(13) (13) آهي عُشَاقَنِ جو، مذهب مُشتاقن، جِي ڪڏِهين ڪِينَ پَسَنَ، هِنئين سين هوتَنِ ري. [اصلي عاشقن جو عقيدو (ويساهه) گهڻي شوق ۽ جذب وارو آهي. هو ڪڏهن به محبوب کان سواءِ دل ۾ ٻيو ڪي به نه ٿا ڏسن ( ٻي ڪنهن شيءِ کي دل ۾ جاءِ نٿا ڏين).]