لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

حضرت مولانا احمد سائين (خانڳڙهه شريف) (1290هه-1352هه)

حضرت مولانا احمد سائين جو جنم 1290 هجري مطابق 1873ع ۾ خانڳڙهه ۾ ٿيو. والد صاحب جو اسم گرامي حضرت مولانا عبدالغفار هو. ديني تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ ڀرچونڊي شريف، فتح پور ۽ لوءِ صاحبان گهوٽڪي ۽ حصول تعليم جي سلسلي ۾ همايون شريف ۽ درويش نائچ مان حاصل ڪئي.
حضرت مولانا احمد سائين اٽڪل 22 سال تعليم جي حصول ۾ وقف ڪيا. 1325 هجري مطابق 1907ع ۾ والد صاحب جي وفات کان ٽئين ڏينهن دستاربندي واري رسم: حافظ محمد عبدالله (شيخ ثاني) (ڀرچونڊي شريف) واري پنهنجي هٿن مبارڪن سان ادا ڪئي.
حضرت مولانا احمد سائين 30 سالن جي عمر ۾ حضرت ميان عبدالله (هادي سائين) ڀرچونڊي شريف واري کان خلافت جو خرقو حاصل ڪيو. پاڻ ديني تعليم کان علاوه دين جي تبليغ، پرچار به ڪندا هئا ۽ پاڻ دين جي باري ۾ ڪتاب لکي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش به ڪندا هئا. شاعري سان به سُٺي دلچسپي رهي پنهنجي چيل ڪلام ۾ مداح، مناجات ڪافيون ۽ مولود سرفهرست جاءِ والارين ٿا. سندس چيل مولود تمام گهڻو مشهور آهن.
حضرت مولانا احمد سائين جي سي حرفي ايتري ته مشهور آهي جو صبح جي وقت خاص ڪري عبادتگاهن ۾ پڙهي وڃي ٿي. سي حرفي جي شروعات هنن اڍائي سٽن جي ٿلهه سان ٿئي ٿي.
اول ڀي تون آخر ڀي تُون، باطن ڀي تون ظاهر ڀي تُون،
بيشڪ تون آ بيرنگ بيچون، خاوند خالق ارض سماءَ،
لَا اِلاه اِلَا الله.
انهي سي حرفي جو ذڪر (الف) کان وٺي (ي) تي ختم ٿئي ۽ آخري هنن سٽن سان سي حرفي جي پڄاڻي ٿئي ٿي.
حسبي ربي جل الله، ما في قلبي غير الله،
نُور محمد صلي الله، مڪه مدينه بيت الله،
لَا اِلاه اِلَا الله، محمد رسول الله. (صلي الله عليه وآله وسلم).
حضرت مولانا احمد سائين پنهنجي مرشد سان عقيدت ۽ محبت جو اظهار پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي، پاڻ هڪ شادي ڪيائون جنهن مان هڪ پٽ جي اولاد نالي ميان محمود پيدا ٿيو. ميان محمود جي پيدائش 1315 هجري مطابق 1897ع ۾ ٿي.
حضرت مولانا احمد سائين 63 سالن جي ڄمار ۾ اڱاري رات 23 شوال 1352 هجري مطابق 27 جنوري 1935ع ۾ هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرام گاهه خانڳڙهه شريف ضلعي گهوٽڪي ۾ آهي. حضرت مولانا محمد قاسم مشوري ۽ ميان عبدالغفور مهر جهڙن ڀلارن بزرگن کي پاڻ خرقه خلافت جهڙي نعمت سان نوازيو.
حضرت احمد سائين جي ڇپيل ڪتابن ۾ (مشڪوات شريف) سنڌي ۾ حديث شريف جو ترجمو:
هن سنڌي ترجمي کي ”مرات الشريح“ جو نالو ڏيئي حضرت ڀورل سائين (ڀرچونڊي شريف) (8) جلدن ۾ پنهنجي خرچ تي ڇپرائي پڌرا ڪيا. بياض احمدي ۾ 127 ڪافيون آهن جيڪو 89 صفحن تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ 8 ڪافيون ۽ غزل شامل ٿيل آهن. حضرت احمد سائين ننڍا رسالا به ترتيب ڏنا جن کي ”مظهر“ جو نالو ڏنائون. ڀرچونڊي شريف جي پهرين سجاده نشين جي تعريف ۾ سندس چيل شعر:
وَهه ڪجلا تنهنجا تجلا، گهور ڪيون دل گهائين ٿا،
زهر عبادت تقويٰ طاعت، وسريا ٻيا سڀ وَسلا،
هڪو مَسئلا يار پڙهايا، مَحو ٿيا ٻيا مَسئلا،
اڳي هياسي عقل اڪابر، هاڻي ٿياسي ڪَملا.

حوالا:-
خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو ص 179- 180.
جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.