• خدا ماڻهن ۾ مهر آڻي
پسو پکيئڙن – ماڻهئان ميٺ گهڻو
ماري مرين شال! ڍٻ وڃنئي ڍٻيون
جيئن تو اچي ڪال، وڌو وچ ورهن سين
ڪراچي جي شهر ۾ چورين، ڌاڙن، ڦرن ۽ گاڏين ڦرجڻ جي آزار سبب انسان خوف ۽ هراس جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهن. هت انساني جانيون ته عذاب ۾ آهن ئي سهي پر اڄ مان توهان جو ڌيان پکين ۽ جانورن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو. ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تان گذرندي توهان ڏسندا ته ڪي ماڻهو هٿن ۾ ديسي ڪڪڙيون ۽ ڀاڙو تتر ابتا لڙڪايون پيا ايندين ويندين گاڏين وارن کي وڪڻڻ لاءِ واجهائيندا رهندا آهن اهڙيءَ طرح تتل ڏينهن ۾، سخت گرمي ۾ ويچارا ساهدار سڄو ڏينهن ابتا لڙڪيا پيا هوندا آهن نه ان نه پاڻي – اهو تماشو مان تقريبن روز ڏسندو آهيان. جڏهن گاڏيءَ م بمبينو سئنيما وٽان لگهندو آهيان تڏهن اهي ظالم، ڪڪڙيون ۽ تتر ابتا لڙڪائي وڪري لاءِ واجهائيندا وتندا آهن.
پراڻڻ زمانن ۾ هڪ ادارو هوندو هو جنهن جو نالو هو S.P.C.A يعني Society for prevention or cruelties upon animals انهيءَ اداري جون موبائيل يا گشتي ٽيمون شهر ۾ گشت ڪري اهو ڏسنديون هيون ته ڪنهن گگدام سان ظلم زيادتي ته نه ٿي ٿئي. گڏهه گاڏن يا ٽانگن ۾ ڍڪندڙ گهوڙن سان ڪو ظلم زيادتي ته نه ٿي ٿئي. مثال گڏهه گاڏي تي ضرورت کان وڌيڪ وزن رکڻ جي ڏوهه ۾ گڏهه گاڏي جي مالڪ تي ڏنڊ لڳندو هو. SPCA جي آفيسرن کي سزا ڏيڻ يا ڏنڊ لڳائڻ جا اختيار هوندا هئا. زخمي جانور کي ڍُڪائڻ يا ان کان ڪم وٺڻ تي پڻ ڏنڊ هنيو ويندو هو. مون کي يقين آهي ته اها سوسائٽي اڃا به برقرار هوندي پر اهي به سوچيندا هوندا ته جتي انسانن تي ٿيندڙ ظلمن جو ڪو پڇاڻو ڪونهي ڪا پوئواري ناهي. اتي ڪڪڙين، تترن يا گهوڙن ۽ گڏهن کي ڪير ٿو پڇي؟
ٻيو نظارو توهان اهو به ڏٺو هوندو. ٽرڪن ۾ گگدام ساسي، مينهون ۽ ڳئون هڪ ٻئي ۾ ڳتيل، سوڙهه ۾ سنڌ ۽ پنجاب کان ڪراچي آنديون وينديون آهن.
توهان ڏسندا ته انهن گگدامن جا ڪنڌ به اڀا ۽ هڪ هنڌ بيٺل هوندا آهن ۽ اهي ڏينهن رات جي مسافت طئي ڪري ڪراچي پهچايا وڃن ٿا. سچ پڇو ته مان اها واردات ڏسي نه سگهندو آهيان ۽ ڏسندو آهيان ته انهن ظالمن کي دل ئي دل ۾ گهڻي لعنت ملامت ڪندو آهيان.
اسان ڳوٺاڻا، مالوند ماڻهو ڀاڳيا آهيون، مال کي، خاص طرح مينهين کي امان امان ڪري هڪليندا آهيون، ڏهندا هيون. علڻ فقير ۽ شهڪي جو گڏجي ڳايل مشهور ڪلام
“هو مان هو مان” جو مطلب ته شايد شهڪي کي پاڻ به نه ايندو هوندو ته اهو “هو مان هو مان ڇاهي” باقي اردو ٻڌندڙ دنيا لاءِ به اهو سمجهڻ ڏکيو ڪم آهي.
اهي ٻول مالوند ڀاڳيا يا ڳوٺاڻا ئي سمجهي سگهندا. اهو مينهن کي هڪلڻ يا اٿارڻ جو “طريقو” آهي. “هون امان هون امان” جنهن جي بگڙيل صورت “هو مان هو مان” ٿي وئي آهي. ته جنهن مال کي اسان امان چئي پاٻوهه سان پڪاريون تنهن کي هي بي ڪهل ماڻهو ٽرڪن ۾ بي دردي سان ڀيڪوڙي موڪلن ٿا. سوچيو ته اهي گگدام ۽ بي زبان ڪهڙي عتاب منجهان گذرندا هوندا.
ڀٽ ڌڻي سر سارنگ ۾ ڍرون جي خوشحالي جو بيان طرح طرح سان ڪيو آهي :
اڄ پڻ اتر پار ڏي – ڪڪريون ڪاريون
وسي ٿو وڏ ڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون
“لٿين لک لطيف چئي، ڍايون تاساريون
ڀڄنديون ڀٽاريون – وري وٿاڻين آئيون
اڱڻ تازي – ٻهر ڪنڍيون پکا پٽ سُنهن
سُرهي سيج، پاسي پرين، مَرُ پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين شال هون برابر ڏينهڙا
ڀٽ ڌڻي ته انهن ڪونجڙين تي به ڪهل ٿو ڪري جي پنهنجي وطن کان ٻئي وطن تي رزق جي تلاش ۾ پرڏيهه ٿيون پڌارن
“قسمت آنديون ڪونجڙيون وطن سندن روهه
ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه – رزق رزاق هٿ ۾.”
ڀٽ ڌڻي نه فقط پکين ۽ ڍورن لاءِ ڳايو آهي پر هو ته وڻن سان به ڳالهيون ٿو ڪري.
ڪر ڪي ڳالهڙيون ڪنڊا ڍور ڌڻين جون
ڪيئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏيهنن گذرئي
ڪندا تو وٽان – سچ ڪه سيڻن لڏيو
مَڃُر تو مٿان ڇڻيو پون ڇڳا ڪيو!
خدا ماڻهن ۾ مهر آڻي جو انسانن کي ته ڏکائن ٿا پر پکين ۽ جانورن کي ته ايذائڻ ڇڏي ڏين. S.P.C.A جيڪڏهن اڃا وجود ۾ آهي ته کين انهيءَ پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
عوامي آواز ڪراچي-21 آگسٽ 2001ع