مهراڻي جو مير سيد راضي شاهه ”لڪياري“ (1167هه-1260هه)
هڪ دفعي سيد راضي شاهه مير صاحبن وٽ آيو. مير صاحبن وٽ راضي شاهه جي وڏي عزت هئي ۽ کيس وڏي عزت ڏنائون ۽ چاندي واري کٽ ڏياريائونس. ساڳئي ٽائيم تي اتفاق سان هڪ ٻيو سيد اچي پهتو جنهن کي مير صاحبن رواجي کٽ ڏياريائونس ۽ ڪچهري شروع ٿي ته مير صاحبن: راضي شاهه کان سوال ڪيو ته قبلا! مروان ڪنهن کي چئبو آهي. راضي شاهه جواب ڏنو ”وڏا مروان ته اوهين آهيو. جو ٻه اکيائي ڪئي اٿو. مون کي چاندي جي کٽ ۽ هن غريب سيد کي رواجي کٽ ڏياري اٿو“.
مير صاحبن ”راضي شاهه“ کي چهنبدار ترار تحفي طور ڏني ۽ اتفاق سان جڏهن اها ترار گڏ هڪ کنيو پئي آيو ته اُن کان ڪري پئي. سيد راضي شاهه اها ترار کڻڻ کان منع ڪئي ۽ اتي ئي ڇڏي هليا آيا. سندس ڪريل شيءَ ڪڏهن به نه کڻندا هئا.
راضي شاهه کي فيض ”پراڻ جي پيرن“ کان مليو. جيڪي فقير ۽ فيض جي لحاظ کان اڄ تائين مشهور رهيا آهن. سندس اهڙو انداز هن بيت مان ئي ظاهر ٿئي ٿو.
هو والي ساريم وڳ جا، جن جو ناهه نظير،
رسندا راضي شاهه چئي، ”پراڻ وارا پير“،
فاقيواڻ فقير، ڪندا مهر ”موهر“ ۾.
جوڳين جي اها دنيا اهڙي دنيا آهي جنهن ۾ ڪنهن ظاهري مقصد، طمع ۽ تمنا جو عمل دخل نه آهي. اهڙي دنيا کي راضي شاهه ”ابناس“ جو ويس ڍڪيندي هيئن فرمايو آهي.
نڪي ڳولين ڳوٺ کي، نڪي پهر پڇن،
نڪي سُوجهن سڄ کي، نڪي رُڄ رهن،
اوطاقون ”ابناس“ ۾، اڏيون آديسين،
ويٺاسي وِنجهلن، وَرنهه اِنهيءَ وِرونهه ۾.
ڪڏهن ڪڏهن ويٺي ڏڪي ويندا هئا ۽ پنهنجي فقيرن کي فرمائيندا هئا ته: اُبا! هي دنيا فاني آهي، هر ڪنهن کي هتان هلڻو آهي، ان ڪري سدائين انهي سفر جي تياريءَ ۾ رهجي ۽ خدا جو خوف دل ۾ رکجي، روئي روئي ان جي اڳيان زاريون ڪجن!“
سيد راضي شاهه سير سفر به ڪيو. سندس مچ ۽ تڪيا جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ آهن. انهن مان ئي تڪيا هڪ نوشهروفيروز جي ڀر ۾ ٻيو حسن جو ڀاڻ ۽ ٽيون ڍير (نزد نئون ڪوٽ) تڪيا مشهور آهن.
سيد راضي شاهه ذوالحج مهيني جي پهرين ڏهاڪي 1260هه مطابق 20 ڊسمبر جي لڳ ڀڳ 1844ع ۾ لاڏڻو ڪيو. کين تڪيئي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
راضي شاهه جو ڪلام (168) بيتن تي مشتمل آهي سندس ڪلام.
1. سر ڪلياڻ، 2. سريمن ڪلياڻ، 3. سر سارنگ، 4. سر مارئي، 5. سر راڻو، 6. سر رام ڪلي، 7. سُر ليلان چنيسر، 8. سُر سامونڊي، 9. سُر ڪيڏارو، 10. سر سسئي، 11. متفرقه بيت 11 عدد-پاراتي جا 12 بيت 2 سرائيڪي بيت شامل آهن.
سندس گڏ ڪيل ڪلام کي معمور يوسفاڻي (مهراڻي جو مير) جي نالي سان ترتيب ڏنو هو. جن کي نومبر 2010ع ۾ شايع ڪرايو ويو.
1. الله اکين کان اوڏڙو، پسڻ کان پاڪ،
اڏي ڪا نه اوطاق، رهي هميشه هر جاءِ ۾. (سُر ڪلياڻ).
2. لِمون لوڌي ڇڏيو، مائٽن ماري،
سپڙ سُڌاري، ڏکيو ڏوليءَ چاڙهيو. (سُر بلاول).
حوالا: 1. ڪتاب مهراڻي جو مير: مرتب معمور يوسفاڻي نومبر 2010ع
2. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.