(9) (9) پِرتِ ڇَڏِ پَرڏيهَه جي، ساڻِيههَ ڪَرِ سَنڀالَ، لُکنِ سَندي لالَ،مَڇُڻَ مُفتُ وِڃائين. [تون هن پرديس (مادي دنيا) جي پريت ۽ پچر (هوس) ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي اصلي وطن يا ماڳ جو فڪر ڪر. متان اُهو موتي (روح) جيڪو لک لهي. ائين اجايو ضايع ڪري ڇڏين.]