لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

شهنشاهه لطيف ؓ جي شادي

شهنشاهه لطيف جي شادي مرزا مغل بيگ جي نياڻي سان ٿي. شاهه لطيف جي ان وقت عمر 22 سال هئي. اِها شادي جي رسم 1124 هجري مطابق 1712ع ۾ ”ڪوٽڙي مغل“ ۾ ٿي. جڏهن ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي 2 ڪتابن لطيف جو پيغام ص _ 31 ۽ ٻئي ڪتاب لطيفي لات ص _ 21) تي سُهڻي لطيف جي شادي وقت عمر 24 سال ڄاڻائي آهي. جيڪا غلط آهي. ڊاڪٽر صاحب هجري ۽ عيسوي سال ته صحيح ڄاڻايا آهن. پر شهنشاهه لطيف جي عمر غلط ڄاڻائي آهي. ان وقت سهڻي لطيف جي عمر 22 سال هئي.
جيڪڏهن لطيف سرڪار جي عمر 24 سال هئي. ته پوءِ هجري سال جو 1126هه هجڻ لازم هجي ها.
شهنشاهه لطيف جي شادي مرزا بيگ جي نياڻي نالي ” سعيده بيگم“ سان ٿي. جنهن کي شاهه جا مريد ۽ معتقد ادب وچان تاج المخد رات ( پردي وارين زالن جو ڇٽ يا سرتاج) سڏيندا هئا. بيبي صاحبه پاڪدامن پرهيزگار ۽ روزي نماز جي سخت پابند هئي. ۽ گهر جو ڪم ڪار به خود پاڻ ڪندي هئي.
حوالو: شاهه جو رسالو: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي سال 2015 مهراڻ ايڪڊمي شڪارپور ص _ 17)
ڪوٽڙي مغل ويران ٿي رهيو هو. شهنشاهه لطيف شادي کان پوءِ اُتان لڏي. اچي (ڀٽ) وسائي. بيبي صاحبه شاهه سائين جي حياتي ۾ ئي وفات ڪئي. پوءِ پاڻ ڪڏهن به شادي جو ارادو نه ڪيو.
”تاج المخدرات“ مان شهنشاهه لطيف کي اولاد ڪو نه ٿيو. ڪن مهينن کان پوءِ اُميد واري ٿي. جنهن تي حويلي ۾ سرهائي ٿي. ۽ خوشي جي لهر لڳي ويئي. هڪ ڏينهن هڪ فقير شهنشاهه لطيف جي خدمت ۾ تکو تکو ڀڄندو ۽ سهڪندو آيو. پاڻ تکي اچڻ جو پڇيو. جنهن تي فقير وراڻيو. ته بيبي صاحبه اُميد واري سان آهي. ۽ پَلي کائڻ جي خواهش ڏيکاري هوائون. شهنشاهه لطيف کي ان ڪم تي ڪاوڙ آئي. ۽ فرمايائين ته ” اولاد اڃا ڄائو ڪو نه آهي. ته فقيرن کي رُلائي ٿو. پوءِ جي ڄمندو ته الائي ڪهڙا ڪلور ڪندو. اهڙي ٻار جي گُهرج ڪانه آهي. الله الله ڪندڙ فقير سڀ منهنجو اولاد آهن.“ ٻار پيٽ اندر سُڪي ويو. شهنشاهه لطيف پنهنجي فقيرن کي ئي پنهنجو اولاد سمجهندا هئا. ۽ ”ابا“ ۽ ”ادا“ جهڙن لقبن سان سڏ ڪندا هئا.
حوالو: ڪتاب : ( لطف اللطيف : مولانا دين محمد وفائي ص _ 73).
مٿين حقيقت مان ظاهر ٿيو ته شهنشاهه لطيف کي ليکڪن هروڀرو (عشق جي چوٽ لڳي) ڄاڻائي غلط ڪيو آهي، جيڪڏهن سُهڻو لطيف عشق جي شادي ڪري ها. ته پنهنجي پيدا ٿيندڙ ٻار لاءِ اهڙي دُعا هرگز نه گُهري ها. جو پيٽ اندر ئي سُڪي ويو. ڇو ته سندس فقير ئي اولاد مثل هئا.