لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

خواجه غلام فريد (سرائڪي بزرگ شاعر) (1261هه-1319هه)

خواجه غلام فريد جو جنم ديرا غازي خان جي سر زمين ڳوٺ مٺڻ ڪوٽ (چاچڙان شريف) ۾ 26 ذوالقعد 1261 هجري بمطابق 26 نومبر 1845ع ۾ ٿيو. جڏهن پاڻ چئن سالن جو ٿيو. 1849ع ۾ والده به وفات ڪري ويئي. والد صاحب جو نالو مولانا خدابخش المعروف حضرت محبوب الاهي هو. مولانا خدابخش سُتت ئي 1853ع مطابق 1269 هجري ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪئي پوءِ سندس پرورش وڏي ڀاءُ غلام فخر الدين ڪئي ۽ خواجه غلام فريد کي مُرشدي جو سڳو به وڏي ڀاءُ غلام فخر الدين ٻڌو. خواجه غلام فريد جو تاريخي نالو خورشيد عالم رکيو ويو. پر خواجه غلام فريد نالي سان شهرت ملي. 8 سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد جي مڪمل تعليم ڪرڻ کانپوءِ عربي ۽ فارسي ۾ ثانوي تعليم شروع ڪئي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ هوشيار هئا. نواب صادق محمد خان والي رياست بهاوالپور سندس خاندان جو ابن ڏاڏن کان عقيدتمند هو. سندس پراسرار خواهش تي خواجه غلام فريد پنهنجي مامي غلام محمد ۽ استاد مولانا قائم الدين سان گڏجي نواب صادق وٽ پهتا. نواب صاحب سُٺي خدمت چاڪري ڪئي ۽ دعاءِ فيض ورتو.
ماءُ ۽ پيءُ کان پوءِ سندس جو سهارو وڏو ڀاءُ مولانا غلام فخر الدين به 1288 هجري بمطابق 1862ع ۾ هن جهان کان موڪلاڻي ڪئي. خواجه غلام فريد جي 18 ورهين جي هن عرصي ۾ سندس وڏي ڀاءُ جي موت جهوري وڌو. پنهنجي ڀاءُ جي وفات کانپوءِ مسند سنڀالڻو پيو. 28 ورهين ۾ دنيا کان علحدگي اختيار ڪري شهنشاهه لطيف وانگي جيئن ڀٽ کي وسايو، تيئن غلام فريد روهي جي جهنگ ۾ پرسڪون دڙي کي پنهنجو آستانو بڻايائين. زندگي جا پورا 18 سال هڪئي جڳهه تي رياضت ۽ عبادت ۾ گذاريائين. هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن سان گڏ 1292 هجري 1875ع ۾ خواجه غلام فريد کي حج جي سعادت نصيب ٿي. پاڻ قافلي جي صورت ۾ ملتان کان لاهور، لاهور کان دهلي ۽ دهلي کان اجمير شريف. ممبئي رستي عربستان ويا. پاڻ مختلف شهرن ۾ پنهنجي مريدن سان هر شهر ۾ عظيم هستين جي مزارن تي حاضري ڏني ۽ ملاقاتون ۽ روح رهاڻيون ڪيون. انهي سفر دوران پنهنجي ڪنهن به مريد کي خرچ ڪرڻ نه ڏنو. خود خرچ برداشت ڪيائين. اُن وقت ۾ به 36 هزار روپيا رستي جو خرچ آيو. حج تان واپس اچڻ بعد باقي زندگي جا ڏينهن مٺڻ ڪوٽ ۾ گُذاريائين.
حياتي جي آخري ڏينهن ۾ مٺن پيشابن جو مرض ٿي پيو ۽ خارش جي ڦرڙين جي جهوري وڌو. تان جو هن سرائڪي زبان صوفي شاعر بزرگ سال 1901ع ۾ جولاءِ جي 24 تاريخ ۽ ربيع الثاني جي 7/6 تاريخ 1319 هجري ۾ 56 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا کان موڪلاڻي ڪئي. سندس قبر مبارڪ مٺڻ ڪوٽ ۾ آهي. جتي هر سال 3 ڏينهن عرس مبارڪ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي.
سندس والد صاحب مولانا خدابخش کي جيئن، اردو، پنجابي، سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي خاصو عبور حاصل هو. تيئن خواجه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ ۽ سنڌي ثقافت کي سهڻي انداز ۾ شاعري جو روپ ڏنو آهي. رياست بهاوالپور جو والي نواب صادق محمد خان (چوٿون) سندس مريد هو.
بلوچستان جو سردار نواب قيصر خان مگسي، خواجه غلام فريد جو وڏو عقيدتمند هو. هُو جڏهن به خواجه صاحب سان ملڻ ايندو هو ته سنڌ جا راڳي ۽ وڄتا پاڻ سان گڏ وٺي. سندس حاضري ۾ شريڪ ٿيندو هو.
خواجه غلام فريد جي ڪلام ۾ 271 ڪافيون آيل آهن. جيڪي وڇوڙي جي آلاپ ۾ چيون اٿس. سندس ڪلام ۾ شاهه لطيف جي هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. سندس صوفين جيئن هڪ ئي خيال نظر ايندو هو. پاڻ هڪ هنڌ هينئن فرمائي ٿو.
هر صورت وچ يار دا جلوه ڪيا آسمان زمين،
احدا هابڻ احمد آيا موهين چين بچين.
خواجه غلام فريد به شاهه سائين جيئن ”سسئي“ کي پنهنجي ڪلام ۾ وڌيڪ ڳايو آهي. 66 ڪافيون پنهنجي ڪلام ۾ سسئي کي نروار ڪن ٿيون ۽ ڪلام ۾ (5) ڪافيون مومل راڻي واري قصي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون اٿس.

حوالا:-
اسلامي شاهڪار انسائيڪلو پيڊيا سيد قاسم محمود ص 1241)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر: ڪمال ڄامڙو طارق عزيز شيخ نومبر 1998ع.
جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.