لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

حضرت مخدوم نوح سرور هالائي (911 هه_ 998هه)

مخدوم نعمت الله صديقي هالائي جي فرزند مخدوم نوح سرور سائين جي ولادت با سعادت 27 رمضان المبارڪ 911 هجري مطابق 21 فيبروري 1506ع ۾ ٿي. پيدائش سمن بادشاهه جي سونهري دور ۾ ٿي. پاڻ ستن ڏينهن جا ٿيا. ته آذان ٻڌڻ شرط ڪلمه شهادت پڙهيائون. جنهن کي ڪافي ماڻهن ٻڌو. قرآن پاڪ جي تعليم مخدوم عربي دياڻي جي مدرسي ۾ پڙهندي هڪ ڏينهن غسل ڪندي ڪشف واري حالت ۾ سهڻي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت علي سائين رضي الله تعاليٰ عنه جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. ۽ ڦرهي تي سهڻي سردار صلي الله عليه وآله وسلم ڪجهه سٽون لکي ڏنس. ۽ کيس سبق ڏنائين جنهن کان پوءِ سمورا علوم مٿس کلي پيا. ۽ انهي ڏينهن لا الا الاالله جي ذڪر جي تلقين ڏيڻ جي اجازت به ملين.
انهي دور ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو (914 هجري، 1508 ع) ۾ وفات ڪئي. ۽ سونهاري سنڌ تي ڌارين جي ڪاهه شروع ٿي ويئي. شاهه بيگ ارغون 1521 ع _ 927 هجري ۾ ڄام فيروز سمي کي شڪست ڏيئي ارغون جو جهنڊو هن سرزمين تي بلند ڪيو. ارغون جي دور ۾ همايون بادشاهه شيرشاهه کان شڪست کائي سنڌ ۾ 1540ع _ 947 هجري ۾ سنڌ ۾ آيو.
950 هجري 1543ع تائين شاهه حسن ارغون ۽ همايون جي وچ ۾ ڪشمڪش هلندي رهي. اڃان سنڌ پاڻ سنڀاليو ئي مس ته شاهه حسن ارغون کان پوءِ عيسيٰ ترخان ۽ محمود بکري درميان خونريز جنگيون شروع ٿيون مخدوم نوح سرور ڄام نظام الدين سمي کان وٺي. ارغون ۽ تر خان جا دور به ڏٺا. سندس ڄمڻ واري دور ۾ سنڌ ۾ ”مهدوي تحريڪ“ ۾ ”بلاولي تحريڪ“ جو زور هو.
مخدوم صاحب کان جڏهن ڪو به سوال پڇيو ويندو هو ته پاڻ علمي نموني ۾ اهڙو ته جواب ڏيندا هئا. جو وڏا علماءَ حيران رهجي ويندا هئا. هڪ دفعي ٺٽي شهر ۾ علماءَ ۽ طالبن کي قرآن پاڪ جي هڪ آيت جون ايتريون ته معنائون فرمايائون جو سڀ حيران ٿي ويا. ۽ ڏسندي ڏسندي عجب ۾ پئجي ويا. پاڻ 36 تفسيرن جا نالا وٺندي فرمايائون ته فلاڻي تفسير ۾ هن ريت ۽ فلاڻي ۾ هن ريت آهي. جن مان عالمن ڪي سمجهيون ڪي نه سمجهيون. آخر ڪار، عالمن ۽ طالبن عرض ڪيو ته ” اسان جي حق ۾ دعا گهرو.“ پاڻ فرمايائون ته ”آءُ الحمد پڙهان ٿو، آوهان آمين چوندا وڃو.“ جڏهن الحمد پوري ڪيائون ته حاضر مجلس آمين چوندڙ ولايت جي درجي کي رسيا.
پاڻ مريدن ۽ متعقدن جي هدايت لاءِ بيت چوندي فرمايو ته
ماڪ نه ڀانيو ماڙ هئان. پيئي جا پرڀات،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
مخدو صاحب جي والد مخدوم نعمت الله صديقي جا به ڪيترائي معتقد ۽ مريد هئا. سندس فرزند مخدوم نوح جي ولادت با سعادت جون پيشگوئيون به ڪيترن درويشن جي واتان ٻُڌي چڪو هو.
مخدوم نوح پنهنجي آخري بيماري واري وقت ۾ پڻ ڪن رفيقن ۽ پيارن جي جُدائي محسوس ڪندي فرمايائون ته.
نه سي جوڳي جوءِ ۾ ، نه ساسُکي چاٽَ
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.
مخدوم نوح سرور رح جهڙي ڀلاري بزرگ 27 ذوالقعد 998 هجري مطابق 27 سيپٽمبر 1590ع ۾ مالڪ حقيقي جي بارگاهه وڃي ابدي آرامي ٿيا. مخدوم صاحب چار شاديون ڪيون. جن مان ٻارهن فرزند ۽ نياڻين جي اولاد ٿي. جن ۾ 1 ِميان امين محمد 2 ميان حامد 3 ميان نور محمد 4 ميان احمد راهو 5 ميان دائود 6 ميان موسيٰ 7 ميان هارون 8 ميان يوسف 9 ميان آدم 10 ميان ميران محمد 11 ميان ابراهيم ۽ 12 ميان جلال الدين چوٿين گهرواري مان ڪو به اولاد نه ٿيو مخدوم صاحب جي آخري آرام گاهه (هالا شهر) ۾ آهي.

حوالا:_
1 (مخدوم نوح سرور رح جا سهيوڳي: پروفيسر محبوب علي چنا)
2 (شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جي دور ۾ تصوف جا سلسلا : ڊاڪٽر عابد مظهر)
3 حديقته الاولياءَ: سيد عبدالقادر ٺٽوي.
4 جوهر تقوم: ضياءُ الدين لاهوري.