صوفي سلام الله شاهه ”ٿر ڌڻي“ (1130هه-1183هه)
صوفي سلام الله ڪڏهن ڪڏهن شهنشاهه لطيف جا بيت ٻڌندو هو ته” پسند به ڪندو هو. ۽ دهرائيندو به هو“. جڏهن ڪو به بيت مريد ٻڌندا هئا. ته اچي صوفي سلام الله کي ٻڌائيندا هئا. شاهه سائين جو بيت ”(ٻڌندڙ ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن)“ پاڻ اهو بيت ٻه ٽي دفعا دهرايو ۽ فرمايائون ته: ”ڪنهن جو به سهارو نه وٺجي. نه ته اُهو سهارو ڏيندڙ ٻيهر مهڻو ڏيندو“. پوءِ پاڻ فرمايائون ته:
”ٻُڏندي ٻوڙن کي، تون هاتڪ هٿ مَ لاءِ،
سڀان ائين چونداءِ، ته اسان تو اڪاريو“.
جڏهن اهو بيت شهنشاهه لطيف کي ٻڌڻ ۾ آيو ته پاڻ فرمايائون ته” اهڙي عظيم انسان سان ملڻ گهرجي“. پاڻ سلام الله سان جهوڪ ملڻ آيو. اُن وقت سلام الله تخيل جي دنيا ۾ ويٺل هو. ٻنهي بزرگن جي پورا ٽي ڏينهن ٽي راتيون روح رهاڻيون ٿيون. مٿين بيت تي بحث مباحثو به ٿيو. شاهه سائين پنهنجي لفظن تي قائم رهيو. ٻنهي بزرگن جي رهاڻ پوري لاڙ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪچهرين ۾ بيان ڪري ياد تازي ڪرائي ويندي آهي. ان ڪچهري کانپوءِ صوفي سلام الله جهوڪ کان موڪلائي (تجل شريف) روانا ٿيا. ”اتي هر هڻڻ دوران“. آخري وصال وقت فقيرن کي فرمايو ته اسان کي هت تجل واري ڀٽ دفن ڪجو، پر اسان جا عزيز اسان جو لاش ميرانپور کڻي ويندا.
صوفي سلام الله 25 ذوالحج 1183 هجري مطابق 22 اپريل 1770 عيسوي تي وفات ڪئي. (پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي: ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر ۾ جيڪا (Ph.d ٿيسز) سال 2010ع ۾ ڇپي، وفات جو عيسوي سال 1766ع ڄاڻايو آهي. جڏهن اسان هجري سال سان عيسوي سال ڏسنداسين ته 1183 هجري ۾ 1770 عيسوي سال بيهندو. جيڪو درست ۽ صحيح آهي نه ڪي 1766ع.
صوفي سلام الله کي ”تجل“ ۾ ئي دفنايو ويو پر ڪجهه ٿوري ئي عرصي ۾ لاش ڪڍرائي جهوڪ جي سر زمين آندو ويو ۽ اُتي ئي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سائين غلام مهدي جي بقول ته ”صوفي سلام جا هڏ جهوڪ ۾ ۽ سڏ تجل شريف ۾ آهن“.
صوفي سلام الله جنهن جاءِ تي پهريان دفن ٿيل هو. اُن جاءِ تي هڪ ٿلهو جوڙائي ڇڏيائون. مير سهراب خان ٽالپر پنهنجي دؤر ۾ ٿلهي واري جاءِ ”تجل“ تي روضو جوڙايو. جتي صُوفي سلام الله جا تبرڪات رکيل آهن. ۽ انهي جاءِ کي ”تجل شريف“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ۽ هر سال 25 کان 27 ذوالحج تي ساليانو ميلو لڳرايو وڃي ٿو. هندستان پاڪستان جي صوبن: بلوچستان پنجاب (ملتان) ۽ سنڌ جا مريد گڏ ٿي سلامي ڀريندا آهن.
صُوفي سلام الله کان پهريان ڪو به سنڌي شاعر ”شهنشاهه لطيف“ جي بيت کي نه وراڻيو هو. صوفي صاحب ئي هو. جنهن سان ملڻ لاءِ شهنشاهه لطيف ميرانپور (جهوڪ) ۾ مليا. ۽ روح رهاڻيون ڪيون.
حوالا:-
1. لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا: محمد سومار شيخ:
2. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري