(2) جَاهِلُ ذوقُ سُکَنِ جو، عَارِفَ سُور سُهاءِ، سُورَنِ سَندِي ساءِ، راحَتَ رَسِي رُوحَ کي. [( معرفت کان) اڻڄاڻ هميشه خوشيءَ جي تلاش ۾ آهن. پر عارف کي سور ۽ سختيون وڻن ٿيون. اها عشق جي درد جي لذت ئي آهي. جنهن سان عارف جي روح کي فرحت ۽ سڪون ملي ٿو)]