حضرت پير سيد مهر علي شاهه رحه (1275هه- 1354هه)
پير نذر دين شاهه هڪ جيد عالم ولي الله هو، پنهنجي سموري زندگي الله تعاليٰ جي عبادت ڪندي گُذاري. سندس نسبي سلسلو 25 واسطن سان غوث الاعظم رحمة الله عليه ۽ 36 واسطن سان حضرت امام حسن رضي الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو.
حضرت پير مهر علي شاهه چئن جي عمر ۾ عربي جو پهريون قاعدو پڙهڻ شروع ڪيو. تقريباً هر وقت پڙهڻ سان لڳاءُ هوندو هو. هڪ دفعي پاڻ خانقاهه جي ڀر ۾ جهاڙين ۾ وڃي قاعدو کڻي سبق ياد ڪري رهيا هئا. گرمي جي موسم هئي. اُتي ئي ننڊ اچي ويئي. اتفاق سان پير سيد فضل دين شاهه نماز ظهر جو وضو ڪري رهيا هئا. جڏهن ٻاهر نڪتا ته نذر وڃي پير مهر علي شاهه تي پيئي. جو قاعدو سيني تي پيل هو ۽ ننڊ ۾ هئا. کڻائي گهر پهچايو. پير مهر علي شاهه جو شوق شروع کان ئي تعليم سان هو. ۽ پنهنجي رب کي ننڍي عمر کان ئي ريجهائڻ شروع ڪيو.
پير مهر علي شاهه ”مدرسي“ ۾ مڪتبي تعليم دوران ئي روزي ۾ رهندا هئا ۽ سخاوت جا ڪوڏيا هئا. پاڻ پڙهڻ کان علاوه ٻارن کي وري پڙهائيندا به هئا. پاڻ پوءِ شڪر ڪوٽ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. ڏينهن جو انگه شريف پڙهڻ ويندا هئا. ۽ شام جو ”شڪرڪوٽ“ ۾ ٻارن کي سبق ياد ڪرائيندا هئا. هڪ ئي وقت (شاگرد ۽ استاد) رهيا.
پير مهر علي شاهه جي شڪر ڪوٽ ۾ هڪ درويش بزرگ بابا نور ماهي سان ملاقات ٿي. بابا نور ماهي هر يارهين شريف تي حضرت غوث الااعظم رحمة الله عليه جي نالي هڪ دنبو ذبح ڪندو هو. هڪ دفعي جڏهن پاڻ دنبو وٺي رستي ۾ اچي رهيا هئا ته اُن دُنبي سان وري لاڏ ڪوڏ به ڪري رهيا هئا. پير مهر علي شاهه اهو لڪاءُ ڏسي هلڪي سيٽي وڄائي ته بابا نور ماهي مخاطب ٿيندي چيو ته ”اي منهنجي محبوب جا دُنبا“ ته پير مهر علي شاهه پاڻ اُن کي ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ بابا نور ماهي خلوص محبت واري لهجي ۾ چيو ته:
”جو انسان علم حاصل ڪرڻ جي بعد ڪجهه تقسيم نه ٿو ڪري
اُهو اُن وڻ جيئان آهي جيڪو ميوو نه ٿو ڏي“.
انهي محبت ڀرين لفظن مان پير مهر علي شاهه تي بيحد اثر ٿيو. پاڻ ”انگه شريف“ ۾ مولانا سلطان محمود رحه جي مدرسي ۾ اڍائي سال رهيا. حصول علم حاصل ڪيو ۽ خوش نويسي سکڻ لاءِ منشي غلام احمد ساڪن وٽ رهي سکڻ جو شوق حاصل ڪيو. مُنشي صاحب کي خوش نويسي ۾ خطن لکڻ تي تمام گهڻو عبور حاصل هو. پير مهر علي شاهه ”علي ڳڙهه“ ۾ به پڙهڻ ۾ مصروف رهيا ۽ سهارن پور ۾ سندس قابليت ۽ ذهانت ڏسي وڏا علماءَ ڪرام اچي بحث مباحثو ڪندا هئا. پاڻ مولانا احمد علي رحمة الله عليه کان بخاري شريف ۽ مُسلم شريف ٻنهي جي سَند حاصل ڪئي. اُن وقت عمر 20 سال هئي ۽ 1295 هجري 1878ع سال هو. ننڍي عمر ۾ تمام وڏي درجي تي پهچي چڪا هئا.
پاڻ پنهنجي استاد حضرت مولانا احمد علي رحه کان حديث جي سَند حاصل ڪرڻ ۽ اجازت ملڻ بعد گهر واپس آيا. ۽ ”گولڙا شريف“ جي مسجد ۾ درس ۽ تدريس جي عمل کي شروع ڪيو. (50) جي قريب شاگردن ديني تعليم حاصل ڪئي. پاڻ حضرت خواجه شمس الدين سيالوي رحمة الله عليه جي هٿن تي دست بيعت جي اعزاز سان خلافت جو فرقو حاصل ڪيو. پاڻ خواجه شمس الدين سيالوي جا آخري خليفا هئڻ جو به اعزاز حاصل ڪيو. خواجه صاحب پنهنجي سڀني شاگردن مان وڌيڪ پير مهر علي شاهه کي عقيدت ۽ احترام سان ڏسندا هئا ۽ ڪافي سارن اعزازن سان نوازيو. خواجه صاحب جي هوندي ڪنهن کي به اجازت نه هئي ته ڪنهن ٻئي جي هٿ تي بيعت ڪئي وڃي. خواجه شمس الدين سيالوي جي باقاعده حڪم تي هزار جي قريب معروف عالم مولوي سيد احمد به ”سيال شريف“ ۾ حضرت پير مهر علي شاهه جي هٿ تي بيعت ڪئي. ڪافي سارا عقيدت مند حضرت پير مهر علي شاهه کي قدر منزل عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. انهي درگاهه سان شاگرد ۽ استاد جو رشتو قائم ۽ دائم رهيو ۽ پير مهر علي شاهه جي استاد مرشد خواجه شمس الدين سيالوي رحمة الله عليه 24 صفر 1300 هجري بمطابق 4 جنوري 1883ع تي انتقال ڪيو.
پير مهر علي شاهه ڪافي ڪتاب به لکيا: جن ۾ تحقيق الحق في ڪلمة الحق، اعلاءِ ڪلمة الله، خطن ۽ تحريرن جو مجموعو ”مڪتوبات طيبات“ شايع ٿيا.
1307 هجري 1890ع پاڻ حج بيت الله جي زيارت ڪئي. خواجه عبدالرحمان به گڏهو. حضرت پير مهر علي شاهه جي ننڍي ڀاءُ پير ملايت شاهه کان روايت آهي ته هڪ دفعي شادي جي تقريب ۾ پهچڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن پهچڻو هو. مڪمل تياري ٿي چُڪي هئي. مگر پير مهر علي شاهه واپس گُهرايو ۽ چيائين ته اِن گاڏي ۾ نه وڃو. ڏاڍو زور ڀريو ويو مگر وڃڻ کان روڪيائين. آخرڪار اُها ريل گاڏي هلي ويئي ۽ لالا موسيٰ جي قريب هڪ ٽرين سان ٽڪرائجي ويئي ۽ ڪافي سارو نقصان ٿيو ۽ بعد ۾ ئي سڄي حقيقت جي وجه معلوم ٿي ويئي.
هڪ دفعي اراتمند بيان ڪندي فرمايو ته جڏهن هو روس ۾ هيو ته خواب ۾ پير مهر علي شاهه رحمة الله عليه جي زيارت نصيب ٿي. ۽ پاڻ فرمايائون ته: هانگ ڪانگ ۾ تنهنجي گهران چوري ٿي آهي. اُنهي وقت سفارتخاني جي معرفت گهر رابطو ڪيو ته معلوم ٿيو ته واقعي چوري ٿي ويئي آهي. پر ڪجهه ڏينهن بعد سامان واپس مليو. سفارتخاني جو پورو عملو حيران ٿي ويو.
حضرت پير مهر علي شاهه 29 صفر المظفر 1356 هجري بمطابق 12 مئي 1937ع تي شام جي وقت گولڙا شريف ۾ وفات ڪئي.
ٻئي ڏينهن ربيع الاول جي پهرين تاريخ تي شام جو ساڍي ڇهين بجي مولانا مولوي قاري غلام محمد جنازي نماز پڙهائي جنازي نماز ۾ تقريباً پوڻا ٻه لک ماڻهو شريڪ ٿيا، اِ ن موقعي تي محڪمه ريلوي اسپيشل ٽرينون هلايون جو ڪافي تعداد ۾ مريد اتي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا.
پير مهر علي شاهه جي وصال کان پوءِ سندس پٽ پير غلام محي الدين المعروف ”بابوجي“ رحمة الله عليه جي خواهش تي مدينه منوره جي نقشي تي روضو تعمير ڪرڻ جي شروعات ڪرائي. مسجد شريف جي ٿلهي جي برابر ڪيو ويو. ڪجهه ماڻهن کي پاڻ خواب ۾ ارشاد فرمايو ته مون تي بوج ڇو وڌو ويو آهي. پوءِ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري شام وقت تابوت کي 6 فوٽن تي رکيو ويو، ڇو ته پهريان 20 فوٽ تابوت هيٺ ٿي چڪو هو.
شام جي وقت تابوت نڪرڻ وقت ايتري ته خوشبوءِ فضا ۾ ڦهلجي ويئي جو ڪافي ڳوٺن جا ماڻهو رات جو اچي گڏ ٿيا.بزرگ مهر علي شاهه جي روضي مبارڪ جي تياري ۾ 20 سال لڳا. سنگ مر مر سان روضو تعمير ڪيو ويو. سنگ مر مر جوڌپور رياست مڪرانه مان گهرايو ويو. حضرت پير غلام محي الدين المعروف (بابوجي) جي ولادت 1309 هه ڊسمبر 1891ع ۾ ٿي ۽ وفات پهرين جمادي الثاني 1394 هه مطابق 22 جون 1974ع ۾ ٿي. سندس کي والد صاحب سان گڏ رکيو ويو.
حوالا:-
1. سيرت حضرت پير مهر علي شاهه: مولانا ناصر حسين قادري عطاري سال 2014ع لاهور).
2. (اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا: سيد قاسم محمود)
3. (انسائيڪلوپيڊيا پاڪستانيڪا: سيد قاسم محمود ص: 784)
4. (جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري).