حضرت فريد الدين عطار رح (513هه_ 627هه)
خواجه صاحب شروع ۾ هڪ وڏي شفا خاني جو مالڪ هو. هڪ ڏينهن اتفاق سان هڪ فقير اچي صدا هنئي. ۽ چيائين ته تُون پنهنجي ڪاروبار ۾ مصروف آهين. پنهنجو فڪر ڪر، اڳتي هلي ڇا ڏيندين“. اِهي لفظ چئي چپ ڪيائين. ته خواجه صاحب چيو. ته ”جيئن تون ڏيندين“. فقير اُتي جو اُتي سُمهي پيو. ۽ زبان مان لا اِله اِلا الله چوندي ئي دم پرواز ڪري ويو. خواجه فريد انهي عمل کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ۽ شفا خاني ۾ پيل سامان ماڻهن ۾ مفت ورهائي. فقيري جو رستو اختيار ڪيائين.
خواجه صاحب شيخ رڪن الدين اسڪاف جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. ۽ ڪافي سال سندس خدمت ۾ گذاريا. پاڻ شيخ مجدالدين بغدادي جي هٿ تي بيعت ڪئي. ۽ سلوڪ جو منزلون طئي ڪيون. ۽ مرشد جي فيض مان فيضاب ٿيا.
تذڪره نوسيين جي لکڻ موجب ته مون مولانا جلاالدين رومي رح جي والد حضرت بهاوالدين نيشاپور ۾ حضرت فريدالدين ” حضرت عطار“ سان ملاقات ڪئي هئي. اُن وقت مولانا رومي جي عمر ڇهه سال هئي. مولانا رومي کي ڏسندي ”عطار“ سُڃاڻي ورتو. ۽ پيار ڪندي ۽ اِن ننڍڙي نينگر کي پنهنجي مثنوي ”الاهي نامه“ سوکڙي طور ڏني. جيڪا تصوف جي رازن ۽ رمزن سان ڀريل آهي. ۽ فرمايائين ته:
”زود باشد که اين پسر در سوفتگاران عالم زند“
واقعه شهادت:
تذڪره نگار خواجه صاحب جي شهادت معتلق ڄاڻائيندي لکن ٿا. ته تاتارين جي هنگامي ۾ ”خواجه عطار“ کي هڪ سپاهي گرفتار ڪري وٺي وڃي رهيو هو. ته هڪ رستي ويندڙ سپاهي کي چيو ته ”هن ضعيف مرد کي قتل نه ڪر. آءُ ڏهه هزار اشرفيون ڏيان ٿو. هن کي ڇڏي ڏي.“ سپاهي لالچ ۾ ايندي اڳتي وڌيو. ۽ وري هڪ ٻيو شخص مليو. جنهن به ڪافي ڳري رقم ڏيڻ جي آڇ ڪندي. هن بزرگ کي حوالي ڪرڻ لاءِ چيو. پر ان سپاهي سڀ آڇون پوئتي ڪندي حضرت خواجه فريدالدين عطار رح کي سِر سِسِي کان جُدا ڪري. شهيد ڪري ڇڏيو. هن اولياءَ الله جي بزرگ جي شهادت 627 هجري 1230ع ۾ ٿي. آخري آرام گاهه نيشاپور ۾ آهي.
پاڻ نثر ۽ نظم ۾ ڪافي ڪتاب لکائين. قاضي نورالله شوستري جي ڪتاب ” مجلس المومنين“ ۾ سندس ڪتابن جو تعداد 114 ملي ٿو. مشهور ڪتابن ۾: تذ ڪرت الاولياءَ، منطق الطير، مصيبت نامه، اسرار نامه، الاهي نامه، ديوان بيرنامه، پند نامه، وصيت فامه، خسرو نامه، شرح القلب، فصلت نامه، بلبل نامه، جواهر نامه، هيلاج نامه، بسير نامه، حيدر نامه، مختار نامه، اشتر نامه، مظهر العجائب، لسان الغيب ۽ هفت وادي وغيره ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا.
خواجه فريدالدين عطار جي شعرن جو تعداد ٻه لک ٻه هزار سٺ آهي. ڪتاب ”تذڪره الاوليا“ ڪتابن ۾ وڌيڪ مشهور آهي. سموري شاعري تصوف جي رنگ ۾ رکيل نظر اچي ٿي. مولانا جلال الدين رومي به سندن شاعري ۾ تعريف ڪئي آهي. پنهنجي ڪتاب ”نفحات الائنس“ ۾ فرمايو آهي. ته ”توحيد جا جيترا اسرار ۽ نُڪتا ۽ وجد حال جون جيتريون حقيقتون ”عطار“ جي مثنوين ۽ غزلن ۾ ملن ٿيون. اوتريون ٻئي ڪنهن به صوفي وٽ نه ٿيون ملن.“
خواجه فريدالدين عطار ”منطق الطير“ ۾ جيڪي مضمون آندا آهن. سي سمورا سچل سائين پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيا آهن.
حوالا:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ تصوف جا سلسلا:ڊاڪٽر عباد مظهر
قصص الاولياءَ:محمد حسيب القادري
تذڪره اولياءَ:حضرت شيخ فريد الدين عطار
سنڌ جو عطار(حضرت سچل سرمست):ڊاڪٽر نواز علي شوق