قادر بخش ”بيدل“ (1230هه- 1289هه)
بيدل سائين حضرت عبدالقادر جيلاني سائين جو احترام رکندي. پنهنجو نالو عبدالقادر کان قادر بخش رکيائين. سندس وڏا پاٽولڪو ڌنڌو ڪندا هئا.
سندس والد محمد محسن مير جان الله شاهه جو مريد هو. کيس عرض ڪيائين ته پٽ جي ضرورت آهي. مرشد الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ عرض رکيو جو مالڪ مهربان راضي ٿيو. جو سندس محمد محسن کي پٽ ڄائو جو دائي کيس اچي مبارڪ ڏني ته پٽ ڄائو آهي. پير پيرن کان منڊو آهي. پاڻ اُن وقت مُرشد مير جان الله شاهه وٽ ويٺا هئا. تنهن تي مير جان الله شاهه چيو ته ”منڊو نه چئوس، هو روهڙي جو جهنڊو ٿيندو“.
بيدل سائين کي هڪ ڏينهن قلندر لعل سيوهاڻي جي سِڪ ٿي جو پاڻ روانو ٿي اچي سيوهڻ پهتو. اتان ايترو ته فيض پرايائين جو اچڻ بعد شعر چوڻ لڳو. شعر جي ڏات پيءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. پاڻ سيوهاڻي لعل جي شان ۾ هڪ مدح به چئي اٿس ۽ هڪ غزل به چيو اٿس. سندس عقيدت ڪيترن ئي سنڌي، فارسي ۽ سرائڪي غزلن ۾ ڏيکاري اٿس.
بيدل سائين پيرڳوٺ ۾ بزرگ ۽ شاعر پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ کي مثنوي معنوي جو درس ڏنائين ۽ بعد ۾ پريالي ۾ مخدوم محمد اسماعيل جي درگاهه تي حاضري ڀري واپس روهڙي آيو. پاڻ وحدت الوجودي جو شاعر هو ۽ ڪلام ۾ بار بار ”همه اوست“ جو ذڪر ڪيو آهي. صوفي بزرگن ۽ شاعرن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو.
بيدل سائين 14 سالن جو هو ته والد محمد محسن دارالبقا ڏي روانو ٿيو. پاڻ سير سفر ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ديدار ڪرڻ لاءِ ڀٽ شريف ويو. اتائين شاهه عنايت الله جي زيارت لاءِ جهوڪ شرف پڻ ويو ۽ شاهه عنايت جي باري ۾ نهايت جگر ڏاريندڙ غزل فارسي ۾ چيو اَٿس. ”ديوان بيدل“ ۾ سنڌي ۽ سرائڪي (325) ڪافيون شامل آهن.
ڪنڊڙي جي روحل نمبر ٻئي، دونهين ڳوٺ جي فقير جعفر علي شاهه ۽ سکر جي ڀائي موتيرام جنهن جو ٽڪاڻو ساڌ ٻيلي جي سامهون بندر تي آهي. تن جي پاڻ ۾ چؤياري هوندي هئي. چئني يارن هڪ ئي ڏينهن تي هي خاڪي چولو ڇڏيو.
فقير قادر بخش ”بيدل“ (2) شاديون ڪيون. پهرين شادي مان هڪ نياڻي ۽ ٻي شادي مان ٻه پٽ ڄاوا. بيدل سائين کي 2 پٽ ۽ هڪ نياڻي جي اولاد ٿي. وڏي پٽ تي پنهنجي پيءُ جو نالو محمد محسن رکيائين. ننڍي پٽ جو نالو محمد فريد رکيائين. روهڙي جا ماڻهو جا ماڻهو عام طرح سائين بيدل کي ”سائين وڏو“ ۽ محمد محسن بيڪس کي ”سائين ننڍو“ ڪري ياد ڪندا آهن. بيڪس سائين پنهنجي پيءُ قادر بخش ”بيدل“ جو مريد هو.
بيدل سائين جو غلام محمد درزي شڪارپوري سان اهڙي ته پريت ٿي ويئي جو محبوب جي محبت ۾ مست ٿي ”مجازي استاد“ جي آستاني تي ڦيرا ڏيڻ لڳو. ميان غلام محمد 1261 هجري ۾ گذاري ويو جي غلام محمد نه مري ها ته شايد بيدل سائين جي مزار به شڪارپور ۾ هجي ها. پر قدرت کي ائين منظور نه هو. محبوب جي مرڻ کانپوءِ بيدل سائين روهڙي جا وڻ وسايا ۽ روهڙي جو نالو روشن ڪيو. بيدل سائين 16 ذوالقعد 1289 هجري. بمطابق 15 جنوري 1873ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرم گاهه روهڙي ۾ ريلوي اسٽيشن ويجهو آهي. جتي هر سال 3 ڏينهن عرس مبارڪ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. بيدل سائين 23 ڪتاب لکيا.
ايڪائي ۾ ايڪ ٿيو، اَچي جان جِسم
ويئي رسم، وحدت سندي وِير ۾.
(وحدت نامو)
فقير قادر بخش ”بيدل“ وقت جو سٺو شاعر ۽ عالم هو ته به ”لطيفي شعر“ جي گهيري ۾ گهريل هو. ۽ وک به ٻاهر کڻي نه سگهيو آهي. سندس سمورو ڪلام ”شهنشاهه لطيف“ جي ڪلام جي اثر هيٺ آهي.
شهنشاهه لطيف جون سٽون:
مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿيا نه مات،
هونداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.
”بيدل سائين“ جواب ۾ چيو ته:
مرڻو اڳي جي مرين، ته باقي رهي نه ذات،
هميشه حيات، مرد نه مرن ڪڏهن.
حوالا:-
1. (تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي):
2. (پنج گنج: فقير قادر بخش ”بيدل“ سال 2000ع. شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي).
3. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: شوڪت خواجائي.
4. روهڙي جا روشن ستارا: ڊاڪٽر هدايت پريم.
5. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.
6. بيدل جو سنڌي ڪلام: بولچند وسومل راجپال.
7. ڍوليو ڍٽ ڌڻي: معمور يوسفاڻي.