تصوف

چوراسي عارفانه بيت

ڪتاب ”چوراسي عارفانه بيت“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب صوفي شاعر خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي عارفانه بيتن تي مشتمل آهي جنهن جو محقق ۽ شارح ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب آهي. هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ڪمپوزنگ شڪيل الرحمان ۽ محمد صديق جوڻيجوصاحب ڪئي آهي. ۽ ڪمپيوٽر لي آئوٽ نديم احمد سولنگي ۽ اِي ڪمپوزنگ الشيخ ڪمپوزرس سانگي طرفان ٿيل آهي.
Title Cover of book چوراسي عارفانه بيت

سوانح حيات سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ وارو

سنڌ جي عظيم عارف ۽ روحاني پيشوا سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جي ولادت 21 رمضان المبارڪ 1125هه مطابق 1713ع تي شيخ عبداللطيف جي گهر ۾ ٿي ۽ اها جڳهه موجوده لُواري شريف کان ٻه ميل ڏکڻ طرف هئي. سندن نسب پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه سان وڃي ملي ٿو. “ لطيفي التحقيق” موجب سندن وڏاعباسي خليفي جي دور ۾ سال 170هه مطابق 766ع ڌاري عربستان کان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا ۽ ٺٽي جي ڀرسان سڪونت اختيار ڪيائون. چون ٿا ته سومرن جي آخري دور ۾ حالتن جي ناسازگار هجڻ سبب هي خاندان سنڌ ڇڏي ڪڇ طرف هجرت ڪري ويو. ليڪن ساڳئي خاندان مان شيخ عبداللطيف وڏو سال 910هه مطابق 1504ع تي موٽي سنڌ آيو.
مستند روايت موجب هن خاندان جو پهريائين سهروردي سلسلو هو، ليڪن سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جو والد شيخ حاجي عبداللطيف مخدوم آدم نقشبندي ٺٽويءَ جي پٽ شيخ فيض الله جي هٿ تي بيعت ڪري نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيو.
خواجه محمد زمان جي تعليم ۽ تربيت ٺٽي ۾ ٿي ۽ سندس استادن ۾ نمايان نالو شيخ محمد صادق نقشبندي جو آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم فاضل شخص هو. ۽ مخدوم آدم نقشبنديءَ جي پٽ محمد اشرف جو نياڻو هو. اهو ساڳيو محمد صادق نقشبندي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو وڏو معتقد هو.
خواجه محمد زمان نوجوانيءَ ۾ هو ته شيخ محمد عرف خواجه ابوالمساڪين جيڪو مخدوم آدم نقشبنديءَ جو پوٽو ۽ سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جو اڳواڻ هو. ان جي بابرڪت صحبت هيٺ نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ خواجه ابوالمسڪاين نوجوان خواجه محمد زمان کي پنهنجي خانداني مسند حوالي ڪري پاڻ حرمين جي زيارت لاءِ روانو ٿيو چون ٿا ته ان وقت خواجه محمد زمان جي عمر فقط چوويهه سال هئي. خواجه ابوالمساڪين حرمين ۾ رهائش دوران، خواجه محمد زمان ڏانهن خط لکي سندس رهنمائي ڪندو رهيو. اهي خط فردوس العارفين ۾ موجود آهن. جيڪو خواجه محمد زمان جي هڪ معتقد مير بلوچ خان 1201هه يعني پنهنجي مرشد جي وفات کان رڳو ٻارهن سال پوءِ مرتب ڪيو.
‘فردوس العارفين‘ جي لکڻ موجب ٻن سال بعد خواجه ابوالمساڪين موٽي ٺٽي آيو ، پر ڪجهه وقت کان پوءِ اهل عيال سميت هميشه لاءِ حرمين شريفين روانو ٿيو. جتي 9 ذوالحج 1149هه ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس جنت المعليٰ ۾ دفن ڪيو ويو.
فردوس العارفين واري لکيو آهي ته خواجه محمد زمان کي پنهنجي دستخط سان خلافت ۽ ارشاد ڪرڻ جي اجازت هن ريت لکي ڏنائين:
“ لما کان الاخ فی اللہ محمد زمان سلک فی الارادۃ وصحب مع المسکین صحبۃ کثیرۃ اجزتہ لتعلیم الطریقۃ بشرط الاستقامۃعلی الشریعۃ والطریقۃ۔ ”
[ترجمو: جيئن ته الله جي راهه ۾ ڀاءُ محمد زمان مريديءَ جي لڙهيءَ ۾ شامل ٿيو آهي ۽ هن مسڪين جي صحبت ۾ ڳچ وقت گهاريو اٿس. انهيءَ ڪري کيس طريقت جي تعليم جي اجازت ڏنم ۽ انهيءَ شرط سان ته شريعت ۽ طريقت تي محڪم رهندو.]
فردوس العارفين ۾ خواجه ابوالمساڪين جا حرمين شريفين مان لکيل پنج خط موجود آهن، هڪ خط ۾ خواجه محمد زمان سان محبت جو اظهار ڪندي لکن ٿا:
“ الله سندس خواهشون پوريون ڪري طريقت جا ڀاءُ سهڻي راهه جا رفيق صاحب ڪمال ميان محمد زمان ڪيترو عرصو ٿي ويو آهي ۽ ڪيتري وٿي پئجي وئي آهي جو هن نيڪ عادتن واري دوست جي طرفان ڪا خبر نه ملي آهي ظاهر آهي ته جدائي ۽ بي رخي اختيار ڪئي اٿائين.
ہر کہ عاشق شد اگرچہ نازنین عالم است
ناز کی راست آید بار می باید کشید
“معنيٰ : جيڪو عاشق ٿئي ٿو پوءِ توڙي جو سڄي جهان ۾ اهو ناز وارو آهي. هن کي نازڪ ٿيڻ نه گهرجي، بلڪ هن کي بار کڻڻو پوندو.”
هيءُ درويش توهان جي باري ۾ سوچي رهيو هو ته ڪي معاملا جيڪي بنده نوازي سبب هن بيڪار بدڪردار متعلق آهن. توهان کي ٻڌائي ڇڏي ها، توهان جي ڪناره ڪشي هرگز نٿي سونهين ڇو ته اهو سٺو سنوڻ ڪونه ٿيو پر چوندا آهن:
ہر کس مصلحت خویش نکو میداند
معنيٰ هر ڪو پنهنجي مصلحت بهتر ڄاڻي ٿو.
مطلب ته جيئن چيو اٿن:
اندکے پیش توگفتم غم دل ترسیدم
کہ دل آزردہ شوی درنہ سخن بسیار است
معنيٰ تنهنجي آڏو ٿورڙو دل جو غم بيان ڪيو اٿم. ڀئو اٿم ته ڪٿي تنهنجي دل کي رنج نه رسي، نه ته ڳالهيون گهڻيون آهن.
چئي نٿو سگهجي ته خواجه ابوالمساڪين جي حرمين شريفين مستقل هجرت کانپوءِ سلطان الاولياء خواجه محمد زمان ٺٽي ۾ ڪيترو وقت ترسيو، ڇو ته فردوس العارفين جي روايت موجب ٺٽي ۾ سندن ڪيترا حاسد پيدا ٿي چڪا هئا جن ۾ ٺٽي جا ڪي اثر و رسوخ وارا مشائخ يا درگاهن وارا ڏانهن خلق جي رجوعات ڏسي حسد واري روش اختيار ڪئي هئي بهرحال ايترو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اڃا سندن والد حال حيات هو جو ٺٽو ڇڏي اچي پنهنجو اصلوڪو اباڻو ماڳ لُواري شريف وسايائون. جتي سندن والد 1149 هه ۾ وفات ڪئي.
پر چون ٿا ته ڪجهه عرصي بعد ان ماڳ جو پاڻي کارو ٿي ويو جنهنڪري ڪجهه فاصلي تي نئون ڳوٺ اچي ٻڌايائون ۽ ان جو نالو به لواري رکيائون. نئين لواري شريف کي آباد ڪرڻ جو سال 1150هه مطابق 1737ع ٻڌايو وڃي ٿو.
لواري شريف ۾ رهائش دوران اڪثر پاڻ استغراق ۽ محويت مجاهدي ۽ مراقبي جي ڪيفيت ۾ گذاريندا هئا. اهوئي زمانو هو جڏهن خلق جي رجوعات ۾ پڻ اضافو ٿيڻ لڳو ۽ سندن نالو سنڌ کان ٻاهر خاص طور ڪڇ ڀڄ جي ايراضي تائين پهتو.
مير علي شير قانع سنڌ جو مشهور مورخ ۽ خواجه محمد زمان جو همعصر پنهنجي مشهور تصنيف تحفة الڪرام جيڪو هن 1180هه ڌاري لکڻ شروع ڪيو ان ۾ لکي ٿو ته:
“ميان محمد زمان اڄ ڪالهه جو مرشد ۽ ميان ابوالقاسم ۽ ميان محمد نقشبندي (ابوالمساڪين) جي مريدن مان آهي ڏاڍو هدايت وارو آهي. نقشبندي سلسلي جي مرين جو مرجع ۽ وڏين ڪرامتن جو صاحب آهي. هن وقت بدين جي ويجهو لواري جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. هڪ دنيا کي فيض جي درياهه مان سيراب ڪري رهيو آهي. گهڻن ماڻهن جو اعتقاد آهي ته هن وقت سندس وجود بينظير آهي. ڪنهن به پيدائش نه هوندي وٽس عام مهمان خانو هلي ٿو. عجب هي آهي ته هڪ ٽولو حقيقت کي سمجهڻ کان سواءِ رڳو ظاهر تي مٿس طعنه زني ۾ مشغول آهي. هنن ڏينهن ۾ الاهيءَ قضا کي پهتو آهي يعني سن 1188هه جي پڇاڙي ءَ ۾ گذاري ويو آهي.”
جيئن مير علي شير قانع لکيو آهي تيئن لواري شريف ۾ اقامت کان پوءِ خواجه محمد زمان جي روحاني فيض جو چرچو گهڻو ڦهلي ويو انهيءَ زماني ۾ سندس جهڙو ارشاد جو صاحب سنڌ ۾ ڪونه هو، گهڻي ئي بزرگ سندس خدمت ۾ فيض جي طلب لاءِ حاضر ٿيا.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي لکڻ موجب سنڌ ۾ حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جيڪو 1170 هه۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو ۽ اڳي ئي اهڙن برگزيده شخصيتن جو قدردان هو، سو پڻ سندن ڏانهن متوجه ٿيو ۽ کين جاگير ڏيڻ جي آڇ ڪيائين جيڪا پاڻ قبول نه ڪيائون. ميان غلام شاهه جي 1186هه۾ وفات کان پوءِ ميان سرفراز پاڻ وڏي عقيدت ظاهر ڪئي جو سنڌ جي حڪمراني حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو دعا واسطي حاضر ٿيو هو.
مشهور روايت موجب جنهن ڏانهن فردوس العارفين جي مصنف مير بلوچ خان پڻ اشارو ڪيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ دفعي لواري شريف آيو جتي خواجه محمد زمان سان ملاقات ڪيائين البته شاهه عبداللطيف ۽ خواجه صاحب وچ ۾ جيڪي بيت نقل ڪيا وڃن ٿا. اهي مرغوب الاحباب واري ڏنا آهن.ياد رهي ته اهو پويون تذڪرو سال 1262هه ۾مرتب ڪيو ويو. سڀ کان پهريائين ان ملاقات جو ذڪر ڊاڪٽر گربخشاڻي لواري جا لال ۾ ڏنو، ان کان پوءِ علامه دائودپوٽي پڻ ابيات سنڌي ۾ اهي بيت نقل ڪيا آهن ۽ اهو پڻ لکيو اٿس ته شاهه عبداللطيف ان ملاقات کانپوءِ خواجه صاحب جي شان ۾ هي بيت پڙهندو هو:

سي مون ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
فردوس العارفين وارو لکي ٿو ته خواجه صاحب عمر جي پوين سالن ۾ خاص طور 1187هه ۾ گهڻو بيمار رهڻ لڳا.ايتري قدر جو چوڻ لڳا ته هاڻي اسان جي هلڻ جو وقت اچي ويو آهي. انهن ڏهاڙن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هي بيت سندن زبان تي هوندو هو.
اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺئو،
تان لهي تو مٿاءُ، سندو مِٽيءَ مامرو.
آخر پاڻ ٽيهٺ ورهين جي عمر ۾ چوٿين ذوالقعد 1188هه مطابق 1775ع ۾ ڇنڇر ڏينهن هن فاني دنيا کي ڇڏي دارالبقا ڏي راهي ٿيا. سندن وفات تي قطعه تاريخ بابت ڪيترن شاعرن ۽ عقيدتمندن تاريخون لکيون آهن. فردوس العارفين واري سيد غلام مهتدي شاهه لکوي جو هيٺيون قطعو ڏنو آهي.
قطب الاقطاب فرد یزدانی
نقشبند است نقش نورانی
شہہ محمد زمان حبیب خدا
مرشد است و مجدد ثانی
بود مظہر ز نور ذات اللہ
آمدہ در لباس انسانی
باز خواہش ز اصل خویش نمود
زانکہ او بود نور سبحانی
ماہ ذیقعد را چہارم بود
خواست نزع لباس جسمانی
آمدہ باتف ز غیب پدید
گفت ای شاہ جان جانانی
ہر دو عالم شدہ است عرض بتو
کن قبول از یکی کہ بہ دانی
گفت او را جواب و ہم تاریخ
بہ ز ہذا اصل عریانی
۱۱۸۸ہ
مہتدی سائل است بر در تو
از حصول مقام عرفانی

هڪ ٻئي تاريخ نظر علي مرغوب الاحباب واري لکي آهي جنهن جا آخري ٽي بيت هن ريت آهن.

بوقت چاشت چہارم ماہ ذیقعد
ازیں دار فانی شد انتقالش
ندائے خلوت ما باحق آمدہ
۱۱۸۸ہ

چو مے نوشت تاریخ وصالش
علی کو خاک بوس درگہے او است
نظر باشد کند روزی بہ حالش

ڪجهه ٻيون تاريخون هن ريت آهن:
وَ رضي له قولا
1188هه
محمد زمان شيخ قطب الله
1188هه
اهڙي طرح ٻين ڪيترن شاعرن ۽ عالمن تاريخون لکيون آهن.جيڪي طوالت سبب پيش نه ٿيون ڪجن.
سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جا فيض يافته خليفا ۽ مريد گهڻائي ٿيا پر انهن مان هيٺيان زياده مشهور آهن:
1.شيخ عبدالرحيم گرهوڙي
2.شيخ حاجي ابوطالب اگهمي
3.شيخ حاجي محمد صالح کڙائي
4. خواجه حافظ هدايت الله
5.خواجه قاضي احمد دمائي
جن جو تفصيلوار احوال فردوس العارفين، جواهرالبدائع، مرغوب الاحباب، آئينه اولياء ۽ سڄڻ ڏٺو جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
فردوس العارفين جي مصنف مير بلوچ خان متعلق هتي ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هو اصل۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي درٻار سان وابسته هو جتي هن سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جي روحاني فيض جي هاڪ ٻُڌي آخر سال1182هه ۾ يعني خواجه صاحب جي وفات کان ڇهه سال اڳ لواري شريف ۾ اچي دست بيعت مريد ٿيو. هن واقعي کي فردوس العارفين ۾ هو وڏي محبت جي ۾ پيش ڪري ٿو.جنهن مان سندس عقيدت جو اظهار ٿئي ٿو.مير بلوچ صاحب طرز اديب ۽ فارسي شاعري ۽ عربي ۾ دسترس رکندڙ هو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي علمي انداز واري تحرير ۾ ڪيو آهي جنهن ۾ هن عطار، رومي، حافظ، جاميءَ ۽ ٻين فارسي شاعرن جا شعر نهايت برمهل انداز ۾ آندا آهن.هو لکي ٿو ته انهيءَ ڪتاب لکڻ وقت هن اهو احوال حافظ هدايت الله جيڪو خواجه محمد زمان جو پراڻو مريد هو ان کان پُڇي لکيو آهي. ان کان علاوه هو خواجه گل محمد کان پڻ ڪيتريون روايتون نقل ڪري ٿو جن کي ڪتاب ۾ آڻي ٿو.مطلب ته اوائلي تذڪري جي حيثيت ۾ اهو گهڻي حد تائين معتبر ماخذ آهي. هو خواجه گل محمد ۽ ان جي ڪتاب الورد المحمدي مان به استفادو ڪري ٿو.هو ٻين نقشبندي بزرگن جي تحريرن کان علاوه مڪتوبات امام ربانيءَ جا حوالا پڻ آڻي ٿو.
سلطان الاولياء جي رحلت کان پوءِ خواجه گل محمد گادي نشين ٿيو، جنهن جي عمر ان وقت فقط يارهن سال هئي يعني هو 1177هه ۾ ڄائو هو.شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ سڀ کان پهريائين سندس بيعت ڪئي ۽ پورو هڪ سال سندس خدمت ۾ لواري شريف ۾ ترسي پيو غالبا انهيءَ عرصي دوران گرهوڙي صاحب ابيات سنڌي ، فتح الفضل ۽ رساله ڪل نما تصنيف ڪيا.