• سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي I
1. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ.
2. سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ سکيا کي بهتر بنائڻ، خاص ڪري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر سنڌي نه ڄاڻندڙ سرڪاري ملازمن ۽ عام شهرين کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ڏيڻ.
3. سنڌ جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري دفترن، توڙي ٻين خودمختيار ادارن، عدالتن ۽ مڪاني ادارن اندر سنڌيءَ ۾ لکپڙهه ڪرڻ ۽ سنڌيءَ ۾ رڪارڊ رکڻ کي يقيني بنائڻ.
4. درسي ڪتابن، اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي تي سنڌي ٻوليءَ جي صحيح استعمال کي يقيني بنائڻ ۽ ان کي ترقي وٺائڻ.
5. مقابلي جي امتحانن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال لاءِ ڪوشش وٺڻ.
6. خاص وفاقي دستاويزن ۽ اشاعتن کي سنڌيءَ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ.
اهي آهن سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ کي قائم ڪرڻ جا مول متا ۽ مقصد. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پنهنجي انهن مول متن ۽ مقصدن تي ڪيتري حد تائين عمل ٿيو آهي ۽ ڪيتريون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن.
ان کان اڳ جو اسان جائزو وٺون، مون کي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي سنڌي ترجمي “سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو” الائي ڇو دل سان ٺهڪندو ناهي ۽ انگريزي جو غير فطري ۽ منجهائيندڙ ترجمو لڳندو آهي.
جڏهن لفظ “با اختيار” استعمال ٿئي ٿو ته ٺيٺ سنڌيءَ ۾ اسان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته هر شيءِ ان جي اختيار ۾ آهي جنهن کي چئبو آهي “حڪم تمهارا” يا هر شيءِ ڪنٽرول ۾ آهي. هونئن به اٿارٽي جو ترجمو با اختيار اختياري جو موجوده چيئرمين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو جنهن وٽ سماجي لسانيات ۾ انگلينڊ کان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري آهي ۽ جنهن کي قابليت جي “ڪنڌ ۾ ڪلي” لڳل ناهي ۽ جيڪو رلڻو ملڻو کلڻو پر عقيدي ۾ اٽل ۽ انتهائي سنجيدو نوجوان آهي، تنهن سان جڏهن تازو ملاقات ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي بابت ساڻس ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون ٿيون. ڪچهري کان پوءِ جيڪو مون محسوس ڪيو سو اهو آهي ته هن وٽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت جو جوش، جذبو ۽ ولولو ته وڏو هو پر ڳالهه ڳالهه تان جنهن “مجبوري” کيس منجهائي رکيو هو سا آهي رپئي ڏوڪڙ جي اڻاٺ، سالياني گرانٽ پندرهن لک روپيا ۽ فقط پگهارن جو ساليانو خرچ 36 لک روپيا آهي ته کوٽ ڪٿان پوري ٿئي ۽ ترقياتي ڪم ڪٿان ٿين. ٻيو اختياري پاران ورتل فيصلن جي جلد منظوري ۽ اڪلاءُ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتون به آهن.
اداري پاران “سنڌي ٻولي” جي نالي سان هڪ ڇهه ماهي تحقيقي جرنل به ڇپجي رهيو آهي تنهن جا ٽي شمارا منهنجي نظر مان گذريا آهن. پهريون جنوري کان جون 1999ع، ٻيو جولاءِ ڊسمبر 1999ع ۽ ٽيون ڇهه ماهي، پر ان کي سالنامو ڪري جنوري ڊسمبر 2000ع ڪڍيو ويو آهي جنهن جي ايڊيٽوريل جون شروعاتي ٻه سٽون هن ريت آهن:
“سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو ساليانو” 2000ع پڙهندڙ جي سامهون آهي هونئن ته هي جرنل ڇهه ماهي آهي پر ڪن مجبورين سبب وچ ۾ هڪ پرچو نڪري نه سگهيو.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته “سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو” ڇهين مهيني شايع ٿيندڙ هڪ جرنل به نه ڪڍي سگهيو جن کي هنن لکيو ته ڪن مجبورين سبب ڇهه ماهي جرنل کي سالنامو ڪري ڪڍڻو پيو. خبرناهي ته سال 2001ع ۾ اهي جرنل نڪتا الائي ڪو نه!؟
سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن کي منهنجيءَ هن گذارش تي غور ڪرڻ گهرجي ته ڀلا “سنڌي لينگويج اٿارٽي” جو سڌو ۽ سولو ترجمو “سنڌي ٻولي اختياري” ڇو نه ٿو ٿي سگهي جهڙي طرح انگريزي ٻوليءَ کي نالن رکڻ ۾ ڪنهن به حرف جر يا حرف جملي ڳنڍڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي اهڙيءَ طرح اسان کي “سنڌي ٻولي” کان پوءِ لفظ “جو” جو اضافو ڪري ٻولي جي اختصار واري خوبي وڃائي ٿا ويهون. اردو وارن اردو لينگويج اٿارٽي جو نالو مقتدره جو لفظ انتهائي نامناسب ۽ غير فطري آهي جنهن جو مطلب آهي “اقتدار” واري زبان، ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اقتدار جي انڌي ۽ ناجائز استعمال کان پوءِ ان لفظ کان ماڻهن ۾ ايڏي چڙ ۽ نفرت ٿي وئي آهي جو اقتدار جو نالو ٻڌندي ئي ڄڻ ته منهن ۾ گار چڙهي ٿي اچي ويتر اسان جي ملڪ ۾ اردو کان سواءِ ٻين ٻولين سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ جي نتيجي ۾ ۽ اوڀر پاڪستان جي تقسيم جي اصل سببن جي نتيجي ۾ اردو زبان کي هونئن ئي دعائون ڪو نه ٿيون ملن مٿان جو اردو لينگويج اٿارٽي کي “مقتدره” جو نالو مليو اهو اردو جي حق ۾ سٺو نه ٿيو.
سنڌي لينگويج اٿارٽي جي قيام کان هيستائين هيٺيان محترم چيئرمين جي عهدي تي فائز رهيا آهن.
1. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 91–2–15 کان 94–3–6
2. ڊاڪٽر نواز علي شوق 94–11–17 کان 97–1–6
3. امر جليل (اعزازي) 97–1–7 کان 97–5–5
4. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 95–4–3 کان 95–4–17
5. ممتاز مرزا (واڌو چارج) 97–11–17 کان 97–4–6
6. عبدالحميد ميمڻ سنڌي 97–5–6 کان 98–7–22
7. جناب پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا 98–7–22 کان 2000–8–1
8. پروفيسر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو 2001–8–1 کان هلندڙ.
مٿي ڄاڻايل سڀ جا سڀ نالا معزز ۽ معتبر آهن. اٿارٽي جو موجوده بورڊ آف گورنرس هيٺين ڪامورن عالمن ۽ اڪابرن تي مشتمل آهي.
سرڪاري ميمبر
1. چيئرمين، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن
2. سينيئر ميمبر، بورڊ آف روينيو سنڌ
3. ناڻي کاتي جو سيڪريٽري يا ان جو نمائندو
4. سيڪريٽري تعليم، حڪومت سنڌ
5. سيڪريٽري سياحت، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ
غير سرڪاري ميمبر
1. جناب سيد هاشم رضا
2. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
3. جناب مظهر الحق صديقي
4. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
5. جناب عبدالقادر جوڻيجو
6. ڊاڪٽر سليمان شيخ
7. ڊاڪٽر نواز علي شوق
8. ڊاڪٽر جميل جالبي
9. ڊاڪٽر فرمان فتح پوري
10. ڊاڪٽر شريف ميمڻ
11. جناب الله بخش سومرو
سيڪريٽري آهي اسان جو توهان جو سڀني جو يار، کاهوڙي محنتي، تاج جويو. توهان ڏسندا ته ماشاءالله بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۾ به سڀ عالم فاضل ۽ آزمايل اديب آهن. ڪي دانشور آهن ته ڪي سماجي خدمتگار. مان سمجهان ٿو ته اسان جي علمي ادبي ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ وقت اسان جي حڪومت هڪ عنصر کي نظر انداز ٿي ڪري، اهو آهي ته اداري کي هلائڻ جو انتظامي صلاحيت. ادارن کي انتظامي طور تي ڪاميابيءَ سان هلائڻ ٻي شيءِ آهي ۽ علمي ادبي قابليت صفا ڌار شيءِ آهي. تمام گهٽ ائين ٿيندو آهي ته هڪ فرد عالم فاضل دانشور ۽ اديب هجي ته ساڳي وقت انتظامي امور ۽ ڊسيپلين جو ماهر به هجي. تنهنڪري منهنجي ذهن مطابق بورڊ آف گورنرس ۾ ڀلي سڀ پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر عالم فاضل ميمبر هجن پر ان جو سربراهه ڀلي ڪو سي، ايس، پي آفيسر يا پي، سي، ايس آفيسر هجي جيڪو اتفاق سان ڀلي اديب هجي پر جنهن کي ادارن هلائڻ جي باقائده تربيت هجي ڏسو نه ته اسان جو اديب لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ته ڄاڻن ٿا پر ضروري ڪونهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو سنڌ جي سڃاڻ آهي ۽ سنڌ جنهن جهڙو ڪو ٻيو ٻچو شايد پيدا ڪري سگهي. سو انتظامي ماهر ۽ ادارن هلائڻ تي به دسترس رکندو هجي.
منهنجي حساب سان سنڌي لينگويج اٿارٽي جو موجوده چيئرمين علمي لحاظ کان ته نهايت موزون آهي ئي آهي پر نوجوان هجڻ ۽ پنهنجي ڦڙتيلي ۽ ياري باشي واري طبيعت سبب علمي توڙي انتظامي لحاذ کان بالڪل مناسب ماڻهو آهي. اسان کي کانئس وڏيون اميدون آهن. شرط هڪڙو آهي ته ٻئي نوجوان ٻئي پڙهيل ڳڙهيل ٻئي سنڌ جا سچا فرزند يعني ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو ۽ تاج جويو مڪمل ايڪي ۽ اتحاد سان ڪم ڪن ۽ هڪ ٻئي تي ٽرسٽ ڪن اعتماد ڪن گڏجي هلن ۽ ڪو ڪنهن کي نظر انداز نه ڪري. ٺيڪ آهي ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو “باس” آهي ۽ تاج جويو زيردست پر تاج جويي ۾ ڪم ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي هو کاهوڙي آهي. ٻگهيو صاحب جيترو تاج جويي کي وڌيڪ اختيار ڏيندو مٿانئس اعتماد ڪندو ته تاج ٻيڻو ڪم ڪري ڏيکاريندو.
“جي گهگهيرين گڏين ته ٻين کان ٻيڻو ڪريان”
سنڌي لينگويج اٿارٽي هن وقت تائين ايڪهتر ڪتاب ڇپائي چڪي آهي. تمام جلد “قليچ ڪتاب گهر ۽ ثقافتي نمائشي مرڪز” (Qaleech Kitab Ghar and Cultural Display Centre) قائم ٿيڻ وارو آهي جتي اداري پاران ڇپايل توڙي ٻيا ڪتاب وڪري لاءِ رکيل هوندا ۽ سنڌ جون ٻيون ثقافتي شيون پڻ نماءُ تي رکيل هونديون.
هڪ ٻي خبر جنهن ۾ ڊاڪٽر ٻگهيي جي ڦڙتي، ڀڄ ڊڪ همت ۽ جوانمردي جو هٿ آهي سا اها آهي ته اٿارٽي جي عمارت پويان سنڌ سرڪار جو 22 سو گز پلاٽ پيل هو، سو سنڌي ٻولي اٿارٽي لاءِ مفت ۾ الاٽ ڪرائي آيو آهي. جنهن ۾ سندن رٿا موجب سنڌ گارڊن قائم ڪيو ويندو جيڪو فنڪشن ۽ شادين يا پارٽين لاءِ استعمال ٿي سگهندو جنهن جي آمدني اٿارٽي کي ملندي اهڙيءَ ريت اٿارٽي کي درپيش مالي مشڪلات ۾ گهٽتائي ٿيندي. اختياري قائم ڪرڻ وقت جيڪي مول متا ۽ مقصد آڏو رکيا ويا هئا ان ترتيب سان هر هڪ ۾ ڪيترو ڪم ٿيو آهي ۽ ٻيو اختياري ڪمپيوٽر جي فيلڊ ۾ به ڪافي ڪم ڪيو آهي ان جي اپٽار ايندڙ ڪالم ۾ ڪنداسون.
عوامي آواز- سومر 28 جنوري 2002ع