صوفي فقير جانڻ چن سائين (1312هه-1416هه)
چن جانڻ گهوري، ڏنو سر سوري،
اڇليائين اڏي تي، تڪي نه توري،
اٿم اميدون، هوندم قبر تي.....
فقير جانڻ چن غريبن جو يار. اڙين جو آڌار، هڪ سچو ۽ کرو انسان هو، هميشه سچ جي سڙڪ ورتائين. پوءِ ڀل ڪو ڪيڏو وڏو اڳواڻ ڇو نه هجي، مد مقابل سامهون ٿي حق سچ وارا چيل لفظ، سندس اڳيان ڪنڊن بجاءِ گُل ٿي نڪتا، حقيقت ۾ پاڻ هڪ سماج سڌارڪ ٿو ڏسجي، حق ۽ سچ جو پيروڪار هو.
فقير جانڻ چن کي جڏهن سرڪار زمين ڏني ته پاڻ اُها زمين جيڪا
(150) جريبن تي مشتمل هئي. غريبن ۾ ورهائي ڇڏي. پاڻ صوفي رنگ ۾ سمايل هو. گيڙو ڪپڙا، ڳچي ۾ چڙا، پيرن ۾ ڇير ٻڌي، مالڪ اڳيان محبت جا گيت ڳائي، مالڪ کي ريجهائڻ، سادو کائڻ، سادو اٿڻ ويهڻ ئي هڪ صوفي جي سوچ آهي. جيڪا مالڪ محبوب اڳيان عجز انڪساري ۾ پيش ڪري صوفي ٿي ڪري ثابت ڪري ڏيکاري.
فقير سائين کي جڏهن مرشد مهدي سائين اجازت ڏني ته پاڻ سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جو سير سفر ڪيو، ڪيترائي طالب ڪيائين، جن ۾ فقير حب علي، منٺار علي، حُر علي، حميد علي، پتنگ علي، سامان علي، نثار علي جن سندس حق ۽ سچ جو فيض ورتو.
پاڻ هڪ ڏينهن مهدي سرڪار جي درٻار ۾ پهتا، مهدي سائين کي جيڪو ڏيڻو هو، سو ڏنائين ۽ چيائين ته ”هي عشق جو آب اٿيئي جو تاحيات رهندو“! جنهن کي سيني سان لائي فقير هينئن پيش ڪيو.
محبوب منهنجي جا آهن، مظهر نوان نوان،
مثل بي مثال، به نظارا نوان نوان.
فقير کي پنجتن پاڪ سان عشق هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪلام چوندي ئي وجد واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. سدائين اکين مان ڳوڙها هڪ سمنڊ جيئن ڇوليون هڻندا رهندا هئا. ايتريقدر جو سونهاري به آلي ٿي ويندي هئي. سندس چيل ڪلام چئن جلدن ۾ هڪ ڪتابي صورت ۾ ”حق اثبات“ جي نالي سان مارچ 1997ع ۾ شايع ٿيو.
فقير سائين هڪ صدي جو سفر پورو ڪري 24 ڊسمبر 1995ع بمطابق 1416 هجري تي هن فاني جهان کان موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرام گاهه موندر لاکا تعلقي وارهه ويجهو نصيرآباد لاڙڪاڻي ۾ آهي.
حوالو:-
ڪتاب سونهان منهنجي سنڌ جا ليکڪ سليم چنا سال 2014ع.
جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع