سائين بچل شاهه (1222هه-1321هه)
ڪجهه وقت جهنگ ۾ عبادت ڪرڻ کان پوءِ سير سفر جو شوق جاڳيو. هند ۽ سنڌ جو ڪافي سفر ڪيائين. سفر ڪندي ڪشمير پهتو، جتي (ڄمون) شهر ۾ الف شاهه نالي هڪ درويش بزرگ سان روح رهاڻ ٿي. الف شاهه جيڪو پهريان ڪشمير جي راجا جي فوج ۾ سپهه سالار رهي چڪو هو. پوءِ سڀ ڪجهه ڇڏي فقيري جو رستو اختيار ڪيائين، ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ مرشد جي حڪم موجب سکر آيو ۽ سکر اچي باقي زندگي جا ڏينهن عبادت ۾ گذارڻ لڳو. پري پري کان سندس عقيدتمند وٽس اچڻ لڳا، مسلمانن کان علاوه هندو به ڪافي تعداد ۾ وٽس ايندا هئا.
پهرين وقت ۾ وٽس سماع جون محفلون به ٿينديون هيون. خيرپور جي والي مير علي مراد خان (لب تاريخ سنڌ) جي مصنف خدا داد خان پٺاڻ جي ساڻس بيحد عقيدت هئي.
اُن وقت جي بزرگن ۽ درويشن سان ڪافي روح رهاڻيون ڪيائين، سندس صحبتن مان جان الله شاهه ٽيون (حضرت بيدل سائين جو مرشد) حضرت قادر بخش بيدل ۽ سندس فرزند بيڪس جا نالا قابل ذڪر آهن. ولايت راءِ ۽ شش جيوت سنگهه جيڪي قمبر (لاڙڪاڻي) جا رهواسي هئا. وقتن بوقتن اچي روح رهاڻيون ڪندا هئا.
بچل شاهه هڪ اعليٰ درجي جو شاعر پڻ هو. جڏهن جوش ۽ جذبي ۾ اچي ويندو هو. شعرن جا شعر چوندو ويندو هو، جيڪي ڄڻ پهريان ئي ياد هئا. شاعري جو تعداد ته تمام گهڻو هو. پر ضايع ٿي ويو. سندس ڪلام ۾ تمام سهڻي نموني تصوف جا نڪتا سمايل آهن. پاڻ وحدت الوجود جو قائل هو.
بچل شاهه هڪ صدي جو ڊگهو عرصو زندگي ماڻي. 3 مئي 1906ع 9 ربيع الاول 1324هجري ۾ سندس هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي. سندس آخري آرامگاهه سکر ۾ اولهه طرف سکر بئراج جي لڳ بچل شاهه مياڻي نالي ڳوٺ ۾ آهي. پاڻ انهي سر زمين کي ”پريم ننگر“ ۽ ”حيات ننگر“ جو نالو ڏنائين. بچل شاهه جي مزار مٿان عاليشان قبو ٺهيل آهي، درگاهه درياءَ جي ڀرسان آهي. مزار سامهون انبن جا وڻ آهن. انگريزن جي دؤر ۾ پاڻ ان جڳهه کي اهڙو ته پيار ۽ قرب ڏنو جو اها جاءِ پهريان ( مياڻي) نالي سان سُڃاتي ويندي هئي. پوءِ (بچل شاهه مياڻي) جي نالي سان سڏجڻ لڳي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين (بچل شاهه مياڻي) نالي سان مشهور آهي. دُعا آهي ته سونهاري سنڌ مٿان انهن بزرگن ۽ درويشن جا سايا مٿان قائم و دائم رهن. (آمين)
مددي ڪتاب:
1. تذڪره شعرا سکر: (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
2. ڳالهيون مُنهنجي سنڌ جون) ليکڪ شوڪت خواجائي، سال 1999ع).
3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.