لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو (944 هه _ 1032 /هه)

سنڌي شاعري جووهائو تارو حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جو جنم 20 شعبان 944 هجري، مطابق، 20 جنوري 1538ع مٽياري شهر ۾ ٿيو. والد صاحب جو نالو سيد لعل محمد عرف الله هو. سندس وڏا هرات جا ويٺل هئا. جيڪي هرات مان اچي هالا ڪنڊي ۾ رهيا. سيد حيدر هالا ڪنڊي ۾ هڪ سال پنج مهينا رهيو. والد جي وفات جو ٻڌي هرات ويو. ۽ اُتي ئي 3 سال 27 ڏينهن زندگي جا گذاريندي وفات ڪئي.
سنڌ ۾ سيد حيدر کي پٽ جي اولاد ٿي. جنهن جو نالو ”مير علي“ رکيائون. مير علي کي ٻن پٽن جي اولاد ٿي. سيد شرف الدين ۽ سيد احمد، پير علي محمد راشدي جي بقول ته حضرت شاهه عبدالڪريم مير علي هراتي جي نائين پيڙهي مان هو. پاڻ ننڍو ئي هو ته والد صاحب وفات ڪري ويو. ڇهن سالن جي عمر ۾ مڪتب ۾ قرآن پاڪ جا ٻه سيپارا پڙهيو. ۽ ننڍي هوندي کان ئي سماع جي محفل ۾ ويندو هو. پاڻ جواني جو گهڻو عرصو مسجد شريف ۾ الله جي عبادت ڪندي گذاريو. اشراق ادا ڪرڻ بعد. گهر ايندا هئا. خاص ڪري کاڌي پيتي ۽ رڌ پچاءُ جوڪم به گهڻي قدر پاڻ ئي ڪندا هئا. اوليائن ۽ بزرگن جي مزارن تي به ويندا هئا.
حضرت شاهه عبدالڪريم اڃا ننڍو ئي هو. ته ڀاءُ شادي ڪرائي ڇڏي. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ سڄي ڪُٽنب جي پرورش جو بار به سندس سِر تي پيو. ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪري گذر سفر ڪيائون. مخدوم نوح سندس مرشد هو.
حضرت شاهه عبدالڪريم کي 8 پٽ ۽ ٽن نياڻين جي اولاد ٿي.
پٽن ۾ : 1 . سيد لعل شاهه عرف الله شاهه (سيد للو). هن تي ڏاڏي سائين جو نالو رکيل هو. جو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو.
2. سيد عبدالرحيم: هي به پنهنجي والد بزرگ جي زندگي ۾ ئي وفات ڪئي.
3. سيد جلال: بيحد حسين هو ۽ عبادت ڪندو. پيءُ جي حياتي ۾ ئي هالن کان اچي رهيو هو. ته رستي ۾چورن هٿان شهيد ٿي ويو.
4. سيد برهان: عبادت ۾ يگانو ۽ قوت ۾ نهايت سگهارو هو.هي پڻ پيءُ جي حياتي ۾ گُذاري ويو.
5. سيد لل لله مجذوب: راهه طريقت جو پانڌئيڙو ۽ راهه حقيقت جو واقف هو. اِن جي باري سندس والد جن چوندا هئا. ته ”بيشڪ کيس ايمان جي ڪامل صفائي نصيب ٿي آهي.“ هي پيءَ جي وفات بعد ڪجهه وقت زنده رهيو.
6. سيد دين محمد: پيءُ وفات وقت هن کي سڏي ولايت جي امانت ڏني پاڻ مٿو ڪوڙائي، ڪفني ڍڪي، ڪاري چادر ڪلهي تي سجاده نيشني جي حيثيت ۾ گادي تي ويٺو. وڏو مالدار هو. گهوڙيسواري ڪندو هو.
7.سيد محمد حسين: شاهه ڪريم هن کي ”خادم الفقرا“ جولقب ڏنو هو. ۽ چيائين ته اسان امير المومنين حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي محبت ۾ هن جونالو ”حسين“ رکيو آهي.
8. سيد عبدالقدوس: ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. هي ننڍي هوندي ڇوڪرن کي گڏ ڪري راند بجاءِ ذڪر ڪرائيندو هو.
بزرگ شاهه عبدالڪريم جي ولادت کان ٻه سال پوءِ 1540ع ۾ شاهه حسن ارغون جي زماني ۾ همايون شير شاهه سوري کان شڪست کائي لاهور ۽ اُچ کان ٿيندو. روهڙي جي ويجهو پهتو. شاهه جن کيس پڄائڻ لاءِ اچ کان بکر تائين درياهه جا ڪنارا ويران ڪري ڇڏيا. همايون جا ماڻهو اها حالت ڏسي اٺ ۽ گهوڙا ذبح ڪري کائڻ لڳا. شاهه حسن ارغون کي 1554ع مطابق 962 هجري ۾ اڌ رنگ جي بيماري ٿي پيئي. ڪن جو چوڻ آهي. ته سندس زال ” ماهه بيگم“ کيس زهر ڏيئي مارايو.
شاهه عبدالڪريم جيتوڻيڪ حڪومت سان ڪو به تعلق نه رکندو هو. تڏهن به خدا جي خلق جي خدمت لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪامورن وٽ ڪهي ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ۽ ظلم ٿيندو هو. ته بي اختيار ٿي ويندو هو. مطلب ته هن اسلامي اصولن موجب انسانيت جودرس ڏنو. ۽ انسانن جي اخلاق ۽ ڪردار جي اصلاح ڪئي.
جا پوک ڪريم پوکي، سا لطيف لڻي، جا لطيف لڻي تنهن مان سڄي سنڌ سيرياب ٿي..... واقع اسان پنهنجي محبوب کي صحيح سڃاتو آهي.
شاهه ڪريم فرمائي ٿو ته:
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
هاڻي وڃ ڪمان، صحيح سڃاتا سپرين.
هن دور جو بي مثال شاعر شاهه ڪريم آهي. سندس ڪلام ”بيان العارفين“ مان (94) بيت (شعر) اسان تائين پهتا آهن. سنڌي کان علاوهه عربي جا 29 لفظ ۽ فارسي جا 8 لفظ به سندس ڪلام ۾ مليا آهن جن جو انداز وڻندڙ آهي. ۽ شاهه ڪريم جو ڪلام مان 92 بيت مليا آهن. (ميمڻ عبدالمجيد (سنڌي)
نيه نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون،
ڪاريين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون،
حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو 7 ذوالقعد 1032 هجري مطابق 1623ع ڳوٺ بُلڙي ۾ وفات ڪيائين. سندس عمر 88 سال هئي. اسان جي مانوارن ڪافي ليکڪن وفات جو عيسوي سال 1622، 1624، 1625، ۽ 1626ع ڄاڻايو آهي. پر جڏهن وفات (88) سالن موجب هجري 1032 جي حساب سان 1623 ع تي صحيح مستند بيهي ٿو.
مضمون جي لحاظ کان شاهه لطيف جي شعر تي شاهه ڪريم جي ڪلام جو اثر ٻن نمونن جو نظر اچي ٿو. هڪ ته شاهه صاحب جا ڪيترا بيت، شاهه ڪريم جي بيتن جي ڀران چيان آهن. ۽ ٻيو هي ته شاهه صاحب شاهه ڪريم جي بيت وارو مضمون پنهنجي بيت ۾ پيش ڪندي پنهنجي بيت ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪئي.
سوئي هيڏان ، سوئي هوڏان،سوئي من وسي،
تنهن سندي سوجهري، سوئي سوپسي،
(شاهه ڪريم)
شهنشاهه لطيف انهي فڪر جي بيت ۾ وضاحت ڪندي فرمائو ٿو.
سوهي، سوهو، سو اجل سو الله،
سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.
(شاهه لطيف)
شهنشاهه لطيف شاهه ڪريم جو مقبرو پنهنجي هٿن مبارڪن سان جوڙايو. مقبري لاءِ ڪاشي جون سِرون ملتان مان آڻي تمام سهڻي نموني مقبرو تيار ڪرايو. مقبري واري جاءِ بُلڙي کي اڳ ”سيدپور“ چوندا هئا. مائي بُلڙي جيڪا ملاح ذات جي نالي ”مائي حوا“ هئي. جنهن کي مائڻ بُلڙي ڪري ڪوٺيدا هئا. اڄ تائين سندس نالو ”بُلڙي“ طور سڃاتو وڃي ٿو.

حوالا:
بين العارفين 2. شاهه ڪريم جو ڪلام
3. شاهه ڪريم سنڌي شاعري جو وهائو تارو
4. مخدوم نوح جا سهيوڳي
5. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري