لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

”شهنشاهه لطيف جي رسالي جا ناياب بيت“

آتڻ اورانگهي وِيا، اڱَڻِ مُون اَفسوسُ،
ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آهي سُڃَ ۾.
شاهه جو رسالو: غلام محمد شاهواڻي. (سُر حسيني، داستان اٺون بيت 2: سال 2012ع صفحو 464. سنڌيڪا ايڪڊمي ڪراچي).

اکر جو الف جو، سو مرندي سيئن م مڃ،
سوڪي هينئين سَڃ، جو الف کي اوڏو ٿئي.
شاهه جو رسالو: محمد عثمان ڏيپلائي: (سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت- 35 سال: آڪٽوبر 2009 صفحو: 54 مهراڻ ايڪڊمي شڪارپور).

جا مُهاڙِ مِهارَ، سو مُنهن مينهن نه ٿِيو،
ڪَپَرُ ڪارونڀار، ڪيئن لنگهينديون ڪُنڍِيُون.
شاهه جو رسالو: علامه آءِ آءِ قاضي: (سُر سهڻي. داستان پنجون، بيت 17 صفحو 782. سال 1993ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو/حيدرآباد سنڌ).

گندُ جن جي گوڏِ ۾، ڪَڍَنِ ڪالوڙا،
لوڙيون کينِ لطيفُ چي، آسَڻَ اَ جُوڙا،
تَماچِي توڙا، وَڻِي ويچارَنِ سِين.
شاهه جو رسالو: عثمان علي انصاري: (سُر ڪاموڏ، داستان پهريون، بيت 17 سال: جون 2013ع صفحو 437 ثقافت کاتو حڪومت سنڌ).

هوتَن ڪارڻِ هيرَ، نيڻَ نِهارا مُون ڪيا،
پنهون ڀري پير، پُڇي مانَ پِيا ديين.
شاهه جو رسالو: مرزا قليچ بيگ: (سُر ڏهر فصل ٻيو بيت 17 سال: 2007ع. ص: 496 سنڌ لنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ).

زُمَر زُ خرف سومرا، تن ۾ تونهين تُون،
لَئون منجهه لطيف چئي، آهي لَحم لَبنِ لُون،
مارُن موڪل مُون، وريو ورق وصال جو.
شاهه جو رسالو: محمد قاسم راهمون (ساڪري): (سُر مارئي، داستان پنڌرهون. بيت 17 سال 2011ع روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو صفحو 664)

سَختي شَهادت جي، شادي جو ڏينهن،
ذَرو ناهه يِزيد ڏي، نِسورو ئِي نينهن،
مَرُڪَ وَٺو مِينهن، عَلِي جي اولاد تي.
شاهه جو رسالو: سگهڙ حاجي الهداد جنجهي (سُر ڪيڏارو بيت 10. داستان پهريون. صفحو 137 سال ڇاپو ٻيو: جون 2008ع ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ).

تارا! تيلاهِين، تو ڏانهُ گهڻو نِهاريان،
سَڄڻ جيڏا هِين، تون تيڏا هِين اُڀِرين.
شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: (سُر کنڀات، داستان پهريون بيت 19 صفحو 82 سال 2012ع سنڌيڪا ايڪڊمي ڪراچي).

وَٺِيو وَڃِجُ واٽ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجُ ڪيڏ هِين،
لوڻي ڦير لَپاٽ، لڳنديئي لطيف چئي.
شاهه جو رسالو: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: (سُر مومل راڻو. فصل چوٿون بيت 2 صفحو 444. سال جنوري 2015ع. ڇاپو پنجون، مهراڻ ايڪڊمي شڪارپور).

وانءُ اورانگهي اوريان، پيءُ مَ طَهُورا،
وِچان جي وصال کي، سي سَڀِ اَجُورا،
حاصِلُ حُضورا، سَمي جي سَڀُ ٿِئي.
شاهه جو رسالو (حمائل سائيز): استاد لغاري: (سُر بلاول. داستان ٻيو، بيت 8، صفحو 181. سال 2015ع سُهڻي سنڌ ايڪڊمي کپرو سنڌ).