• شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي -II
گهڻي خلوص مان.
فهميده حسين
22 آگسٽ 93ع
اهي لفظ لکي ڏنا هئا، پنهنجي پياري، بيحد پڙهيل ڳڙهيل، بيحد محنتي، ايماندار، بيحد مانائتي ۽ هاڻي بيحد ڏکايل ڀيڻ، ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي ڪتاب، “شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ” تي، اڄ کان نوَ سال اڳ – هي اهو ئي ڪتاب آهي، جنهن تي کين پي . ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ٿي هئي. بي انتها محنت سان لکيل ڪتاب آهي. جنهن محنت، ڏات ۽ ڏانءَ جو ڳوڙهو ميلاپ – خاص طور تي عورتن جي حوالي سان هي ڪتاب بهترين تحرير آهي ۽ جنهن نه پڙهيو آهي تنهن ڄڻ ڪجهه وڃايو آهي.
مون پنهنجي پوئين ڪالم جي شروعات به ڊاڪٽر درشهوار جي مون لاءِ لکيل لفظن سان ڪئي هئي ۽ هن ڪالم جي شروعات به ادي فهميده جي مون لاءِ لکيل لفظن سان ڪئي آهي. دوست اهو نه سوچين ته ڪو هي مون پنهنجي قد وڌائڻ لاءِ ڪيو آهي. پر اهو ان لاءِ ڪيو اٿم ته چيئر جي ٻن قابل احترام ڊائريڪٽرن سان اسان جو علمي ادبي ناتو ۽ گڏيل احترام جو ناتو ڪو نئون ناهي. پر جي ڪو دوست ائين سمجهي ته اهو ڪم مون پنهنجي قد وڌائڻ لاءِ ڪيو آهي ته ائين به سهي، مون کي اهڙن علمي ادبي شخصيتن سان تعلق هجڻ تي فخر آهي.
اسان جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارا اڪثر تنقيد جو نشانو پئي رهيا آهن. پوءِ اها تنقيد ڪڏهن جائز به هوندي آهي ته ڪڏهن شخصي عناد، ذاتي دشمني يا داري جي انتظامي يا مالي مجبورين کان لاعلمي تي ٻڌل به هوندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جهڙو عظيم، اوائلي ۽ نهايت مانائتو ادارو ڪافي وقت کان تنقيد جو نشانو پئي رهيو آهي، هينئر به آهي مان خود بورڊ بچايو تحريڪ جي سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هوس ۽ بعد ۾ بورڊ جو ٽن سالن لاءِ ميمبر به رهيس. بورڊ جي معاملن تي گهڻو لکڻ جي گنجائش آهي جيڪو ضرور لکبو چوڻ جو مقصد هي آهي ته ڪي علمي، ادبي تحقيقي يا اشاعتي ادارا اهڙا به آهن جن تي تنقيد جي ڄڻ گنجائش ئي ڪانهي ۽ جن جي فقط ساراهه ۽ وهه وا ئي ٿيندي رهي آهي ۽ جن جي سڳند جو واس هوا کڻي هر هنڌ گهمائيندي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر به هڪ اهڙو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارو آهي جنهن تي تنقيد جي گنجائش مون کي نظر نه ٿي اچي ۽ گهڻي تعريف ڪبي ته دوستن کان اها به هضم نه ٿي سگهندي. پر منهنجي نظر ۾ هن اداري تمام گهڻو ۽ وزنائتو ڪم ڪيو آهي ۽ خاص طور تي موجوده ڊئريڪٽر ڊاڪٽر فهميده حسين جي دور جو ڪم مقداري لحاظ کان گهڻو معياري لحاظ کان اهم ۽ ڇپايل ڪتابن توڙي تحقيقي جرنل ڪلاچي جي ڪور ڊيزائن اکين کي وڻندڙ ۽ ان ۾ استعمال ٿيل پنو اوچو ۽ معياري آهي يعني هالو چالو ڪم ٿيل ناهي پر انتهائي خوبصورت ڪم ٿيل آهي. حد ته اها آهي جو چيئر جي اعليٰ ترين عهدي تي فائز هوندي به ڪتابن جي پروفن جي چيڪنگ تائين پاڻ ڪئي اٿن ۽ هر ڪتاب ۽ هر جرنل مڪمل طور تي پنهنجي نظر مان ڪڍيو اٿن.
شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هجڻ، ڊاڪٽر فهميده جهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ محنتي ۽ ايماندار شخصيت لاءِ ڪا وڏي اعزاز جي ڳالهه ناهي. مان ته سمجهان ٿو ته چيئر کي اهو اعزاز آهي جو ڊاڪٽر فهميده حسين ان سان لاڳاپيل آهي. چيئر کي ڪيئي مشڪلاتون آهن. انتظامي ۽ تنظيمي لحاظ کان. هيءَ چيئر اڃان پڪي ٿيل ناهي يعني باقاعدي ڪراچي يونيورسٽي جو حصو ناهي. ڪلاچي تحقيقي جرنل ۾ هڪ هنڌ ڊاڪٽر فهميده لکيو آهي.
شاهه عبداللطيف چيئر جو ادارو سنڌ جي ٻين ادارن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مختلف به آهي ته بنهه مختلف ماحول ۾ هئڻ ڪري ڪجهه وڌيڪ مسئلن جو شڪار به رهيو آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ان جي عارضي حيثيت آهي. ڊائريڪٽر کان ويندي ريسرچ آفيسرن کان ڪمپيوٽر آپريٽر، ڪلارڪ ۽ پٽيوالن جي آسامين جو عارضي هئڻ هن اداري جي ڪارڪردگي تي اثرانداز ٿيندو رهيو آهي.
جيئن مون عرض ڪيو ته هڪ عارضي علمي، ادبي اداري، جنهن جي وقت اچڻ تي ڪراچي يونيورسٽي اختياري وارا به وارثي نه ٿا ڪن تنهن جي ڊائريڪٽر هجڻ، ڊاڪٽر فهميده لاءِ ڪو ايڏو وڏو اعزاز ناهي شايد اهو ئي سبب آهي جو چيئر جا ٻه لائق ۽ محنتي ريسرچ آفيسر، ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري چيئر ڇڏي ويا. ڪمال ڄامڙو هن وقت اسلاميه ڪاليج ۾ ليڪچرار ۽ طارق عزيز شيخ نيشنل ڪاليج ۾ ليڪچرار. پر ان عارضي چيئر جي عارضي ملازمت به ڊاڪٽر فهميده حسين جي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ شاهه لطيف سان لڳاءُ ۾ ڪو فرق ڪا ڪمي نه آندي آهي هن پنهنجو ڪم ملازمت نه پر مقدس مشن سمجهي پئي ڪيو آهي. اسان جو هڪ ٻيو دوست انب گوپانگ به چيئر ڇڏي ويو، شايد ان سبب شاهه ڀٽائي تي جيڪا سي–ڊي ٺهي رهي هئي تنهن جو ڪم رولي ۾ پئجي ويو آهي ۽ ان کي نئين سر جاري ڪرڻ جو پروگرام آهي.
ڪمال ڄامڙي ۽ طارق عزيز شيخ جي جاءِ تي هينئر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ عبدالعزيز خاصخيلي ريسرچ آفيسرن طور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي گولڊ ميڊلسٽ آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي ادب ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪئي آهي. اميد آهي ته اهي ٻئي دوست محنت ڪندا ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو سهارو بڻجندا پر وري به مسئلو ڦري گهري اتي جو اتي موجود آهي ته چيئر جي عارضي هجڻ واري خرابي سبب ريسرچ اسڪالر اتي پنهنجو مستقبل محفوظ ۽ مضبوط نه ٿا سمجهن. جتي ڪيرئير جو تحفظ ناهي ته ان جو اولڙو ڪارڪردگي تي به ضروري پئي ٿو. شاهه لطيف چيئر پاران هن وقت تائين ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪتاب شايع ٿيا آهن انهن جو سهيڙيندڙ ۽ ليکڪ ڪير آهي ان جي قيمتي ڪيتري ۽ انهن تي ليکڪن ۽ اديبن کي ڪيتري رعايت ملي سگهي ٿي تنهن بابت چيئر پاران هڪ خط عالمن، اديبن ليکڪن ۽ محققن کي موڪليو ويو آهي.
مان بهتر سمجهان ٿو ته انهيءَ خط ۾ جن ڇپايل ڪتابن جي فهرست ڏني وئي آهي سي ڏيان ته جيئن پڙهندڙن کي سموري سڌ پئجي وڃي ۽ شايد ڪتابن خريد ڪرڻ تي آمادهه ٿين.
1. شاهه لطيف جي موسيقي (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
2. شاهه لطيف ڪي شاعري اور فڪر (مترجم:ڊاڪٽر آءِ ڪيو نقوي)
3. تحقيق جو طريقيڪار (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
4. شاهه لطيف تي تحقيق (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
5. شاهه لطيف جي ببليو گرافي (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
6. ڪشف الابيات (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)
7. شاهه جو رسالو (چئن ٻولين ۾) (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
8. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (هڪ مطالعو) (آزاد قاضي)
9. شاهه ۽ سنڌ (اردو، سنڌي ۽ انگريزي مقالا) (ڊاڪٽر فهميده حسين)
10. سوشل ڪانٽيڪٽس اِن شاهه جو رسالو (انور پيرزادو)
11. شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر (ڪمال ڄامڙو ۽ طارق شيخ)
12. شاهه ۽ سنڌ – ڀاڱو پهريون (ڊاڪٽر فهميده حسين)
13. شاهه ۽ سنڌ – ڀاڱو ٻيو (ڊاڪٽر فهميده حسين)
14. ڇپر جي ڇولي (انب گوپانگ)
15. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايڪ مفڪر شاعر (مترجم: عبدالحق عظيم)
16. زندگيءَ جو سفر- (رومي، شاهه، اقبال) (عبدالغفور ڀرڳڙي)
17. دي بڪ آف شاهه عبد اللطيف ڀٽائي (جارڊ ليڪي)
18. شاهه جو رسالو- جلد پهريون (ٻانهون خان شيخ)
19. شاهه جو رسالو- جلد ٻيو (ٻانهون خان شيخ)
20. اميج آف وومين ان پوئٽري آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي
(ڊاڪٽر فهميده حسين)
21. سنڌ جو شاهه (بدر ابڙو)
22. سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر (ڊاڪٽر غفور ميمڻ)
23. ڪلاچي – تحقيقي جرنل (چار جلد- ٻارهن پرچا)
(ايڊيٽر ڊاڪٽر فهميده حسين )
انهن ڪتابن کان علاوه ڪلاسيڪي شاعرن جي گڏيل لغت تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. جنهن ۾ ڪلاسيڪي شاعرن جي ڏکين ۽ عام فهم ۾ ايندڙ لفظن جي معنيٰ ڏني ويئي آهي.ان لغت ۾ جيڪي ڪلاسيڪي شاعر شامل ڪيا ويا آهن: انهن ۾ قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، عبدالرحيم گروهڙي، شاهه لطف الله قادري، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو ۽ سچل سرمست شامل آهن.
ايندڙ ڪالم ۾ اسان شاهه لطيف چيئر پاران ڪرايل پروگرامن جو تفصيل لکنداسين ۽ ڪلاچي تحقيقي جرنل جي ٻارهن ئي پرچن ۾ ڇپيل مواد جو وچور به ڏبو ته جيئن شاهه، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيقي ڪندڙن جي ڪجهه رهنائي ٿي سگهي.
عوامي آواز - 01 اپريل 2002ع