لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحه (1152هه-1192)

ڀلاري بزرگ:مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا وڏا جيسلمير مان لڏي اچي شاهه ڳڙهه ۾ رهيا. ڪجهه عرصو رهڻ بعد سنڌ جو رخ ڪيائون ۽ پهرين پهرين اچي راڻيپور جي بستي ۾ وارد ٿيا. خيرپور رياست جي شهر راڻيپور ۾ مخدوم سعد الله مڱريو جي گهر ۾ عبدالرحيم گرهوڙي جي پيدائش ٿي. پيدائش جو سال 1152 هجري مطابق 1739ع آهي. اِها تصديق (شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ڪلام گرهوڙي ص -14) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو- سال 2005ع ) ۾ ڪئي آهي. عبدالرزاق راز ۽ ڊاڪٽر عبدالرسول قادي به ”راڻيپور“ جنم هنڌ ڄاڻائين ٿا جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پيدائش جو هنڌ ”واڙ“ تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ ڄاڻايو آهي. جيڪو گهڻي ڀاڱي صحيح نه آهي.
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو والد صاحب راڻيپور جي سرزمين ڇڏي اچي ميرپور خاص جي علائقي ۾ رهيا. گرهوڙي صاحب ظاهري علوم ميرپورخاص ۾ اچڻ بعد حاصل ڪيو. چوٽيارين جيڪو هڪ علم جو هڪ وڏو مرڪز هو. ميين محمد مبين (جنم 1100 هري) وٽان ظاهري تعليم جون سڀ منزلون حاصل ڪيون ۽ سڀني کان اصول توڙي فروغ ۾ گوءِ کڻي ويو.
پاڻ ظاهري علومن سان آراسته هوندي به هميشه باطن ڏي مائل هوندو هو ۽ خواهش هوندي هُيس ته ڪو باڪمال روحاني بزرگ ملي ته اُن جو دامن وٺان. هڪ روايت موجب ته پاڻ ٻارنهن مهينا شاهه عنايت الله صوفي رحه جي خاص خليفي ميان ابن سمي ”اوڙاهه“ جي صحبت ۾ جهوڪ شريف تي گذاريائين ۽ وٽانئس گهڻو فيض پرايائين. آخر ۾ خليفي ابن سمي گرهوڙي صاحب کي چيو ته. ”اسان کان جيڪو پڳي سا ڪئي سون. هاڻ لنواري شريف وڃو، جتي اوهان جي عقده ڪشائي ٿيندي.
گرهوڙي صاحب لنواري جي بزرگ سلطان اولياءَ خواجه محمد زمان لنواري جي خدمت ۾ رهي گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ بيعت به ڪئي جن مٿس روحاني راز پلٽيا ۽ فرمايائونس ته: اهو سڀ قطب آهي“. گرهوڙي صاحب حضرت سلطان اولياءَ جو وڏو خليفو هو. زماني جي عجائبين ۽ بي نظير هستين مان ٿي گذريو آهي. اُن بعد کيس پنهنجي وطن ڏانهن موٽي وڃڻ جو امر ٿيو ۽ پاڻ اچي ميرپورخاص ۾ رهيو. گرهوڙي صاحب علم جي زيور سان ايترو ته سينگاريل هو. ”جو سنڌ جو وڏو جيد عالم سڏيو ويو“. وڏا وڏا عالم فاضل ۽ فتوائون ڏيندڙ به نالو ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿي ويندا هئا. پاڻ سموري زندگي دين اسلام جي خدمت ڪندي گذاري ۽ سدائين دل ۾ شهادت جي تمنا هوندي هئي. ڪٿي ڪو غلط ڪم ٿيندي ڏسندا هئا ته اُتي جو اُتي اُن جون پاڙون پٽي ڇڏيندا هئا.
خيرپور رياست جي ٿرواري علائقي ۾ مهاڏيو جي مڙهي هئي. اِنهي مڙهي جو بنياد 500 هجري مطابق 1107ع ۾ پيو. ٻارهين صدي هجري جي آخر ۾ مهاڏيو جي مڙهي جو مهنت سوامي دت گرنالي هو. جو پنهنجي ننڍي ڀاءُ گرت گر جي حمايت سان وڏي هستي رکندو هو. گرهوڙي صاحب کي جڏهن غلط ڪمن جي سُڌ پيئي پاڻ لنواري واري رستي ويندي ڪن دوستن کان ٻڌو ته ان مڙهي تي اڳي کان به وڌيڪ غلط ڪم ٿي رهيو آهي. سوچيائين ته ”بتخانو ڊاهڻ ضروري آهي“. حاضرين مان هڪ درويش کي خواجه گُل محمد صاحب ڏي موڪليائين ته وڃي احوال پهچائي ۽ پاڻ پوئتي موٽيو. انهي درويش خواجه صاحب جي حضور ۾ پهچي عرض ڪيو ته گرهوڙي صاحب مون کي اماڻڻ وقت هيٺيون بيت روئي پڙهيو:
جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان، تنهن کي ڪڄاڙو؟
ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي.
خواجه صاحب سنيهو سُڻي، ڏاڍو افسوس ڪيو ۽ فرمايائون ته ”حضرت گرهوڙي پنهنجي عمر جي پُڄاڻي ڏٺي آهي“.
گرهوڙي صاحب وڏي آواز سان ”آهي ڪو غازي جو جهاد في سبيل الله ۾ سر ڏيئي“. ايُانڪ نَعبُدُ و اياڪ نستعين“ جا نعرا هڻڻ لڳو. گرهوڙ کان پهرين منزل ”رڪُن ڍليار“ وٽ ڪيائون جو کپري کان 5 ميل اوڀر ۾ آهي. اتي ٿيٻن وٽ ”سرينهن“ جي وڻ هيٺ ٺاريائون. مارو ۽ الياس ٿيٻو ٻئي ڀائر جهاد لاءِ تيار ٿيا. الياس کي گهر جي سار سنڀال لاءِ ڇڏيائون. مارو کي ساڻ کنيائون، راڙ جي سيدن ۾ آيا. پر سيدن هلڻ کان انڪار ڪيو. ڪامل نالي ڪوري ساٿ ۾ شامل ٿيو. آخرڪار راڙ کان رڙهي اچي مهاڏيو جي مڙهي کي ويجهو ٿيا. سامي ۽ سندس ڀاءُ گرت گر مڙهي جا اڳواڻ سنڀاليندڙ هئا. گرهوڙي صاحب جا چار ئي شرط ”سامي“ قبول ته ڪيا. مجاهدن ۽ هندن جي لڙائي شروع ٿي وئي. گرهوڙي صاحب ”اياڪ نعبُدُ واياڪ نستعين“ واري آيت پئي دُهرائي. ايتري ۾ سامي دت گر ڪاري گهوڙي تي چڙهيل ڪٽاري چيلهه سان ٻڌل ۽ نيزو هٿ ۾ لشڪر اڳيان گهوڙي کي ٽپائيندو ڪڏائيندو نظر آيو. رامڻ ٽالپر جي بندوق سان سامي گهوڙي تان ڪريو. پر هڪ ٽنگ رڪيب ۾ ڦاسي پيئي. 72 مسلمانن انهي لڙائي ۾ حصو ورتو. دشمن جا ڪي ماڻهو جن ۾ لکاني چانهين گرهوڙي صاحب تي بندوق ڇوڙي پر بندوق ڦاٽي پيئي. بندوق اڇلي بڙڇيون هنيائين. ستابي گجو ترار جا ڌڪ هنيا. هنڱورئي ۽ راڄڙ مٿس ڪهاڙين جي وار ڪئي.
مارو ٿيٻو جڏهن هي حال ڏٺو تڏهن ڊوڙندو ڊوڙندو ”ابو ابو“ ڪري گرهوڙي جي مٿان اچي پيو ۽ انهن ساڳين نامرادن کيس ترار هڻي ماري وڌو. گرهوڙي صاحب ايڏن زخمن هوندي به ٽي ڏينهن جيئرا رهيا. سامي جي لشڪر تي اهڙي راهي مصيبت ڪڙڪي جو سڄو لشڪر ناس ٿي ويو ۽ گرهوڙي صاحب جا ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. پاڻ پنهنجي لشڪر کي حُڪم ڏنائون ته مڙهين کي ڊاهيو ۽ بُتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. پوءِ انهي جاءِ تي مسجد ٺهرايائون.
گرهوڙي صاحب جي شهادت جو واقعو 1192 هجري 1778ع ۾ پيش آيو. سندس لاش مبارڪ کي (گرهوڙ شريف) جي زمين ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهادت وقت عمر مبارڪ 40 سال هئي.
مهاڏيو جي مڙهي واري شهر جو نالو مٽائي. ”دينپور“ رکيو ويو. اُتي جا مجاور اڃان به گرهوڙ درگاهه تي ايندا آهن ۽ هر سال اُتان جي ”کجور“ نذراني طور کڻي ايندا آهن.
مير احمد خان شاهاڻي مزار مٿان مقبرو جوڙايو. گرهوڙي صاحب ڪافي ڪتاب به لکيا ۽ شاعري ۾ به پاڻ اڳڀرا رهيا آهن، سندس شاعري سُرن تي مشتمل آهي.
سُر ڪلياڻ، سريمن ڪلياڻ، سر رام ڪلي، سُر آسا، سُر بروو، سُر سسئي، سُر سهڻي، سُر مومل راڻو، سُر ڪاموڏ، سُر ڪيڏارو، سُر سارنگ، سُر رپ، سُر ڏهر، سُر ڪاپائتي، سُر پرڀاتي، سُر ڪارايل، سُر ڌناسري ۽ اڀيات متفرقه تي شاعري پنهنجا جوهر ڏيکاري ٿي.
گرهوڙي صاحب جي لکيل ڪتابن ۾: فتح فضل (عربي) شرح ابيات (سنڌي-عربي) رساله گل نما (فارسي). مڪتوبات (فارسي) ۽ مجموعه رسائل (سنڌي)، هن مجموعي ۾ فقه، تصوف ۽ اخلاقيات جي موضوع تي ڄاڻ ڏنل آهي. حقيقت محمدي وغيره سرفهرست آهن.
پاڻ شهنشاهه لطيف جي واکاڻ ٻڌندي ٻڌو ته لطيف جي بيتن ۾ قرآن شريف سمايل آهي. تڏهن پاڻ فرمايائون ته:
آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌي ۾ صحيح ڪيو.
چوٽيارين جي مدرسي ۾ ميين محمد مبين ڪيريو (وفات 1196 هجري) وٽ جڏهن شهنشاهه لطيف پهتو ته نوجوان عبدالرحيم گرهوڙي کي ڏسي، شهنشاهه لطيف پاڻ سان گڏ ويهاري رهاڻ رچائي ۽ موڪلائڻ محل گرهوڙي صاحب کي ”هڪ لٺ، هڪ ترار ۽ هڪ جمني“. جيڪا کيس هڪ کوهه مان ملي هئي. حوالي ڪيئي. پاڻ اِنهي ايراضي ۾ هڪ ڀٽ تي ويهي چلو ڪڍيو، جنهن جا نشان اڃان تائين موجود آهن. ”ترار ۽ جمني“ درگاهه جي گادي نشينن وٽ اڃان تائين موجود آهي.
چون ٿا ته گرهوڙي صاحب پنج شاديون ڪيون. هڪ پٽ جي اولاد ٿيس جو ننڍي هوندي ئي گُذاري ويو. چار نياڻين جي اولاد ٿي. هڪ نياڻي پنهنجي ڀائٽي عبدالله کي پرڻائي ڏنائين. باقي ٽي نياڻيون سيد حاجي قطب علي شاهه، سيد پير شاهه ۽ سيد ڪرم علي شاهه کي پرڻائي ڏنائين. انهن نياڻين مان ئي سيد گهراڻو وڌيو. جو اڄ تائين گادي نشين سيد ٿيندا پيا اچن.
”ڪلام مان چونڊ“
اچن جي اوطاقَ، مون سارِيندي سُپرين،
مون جهڙي مشتاق، ڏِسيو لاهي ڏکڙا. (سُر بروو).

ويهي تِير وَساءِ، ساڻيهِي سَڄَڻَ جا،
سپَرَ سُورَ ڪنڍياءِ، مَرَڻُ باس ته مِير ٿِيين. (سُر يمن ڪلياڻ)

پڙهيو سڀ وسار، وسريو الف ياد ڪر،
ناحق ڪيم نهار، پنا ٻيا پرين لئي.

حوالا:
1. ڪلام گرهوڙي: شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو.
2. ابيات سنڌي: شاهه مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
3. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون ڊاڪٽر عبدالرسول قادري.
4. فڪر لطيف: تنظيم فڪر و نظر سکر سنڌ
5. مخدوم عبدالرحيم گهوڙي: سائين بخش تاج محمد قبولائي.
6. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.