لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

سيد محمد صالح شاهه: ”لوءِ صاحبان وارو“ (1122هه-1182هه)

سيد محمد صالح شاهه جي ولادت 1122 هجري مطابق 1710ع ۾ حضرت سيد پير موسيٰ شاهه جي گهر ”لوءِ صاحبان“ ۾ ٿي. ڪنيت ”شرف الدين“ ”ابو جمال“ ۽ لقب ”مُتقي“ هو. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي پرهيزگار ۽ سخاوت جا ڪوڏيا هئا.
سندس شروعاتي دؤر والد صاحب جي رهنمائي ۾ گذريو ۽ بعد ۾ ٻارهين صدي جي وڏي محدث. علم جي ڄاڻو ۽ بزرگ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليه وٽ حاضر ٿيا. ۽ مدرسي ۾ تعليم جا سڀ سبق ياد ڪيائون. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جو مدرسو پوري سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان اوّل صف ۾ شمار ٿيندو هو. جتان ڪافي عالم ۽ بزرگن تعليم مڪمل ڪري پنهنجي ماڳ اچي ماڻهن کي اسلام جي تعليم کان واقف ڪيو.
سيد محمد صالح شاهه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جهڙي ڀلاري بزرگ کان تعليم پوري ڪري فيض مان فيضياب ٿيو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي اُن وقت ”صحيح بخاري شريف“ جو قلمي نسخو پنهنجي هن پياري شاگرد کي پنهنجي هٿن مبارڪ سان ڏنو ۽ اجازت ڏني ته وڃي پنهنجي حاصل ڪيل تعليم مان ماڻهن کي اسلام جي ترغيب ڏي. ۽ خراب ڪمن کان آجو ڪراءِ. سيد محمد صالح شاهه وٽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي طرفان ڏنل ”بخاري شريف“ اڄ به پوين وٽ صحيح سلامت موجود آهي.
سيد محمد صالح شاهه پاڻ شريعت جو صاحب ۽ طريقت جو ڪامل ولي هو. سندس والد صاحب پير موسيٰ جي رهنمائي هيٺ به ڪافي وقت گذريو. والد صاحب کان به گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو هئائين. حضرت پير موسيٰ شاهه ڇنڇر جي ڏينهن 8 ذوالحج 1173 هجري بمطابق 22 جولاءِ 1760ع ۾ دارالبقا طرف موڪلاڻي ڪئي ۽ جامع مسجد لڳ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. حضرت پير موسيٰ شاهه جي وفات بعد 1173ع هجري ذوالحج مهيني ۾ سيد محمد صالح شاهه کي سجاده نشيني جي مسند تي ويهاريو ويو. پاڻ ڪافي ماڻهن کي علم جي لاٽ ڏني ۽ ڪافي مريد سندس فيض مان فيضياب ٿيا.
سيد محمد صالح شاهه جامع مسجد ۾ توسيع ڪري اتريون گُنبذ ۽ حصو تعمير ڪرايائون بعد ۾ سيد محمد عابد شاهه به مسجد جي ڏاکڻي گنبذ ۽ ان جي حصي کي تعمير ڪرايو. جامع مسجد ”لوءِ صاحبان“ جيڪا ٽن گنبذن تي مشتمل آهي. هي 84 ٿنڀن واري مسجد جنهن جي هڪ هڪ سِر تي قرآن پاڪ جو ختم ٿيل آهي. 1148 هجري 1735ع ۾ جڙي مڪمل تيار ٿي.
جامع مسجد کي اِهو به شرف حاصل آهي جو شهنشاهه لطيف ملتان کان واپس ڪاشي سرون ساڻ ڪري. ٻيڙي رستي هن سر زمين ۾ قدم رکيا ۽ عصر جي نماز فرض حضرت پير موسيٰ شاهه جي اسرار تي پيش امام ٿي پڙهائي هئائون.
سيد محمد صالح شاهه زندگي جون (60) بهارون پوريون ڪندي 11 شوال 1182 هجري. مطابق 17 فيبروري 1769ع ۾ رحلت فرمائي. سندس مقبرو وڏي خانقاهه ۾ موجود آهي.

مددي ڪتاب
مولانا: 1. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
2. مون ۾ آهين تون: سيد مُرشد گيلاني
3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.