي ”مانڌر“ واري ايراضي جو رهندڙ هو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي: مخدوم عبدالله جي پيدائش تاريخ جو سن 1150 هجري بمطابق 1737ع ڄاڻايو آهي. والد جو نالو ميان محمد هو. مخدوم صاحب ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٺٽي جهڙي عظيم شهر مان حاصل ڪئي. ڇو ته ٺٽو شهر علماءِ ڪرام جو حوالي سان صف اول ۾ شمار ٿئي ٿو. جتي وڏا علماءَ ڪرام پيدا ٿيا آهن. پاڻ ٺٽي جي وڏي بزرگ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي. مخدوم عبدالله هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو. ديني تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي استاد جي اسرار تي پنهنجي ڳوٺ ”نرئي“ ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيو.
تبليغ اسلام کان به ماڻهن کي روشناس ڪرايو. سندس مهارت ڏسي پري پري کان وڏا عالم اچي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ درس مان مستفيض ٿيا.
مخدوم عبدالله ”نرئي“ ۾ رهي ڪري ماڻهن کي سُٺي اخلاق سان پيش اچڻ، ملڻ، جلڻ، ڳالهائڻ اٿڻ ۽ ويهڻ هر مسئلي متعلق اهڙي طرح سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي جو ماڻهن ۾ دين جي باري ۾ ايتري ته محبت پيدا ٿي جو ڪجهه عناصرن کي اها ڳالهه نه وڻي. جو سندن خلاف ٿي بيٺا ۽ دشمن بڻجڻ لڳا.
مخدوم صاحب جي دل ۾ ته هميشه محبت جا گُل سجايل هئا جو خون خرابي ٿيڻ کان بهتر سمجهي. ڪڇ جي ڳوٺ ”سُٿري“ (تعلقي ابڙاسي) طرف رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ اُتي اچي رهيا. بقايه زندگي آخري دم تائين ڳوٺ ”سُٿري“ کي ئي پنهنجو مسڪن بڻايو ۽ الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا.
مولانا محمد صادق ٺٽوي جهڙي عالم: مخدوم صاحب کي هڪ خط ۾ ”جامع اڪمالات بديع السجايا“ ۽ وري ٻئي خط ۾ ”معدن الفضائل الجلية منبع الڪمالات المعنويه الاخ في الله شيخ عبدالله“ ڪري ساراهيو آهي. مخدوم محمد زمان لواري ۽ مخدوم عبدلله ”نرئي“ واري جي به پاڻ ۾ خط ڪتابت ڪافي هئي.
مخدوم عبدالله ڪافي ڪتاب ترتيب ڏنا. جيڪي پوين وٽ موجود آهن. ڪجهه ڪتابن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
ڪنز العبرت، قمر المنير، بدرالمنير، نور الابصار، خرينه اعظم، تفسير يوسف، هفت بهشت، غزوات، خزية الابرار، شجاعت سيد الانام خلفاءِ راشدين، سنڱ نامو، ايمان مجحل ۽ مفصل، نڪاح جي ترتيب ۽ ورثو. ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا.
مخدوم عبدالله ”نرئي“ واري بزرگ تقريباً 88 سالن جي ڄمار ۾ 37/1236 هجري بمطابق 1821ع ۾ موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڪڇ طرف ڳوٺ ”سٿريون“ ۾ آهي.

مددي ڪتاب
1. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا: ڊاڪٽر عابد مظهر 2012ع
2. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري سال 2006ع
3. مقالات خانائي: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي: سال 2006ع
4. هي جڙ اسانهين: ڊاڪٽر اسد جمال پلي: