لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

شهنشاهه لطيف ؓ جو سير سفر واور دور

شهنشاهه لطيف 18 سالن جي عمر ۾ (1120هه _ 1708ع) زندگي جو خاص الخاص ”طلب، تلاش ۽ پروڙ وارو دور هو.“ پهريان پندرهن سال (1120هه _ 1135هه) (1708ع _ 1723ع) تائين. جنهن ۾ سندس سلوڪي طلب ۽ تحقيق وارا پنڌ پيچرا هئا. ۽ پوين پنجن کان ستن سالن (1135هه _ 1142هه) (1723ع _ 1730ع) جنهن ۾ ٻاهرين سفر کان علاوه (ڀٽ) تي توجهه ڏيڻ هو. انهي ٻنهي دورن ۾ حق ۽ حقيقت جي طلب ۽ تلاش جا جيڪي نتيجا نڪتا. اُنهن جا اُهڃاڻ شهنشاهه لطيف جي پوئين دور واري زندگي ۾ نمايان نظر آيا.
عملي ۽ فڪري ڪشالي جا (پنج) رخ جن ۾ (1) سير سفر ڪرڻ (2) شادي جي رسم ادا ڪرڻ (3) شاهه ڪريم (وڏي ڏاڏي) جي طور طريقي کي سجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ.(4) سلوڪ ۽ معرفت جي اعلا فڪر ۽ ڄاڻ لاءِ شاهه ڪريم جي بيان ڪيل نُڪتن. ۽ مولانا جلالدين رومي جي مثنوي ۾ سمايل رازن کي پروڙڻ. (5) ٻين جي تلقين لاءِ پنهنجي فڪر کي سنڌي بيتن ۽ والدين ذريعي ظاهر ڪرڻ هو پهه ڪيائين.
(شاهه جو رسالو : ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ . سال 2012 ص _ 12)
شهنشاهه لطيف پنهنجي سفر جي شروعات انهن ماڳن سان ٿي. جتي اڳ هو پنهنجي والد صاحب سان گڏجي ويندو هو. انهن ۾ مٽياري، گنجوٽڪر، بُلڙي، ۽ ٺٽو هئا. اتر طرف (پراڻن) هالن جو تاريخي شهر ڪوٽڙي کي ويجهو هو. جو پڻ ”ساداتن“ جو پهريون ماڳ هو. هالن کان ڏهه ميل اوڀر طرف ” گولي پير جو مقام“ هو. جو اُتي پڙ ڏاڏو جلال شاهه (جمال شاهه) شهيد جو مزار هو. نصرپور ۾ وڏو شاعر ۽ درويش ميون شاهه عنايت رضوي رهندو هو. جتي به شهنشاهه لطيف جو وٽس وڃڻ ٿيندو هو. روايت آهي ته شاهه صاحب درد واري حالت ۾ هو. ته شاهه عنايت جي حويلي ٻاهران ”ٻانهي“ ملين. انهي کي نياپي طور هو لفظ چئي شاهه عنايت ڏانهن موڪليو. ته ”در تي ڪري دانهن، در تي ڪري دانهن “. ميون عنايت رضوي اِهو نياپو ٻُڌندي در تي آيو. ته شهنشاهه لطيف تي نظر پيس. تڏهن فرمايائين ته:
ڪُلهي لائي ٻانهن، کڻي پرين ڪنديس پنهنجو“.
شهنشاهه لطيف. شاهه عنايت رضوي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ايتري قدر جو ”سُرن جي ترتيب“ ۽ وائي جو خاڪو“ به شاهه عنايت جو ئي کنيو.
(شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ . ص _ 13)
( لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا: محمد سومار شيخ ص 110 _ 112)
شهنشاهه لطيف نصرپور ۾ آيو. شاهه عنايت کان سکيائين. شاهه لطف الله قادري کان پروڙيائين. جمال شاهه، ڏاتي فقير خواجه محمد زمان کان معرفت جا وڏا نڪتا ورتائين ۽ بڙ جي ڍوري ۾ (رمضان جت جي ڳوٺ) ۾ اُهي نڪتا بطور امانت عبدالعظيم شاهه عرف وڏل شاهه کي ڏنائين. جنهن اِهو نڀاهي. گنج جوڙيو. انهي ڪري شاهه جو اهو سفر ”گنج“ لاءِ هڪ سفر هو. (لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا: محمد سومار شيخ 108_ 109).
ساڱري ڍوري ڪناري سان اتران ” مشائخ هوٿي“ جي درگاهه هئي. جيڪو پاڻ يا کانئس پوءِ سند ٻه پهتل فرزند ”احمد ۽ محمد“ ميين شاهه ڪريم سان مليا هئا. ٻين مهمانن بزرگن ۾ درويش آچر، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش پلي پنيو سهاڙ، مخدوم محمد اسماعيل سومرو (اگهم ڪوٽي). شيخ موسو، رُڪن الدين، ميرڻ ڪاتيار، مهراڻ فقير نهڙيو، (1) مخدوم صابرو لهاري جو ٽنڊو الهيار (حيدرآباد) جي ڀرسان آرامي آهي لطيف سائين جي آمد جو ٻُڌي. ملاقات لاءِ ڪهي آيو. ٻئي بزرگ هڪٻئي سان احترام سان مليا. پر مخدوم جو هڪ ساٿي لطيف سائين کي ٽوڪڻ لڳو. ۽ سندس اوڍيل کٿي جي توهين ڪيائين. تڏهن لطيف سائين مخدوم صابرو لهاري کي ”گلاب جو گُل“ چئي. سندس ساٿي کي ”ڪنڊو“ شمار ڪيو. ۽ شهنشاهه لطيف فرمايو ته:
” پنوهارڪي پهي، جي هوند چکيائين،
ته ميهار ڪي مهي، ساجهر ڇڏيائين.
شهنشاهه لطيف انهن درويشن جي ماڳن کان ڀيرا ڪيا.
( 1 فڪر لطيف: تنظيم فڪرو نظر سنڌ (سکر) ص _ 64)
( 2 فڪر لطيف: قربان علي ميمڻ . ص _ 72)
شهنشاهه لطيف عمر ڪوٽ جي ايراضي ۾ ” ليهور“ جا کنڊرات ڏسڻ بعد ” اصحابي“ جي مزار تي وڃي چلو ڪريو. جنهن جي مزار تعلقي عمر ڪوٽ جي ايراضي ” ڪينجهه“ جي ڀڙي جي اوڀر طرف ڪافي پنڌتي هاڪڙي جي ڪناري سان آهن. جنهن لاءِ مشهور آهي ته اُتي ” ماتا“ جي بيماري وارن کي وٺي ويندا آهن جيڪي هڪدم صحتمند ٿي موٽندا آهن.
”اصحابي“ جي مزار کان پوءِ شهنشاهه لطيف ليهور جي کنڊرن جي اتر طرف سومرا دور جي مشهور بزرگ ”حسن باگواڻي“ يا ” حسن باغبان“ جي مقبري تي ويهي چلو به ڪڍيو. ۽ بزرگ جي ڏهاڙي تي ”سماع جون محفلون مچائي، صوفيانه بزرگ جو رواج پڻ وڌو“.جيڪو رواج اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. (لطيف جا ٿر تان ڀيرا: معمور يوسفاڻي ص _ 68_ 69)
شهنشاهه لطيف ڪڇ ڏانهن به سير سفر ڪيو. ڪوٽير ۽ نارائڻ سر کان اڳتي ”گوهر شريف“ ۾ سندس ملاقات ڪڇ جي مشهور شاعر صالح فقير گوهريءَ سان ٿي. صالح فقير شاهه صاحب کي ڏسندي فرمايو ته:
” سيد پير سمونڊ، هي ڄامن سندو ڄام“
اگهيو در الله جي، تنهن ڪامل جو ڪلام،
پري پڇيو پانڌيا، تنهن گوهر سندو گام،
ڪو نه رهيو ڪو خام، سڀ سکي ٿيا صالح چئي.
تنهن تي شهنشاهه لطيف فرمايو ته:
” صالح ئي سُڌير، سڻ هيئين سين ڳالهڙي،
منجهان لنئون لطيف چئي، پرت سان پس پير،
ڌاران منهن مُرشد جي، کوءِ کنڊون ٻن کير،
اسم جو اڪسير، ويهه تنهن سان واڳجي !.
اهو بيت ٻڌي صالح فقير شاهه صاحب جو معتقد بنجي ويو.
(فڪر لطيف _ ص _ 153)
شهنشاهه لطيف کي (سنڌ جهڙي سرزمين) تي فخر آهي. جو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس ”سنڌ جو محافظ“ سڏيو وڃي ٿو.
3 ڊاڪٽر ارنيٽ ٽرمپ جي چوڻ موجب: ” ته شاهه هڪ فاضل ۽ عالم شخص هو. جنهن ڪجهه تعليم درسگاهه مان ۽ ڪجهه تعليم جي تجربي گاهه مان حاصل ڪئي هئي.
حوالو : شاهه جو رسالو : مولف : غلام محمد شاهواڻي ص _ 19)
ڊاڪٽر گر بخشاڻي رسالي جي مقدمي ۾ چوي ٿو. ”ته شاهه عربي ۽ فارسي جو عالم هو. پنهنجي مادري زبان تي ڪُلي ضابطو هو. نه فقط ائين. پر ٻين ٻولين ۾ سان پڻ ڪي قدر واقفيت هُيس. جهڙوڪ: بلوچي، سرائڪي، هندي، پنجابي وغيره. سندس تاريخي معلومات به وسيع هئي. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو رسالو اڪثر ساڻس هموار هوندا هئا.“
جن لاءِ پاڻ چيو اٿس: ته
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.