ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5869
  • 745
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• تبسم – هڪ ٻاجھارو انسان اربيلو شاعر ۽ اديب

هڪ ازلي تاس آهي. هڪ ازلي تاس ڇا آهي؟ ڪنهن لاءِ اڃارو آهيان. وجود ۾ ڳولي ڳولي ٿڪو آهيان. ڪٿي ڪو عشق يا محبت به لڪل ڪونهي. ته پوءِ عشق محبت پيڙا ڇا آهي ؟ آهي ڪو جو ٻڌائي ته هي ڇا آهي؟”
اها پيڙا، اها لُڇ، اها جستجو ۽ سوچ ڪنهن جي آهي ۽ آخر ۾ اهو سوال ڪنهن پڇيو آهي ته آهي ڪو جو مون کي ٻڌائي ته هي ڇا آهي؟ اهو آهي خود، ڪتاب جو ليکڪ ۽ اسان جو پيارو دوست عبد الغفار “تبسم” جنهن جي وجود جي اها ڀڃ ڊاهه، اهي پيڙائون اهي سوچون اهي لُڇون، اهي سوال فقط ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن وٽ ئي نه هوندا آهن. اهي اُڌما هر جِيو جي جسم ۾ هوندا آهن. پر انهن جي اظهار جي ڀرپور صلاحيت فقط شاعرن، قملڪارن ۽ فنڪارن وٽ هوندي آهي. جڏهن تبسم اهي سٽون لکيون هيون تڏهن سندس پٽ خليل جبران ۽ ارسلان آمريڪا ۾ رهندا هُئا ۽ هي سندن پيار ۽ پاٻوهه ۾ جھُري رهيو هو. خاص طور تي تنهن وقت ارسلان اڃان ننڍڙو هو ته اهو کيس وڌيڪ ياد ايندو هو. سندس سڪ کيس وڌيڪ ستائيندي هئي. سندس اها تڙپ ۽ پنهنجي پٽن لاءِ پيار سندس ئي جملن جي نفي آهن. جنهن ۾ هُن چيو هو ته “ وجود ۾ ڳولي ڳولي ٿڪو آهيان. ڪٿي ڪو عشق يا محبت به لڪل ناهي.” ان پس منظر ۾ ڏسجي ته خليل جبران يا ارسلان لاءِ سندس تڙپ کي ڪهڙو نالو ڏجي. عشق فقط ڇوڪرين سان ئي نه ٿيندو آهي، عشق جي شروعات ئي پنهنجن ٻچن کان ٿئي ٿي. انسان انهن جو اظهار زبان ۽ قلم سان ڪري ٿو ۽ حيوان انهن جو اظهار پنهنجي حِس آهر ڪندا آهن.
تبسم هڪ انتهائي حساس، نفيس ۽ درد ڀلي دل رکندڙ آهي. هر انياءَ، هر ڏاڍ، هر ظلم ۽ هر غيرمنطقي عمل تي هو ڏکارو ۽ ٻاجھارو ٿي پوندو آهي ۽ هڪ انقلابي ٿيڻ چاهيندو آهي. سندس شاعري توڙي نثر مان اهڙا اعلان اڀري نروار ٿي اچن ٿا، پر طبيعت ۾ نهايت نهٺائي سبب، هو سڀ سُور پي ويندو آهي ۽ درگذر واري طبيعت، مٿس حاوي ٿي ويندي آهي. هو ته بنيادي طور سچو، سادو، سڌو ۽ سٻاجھو انسان آهي. سندس تمام گھڻي شاعري مختلف فنڪارن ڳائي آهي ۽ اڃان به ڳائجي پئي. سندس شاعري پٿر يا ڄَوَ جي رڪاڊن کان وٺي ڪيسيٽن ۽ هاڻ سيڊيز تي نروار ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ يو ايس بي جو دور آهي.
جيڪا ڳالهه پياري تبسم کي گھڻن همعصرن کان مختلف ڪري ٿي اُها اِها آهي ته کيس پنهنجي قد وڌائڻ لاءِ ڄامڙن ۽ خوشامندڙين ۽ مفت جي چسڪين ۽ چسڪن تي واهه واهه ڪندڙ وانگارين جي ضرورت ناهي. هو پنهنجي تعريف ۾ پريس رليز ٺاهي اخبان ۽ رسالن جي درن جا ڌڪا نه کائيندو آهي. هو هڪ باوقار، خاموش طبيعت ۽ ڀلو انسان آهي.
اتفاق سان پراڻا پنا اٿلائيندي، مون کي هڪ اخبار ۾ لکيل پنهنجو ڪالم مليو آهي، جيڪو 28 آڪٽوبر 2003ع جو لکيل آهي، يعني اڄ کان اٽڪل ڏهه سال اڳ جو لکيل آهي. ڪالم ته ڊگھو آهي پر موقعي جي مناسبت سان مان ان مان ڪجھه ٽڪرا ضرور پيش ڪندس:
“اندر جي اٿاهه اُڪير مان، پنهنجي عزيز ترين دوست ۽ خوبصورت سرجڻهار هدايت بلوچ لاءِ - “ ع .غ. تبسم.
پنهنجي تازي ۽ خوبصورت ڪتاب “موسيقي – موسم ۽ تبسم” تي اهو لکي هو مونکي گهر پهچائي ويو هو. مان جڏهن هن جهان ۾ موجود نه هوندس، تڏهن به منهنجي لائبريري جي ڪٻٽن ۾ اهو ڪتاب ان ۾ سندس پاران پورهيت هٿن سان لکيل منهنجي لاءِ اهي جملا منهنجي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ ڪافي هوندا. تبسم جي سوچيندڙ ذهن جي چوڻ تي سندس پورهيت هٿن جي چرپر مان جيڪي بي بها خزانا اسان جي گھرجائو هٿن تائين پهتا آهن، تن جو وچور هي آهي:
• شاعري:
 گُلن جهڙا ڳل
 مِٽيءَ جا سُر
 شفق وارا ڇانورا
 سوچون صحرا- صراب
 نيڻن جي آڳر ۾
 موسيقي، موسم ۽ تبسم
 سج آرسي ۾
 تنها ڪنڌيءَ مسافر
 جو پل جهومي جهول ۾
 سونهن کڻي ساڻيهه چميو
 پتڻ جو پڪارون

سندس آتم ڪهاڻي “هو جي جوڀن ڏينهڙا” 1994ع ۾ ڇپيو. اها آتم ڪٿا شايد ٽن جلدن تي مشتمل آهي جنهن جا ٻه جلد اڃا اچڻا آهن. “زندگي تنهنجا رنگ – هزار “ سندس آمريڪا ۽ لنڊن جي سفرنامن تي ٻڌل آهن.
ايترن گهڻن خوبصورت شاعري توڙي نثر جي ڪتابن جو ليکڪ بيشڪ منهنجو پيارو دوست آهي. مان جيڪو ڪنهن هڪ به ڪتاب جو ليکڪ ناهيان، سو حادثاتي طور تي اديبن ۾ شمار ٿيان ٿو. سنڌ جي مڙني مُک ۽ مهندار ۽ ترقي پسند لڏي ۾ ڪجهه نه ڪجهه سڃاڻپ رکان ٿو. هِتي هُتي انڌي ڪاڻي شاعري به ڪئي اٿم. پر اهڙي نه جو اسٽيج تي ڪو حوالي طور منهنجو نالو کڻي سگھي. پر پوءِ به هڪ ڀيرو حادثاتي طور تي انهن افعالن هوندي به سنڌي ادبي بورڊ جي گورننگ باڊي جو ٽي سال ميمبر رهي چڪو آهيان. منهنجي قلم کڻڻ جو مقصد هو ته پنهنجي پياري دوست تبسم تي ڪجهه لکان.
سنڌ ۾ عبدالغفار جهڙا ٻيا به شاعر آهن. نثر لکڻ وارا به آهن. شايد تبسم کان بهتر لکڻ وارا به هجن. پر سوچڻ جي فقط هيءَ ڳالهه آهي ته هن وقت سنڌ ۾ جيڪو مانُ ۽ پيار تبسم کي ملي ٿو، سو وريو ڪنهن ٻي شاعر يا اديب کي ملي ٿو. ائين ڇو آهي، ان جا ڪهڙا سبب آهن، سچ پچ ته صحيح خبر مونکي به ناهي، پر ڌُڪا هڻڻ جي ڪوشش ڪندس. شاهه لطيف کان پوءِ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هجڻ جو تقريبن جنهن کي متفق طور تي اعزاز مليل آهي، تنهن جو نالو مان لڪايان ته لڪائڻ سان لڪي نه سگھهندو، سو ظاهر آهي ته شيخ اياز ئي آهي. هُو هڪ پڙهيل ڳڙهيل شخص هو. وڪيل هو. هن جو فن ۽ تخليق پنهنجي عروج تي هئي. پر هو شخص مصلحتن جو شڪار ٿي ويو. ذاتي طور تي هُن ۾ تڪبر به هو. ان ڪري سنڌ جي عوام هُن سان دلي محبت نه ڪئي. مان سنڌ جي عوام جي ڳالهه پيو ڪريان، مارو مالوندن جي، ريڍار، ٻڪرار، ڌنار ۽ پورهيت، ڪڙمي، ڪمي، ڪاسبي انهن کي جيڪڏهن اسين عوام سڏيون ٿا ته پوءِ شيخ اياز عوامي شاعر نه هو. سنڌ جو تمام وڏو شاعر هوندي به هُن جي پنهنجي هلت چلت يا ڳالهه ٻولهه ۾ سنڌي ماڻهو وارو ميٺاج نه هو. هُن ۾ عاجزي، انڪساري ۽ هيٺاهين نه هئي. خدارا منهنجي هن لکت مان ڪڏهن به اهو انومان نه وٺجو ته مان شيخ اياز جي خلاف آهيان. پر ڇو ته هو تمام وڏو شاعر هو، انڪري گهڻا ماڻهو سچي تنقيد کان به قاصر آهن ته متان سندس حلقي جا ماڻهو نه ان جي پويان پئجي وڃن. ڇو ته شيخ اياز جيڪڏهن عوامي شاعر نه به هو تڏهن به هن جي پرستارن جو جيڪو حلقو موجود آهي اهي تعليم جا وڏا ڌڻي آهن، سو مون جهڙي اڌ پڙهيل جا لاهه ئي ڪڍي ڇڏيندا.
شيخ اياز جي لاڏاڻي کان پوءِ وري شيخ اياز ثاني جا وڏا تڪرار هليا. اصل وٺ وٺان ٿي وئي. پر رڪارڊ کي درست رکڻ لاءِ اهو عرض ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان ته ان گوءِ ۾ استاد بخاري شامل نه هو. اڄ ڳالهيون پيون ٿين ته سنڌ ۾ شاهه ڀٽائي کان پوءِ وڏو شاعر شيخ اياز هو يا استاد بخاري.
توهان جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويندا ته ٻڪرار، ريڍار، ڪڙمي، ڪمي ڪاسبي، پورهيت، مزدور هرڪو استاد بخاري جا ڪلام جھونگاريندو نظر ايندو. ته اهو جيڪو استاد بخاري کي مانُ مرتبو مليو تنهن ۾ رڳو سندس فن ۽ پيار جي پورهيي جي امرتا آهي. پر هن پاڻ کي سنڌ جي ٻئي ۽ ٽئي نمبر شاعر هجڻ لاءِ ڪي به جتن ڪو نه ڪيا هئا. اهو سنڌ جي عوام جو شعور آهي.
عبد الغفار تبسم، شيخ اياز جي به قريب رهيو ، پر استاد بخاريءَ سان هو بيحد ويجھو هيو. استاد بخاري پاڻ به هڪ مُکڻو شخص هو. ڏاڍو رلڻو ملڻو ڀوڳائي ٺڪائي، مخلص ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. ائين ته تبسم به ماکيءَ جي لار جهڙو مٺو شخص آهي. هينئر ڳوٺن ۾، واهڻن ۾ استاد بخاري سان گڏ غفار تبسم جا ٻول گونججن ٿا. هُن ۾ “مان” جهڙو قابل نفرت نخرو ناهي.
“مان” چوڻ يا پاڻ کي پسڻ هڪ حقارت جوڳو رجحان آهي. اصل سڀڪجهه “اسان” آهي. “مان” ڪجهه به ناهي. “مان” جيڪڏهن ڪجهه لکان ٿو، پڙهان ٿو، سياست ڪريان ٿو، سو “اوهان” لاءِ ڪريان ٿو. اوهان ان کي پسند يا نا پسند ڪريو ٿا. پوءِ “مان” ۽ “اوهان” “اسان” بڻجي وڃون ٿا. اهو ئي وحدانيت جو فڪر ۽ فلسفو آهي.
ڀٽائي ان سلسلي ۾ ايستائين چئي ويو آهي ته تو ۾ جيستائين اهو “مان” موجود آهي تيستائين تنهنجو پورهيو ئي پاڻي آهي.

جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه نماز
سڀ وڃائي ساز، تِهان پوءِ تڪبير چئو.

جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود
وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو.

اسان جا چڱا چڱا سرجڻهار “مان” جي ور چڙهي ويا ۽ انهن سڀڪجهه وڃائي ڇڏيو.
وري ڀٽائي ٻڌو:
محبت پائي من ۾ ، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگھايو.

چائت پائي چت ۾ سنهو ڪتيو جن
تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.

ٻارهين سيپٽمبر 2003ع تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ وڏي ڌام ڌوم سان ڪراچي جي هندو جماعت خاني ۾ ان ڪتاب جي مهورت جو فنڪشن ڪرايو. سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانيسلر سائين مظهر الحق صديقي ڪتاب جو مهورت ڪيو. سنڌ جي سدا بهار شخصيت جنهن کي سنڌ جي “موناليزا” جي لقب سان به سڏيو وڃي ٿو. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، سيڪريٽري اطلاعات سنڌ ۽ سائين گل محمد عمراڻي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت نه فقط موجود هئو پر تبسم جي فن تي خوب ڳالهايو. ميڊم فهميده حسين، سائين علي احمد بروهي، تاجل بيوس، آڪاش انصاري، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، شمشير الحيدري ۽ اردو جو مشهور شاعر نقاش ڪاظمي تبسم جي ڏات ۽ ڏانءَ فن ۽ فڪر ۽ سندس ٻاجهاري ۽ ٻهڳڻ شخصيت تي خوب ڳالهايو هو. ان موقعي تي سنڌ رويو هڪ تمام وڏي سائيز جو رعبدار دعوت نامي جو ڪارڊ پنهنجي پاران سنگت کي ڇپرائي ڏنو هو. ڪارڊ ۾ ئي ايڏي حشمت رکيل هئي جو ڪمزور دل وارو ته پڙهي ئي نه سگھي. ٻيو ته اسان جي پياري مهربان دوست سنڌ رويو جي چيف ايڊيٽر عرفان عباسي سنڌ رويو جو نهايت علمي ادبي ۽ خوبصورت “تبسم نمبر” ڪڍيو هو. جيڪو ان موقعي تي ورهايو ويو هو. جنهن ۾ تبسم جي فن ۽ فڪر ۽ شخصيت تي پرمغز مضمون ڇپيل آهن. جيڪو هڪ سانڍڻ جهڙو تحفو آهي. اهڙي طرح سنڌ رويو جي ان تبسم نمبر کي مون به پنهنجي لئبريري ۾ سانڍي رکيو آهي.
تبسم تي ڳالهائڻ ويهبو ته بقول وفائي جي داستان درڪار ٿي ويندا. پر ڪجھه مڃيل اديبن جا رايا ضرور پيش ڪندس:

شيخ اياز:
منهنجي عبدالغفار تبسم سان ڪافي وقت کان دوستي رهي آهي. عبدالغفار تبسم، قاضي منظر حيات، سرڪش سنڌي ۽ مقصود گل ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌ ۾ منهنجا مداح آهن. مرحوم استاد بخاري هڪ عوامي شاعر هو ۽ هن جي سنڌ ۾ عام ۽ مقبول شاعري هئي. هُن جي اثر هيٺ سنڌ ۾ ڪافي شاعر پيدا ٿيا. جن به شاعريءَ ۾ پنهنجو وارو وڄايو آهي.
تبسم پڻ ان سلسلي جي هڪ مضبوط ڪڙي آهي. هن جي زير نظر ڪتاب ۾ تبسم جو استاد بخاري جي باري ۾ لکيل تاثر پڙهڻ جهڙو آهي. تبسم ۾ هڪ گهري ندي جهڙي خاموشي آهي. هو تمام گهٽ ڳالهائي. بحث، الجھاءَ کان ڪنارا ڪشي ڪندو آهي. پهرين ملاقات ۾ اهو اندازو نه ٿيندو ته هُن ۾ ڪا ايتري تخليقي سگھه آهي جيتري هن ڪتاب ۾ ظاهر ٿي آهي.
تبسم جي باري ۾ شيخ اياز جهڙي ارڏي ۽ مغرور ماڻهوءِ جا اهي لفظ ئي تمام وڏا آهن.

تاجل بيوس:
تبسم وٽ گوليءَ کي گُل ۽ تلوار کي رابيل جي ٽاري بنائڻ واري ڏات آهي. جيئن پنجاب جي شاعر ڊاڪٽر اقبال جي اقباليات ۽ روميءَ جي مثنوي جا عامل ۽ وارث آهن، تيئن استاد بخاري جو استاديءَ جو وارث تبسم آهي. ان استادي کي هٿ ڪرڻ لاءِ تبسم کي ڇا نه ڪرڻو پيو آهي.
تبسم پنهنجي پراڻي مجازي شاعريءَ کي قومي شاعري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سالن جا سال محنت ۽ مشقت ڪئي آهي. تڏهن وڃي لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي گيان جي باغ مان “گيان” هٿ ڪري واهه کي واهڙ بڻايو آهي. شاعريءَ جا شال سدائين سدا گلاب چانورن جا کيت پوکيندو ۽ لڻندو رهي.

انعام شيخ:
اها قدرت جي مهرباني آهي جو خيالن ۾ رات جي راڻي جهڙي سُرهاڻ سان واسيل اسان جو دوست عبدالغفار تبسم دعوائن جي گدلاڻ کان اڃان تائين پري آهي. هُن تي غرور، پاڻ پڏائڻ ۽ نرگسيت جي بيماري جو اڃان معمولي حملو به نه ٿيو آهي. ان ڪري ئي هُن جي شاعري فطري توڙي داخلي سونهن جي ترجمان شاعري آهي. هُن جا لفظ سادا، تز ۽ احساساتي ڪشمڪش کي بيان ڪندڙ آهن. اونهاري ۾ لاڙڪاڻي جي ٻوسٽ ڀريل گرمي جهڙي هاڻوڪي ماحول ۾ تبسم اسان لاءِ زيتون جو اهو وڻ آهي جنهن ۾ ڇانورو به آهي ته ڪارج ڀريو سوادي ڦل به.

ڊاڪٽر ايوب شيخ:
اوهان ڪڏهن به ۽ جڏهن به تبسم جو ڪو گيت، وائي يا آزاد نظم پڙهو ٿا ته اوهان کي بنا دير سندس شاعري جي پيرايي ۾ هڪڙو تمام وڏو نالو سامهون اچي ٿو. اوهان جي دماغ جا اشارا، ڪنايا ازخود هڪ ئي شاعر جو نالو ٻڌائن ٿا. عبدالغفار تبسم جي اها مڃتا ئي کوڙ آهي ته هن جي هڪ لفظ پڙهڻ يا سندس نالو اچارڻ سان ماڻهو سنڌ جي عوامي، آزاد ۽ ارڏي شاعر محترم استاد بخاري ۽ هن کي گڏي ياد ڪن ٿا. سنڌ جي شاعرن جي ڪيڏي نه اهم فارمولا آهي جو تبسم استاد جي ياد بڻجي پيو آهي ۽ استاد کي ياد ڪرڻ لاءِ تبسم جو نالو ضروري ٿي پيو آهي. سندس ڀاڳ ۾ اها ڪيڏي نه وڏي ڳالهه شامل ٿي ويئي آهي ته هو ڪنهن نالائق ۽ بي هنر، ڪميڻي ۽ سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن توڙي انسانيت جي ويري شاعر جو دوست ۽ ساٿي ناهي. هو ڪنهن به دلال جي پيش امامي ۾ شاعري سرجيندڙ ناهي.