ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5869
  • 745
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• تون اڃان پيو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا (تاجل سائين - تو لا)

سو نيٺ هليو وئين! وڃڻو ته هر ڪنهن کي آهي، پر ائين به ڪو ويندو آهي ڇا؟ هڪ دفعو اک جو ٻوٽيئي ته وري اک ئي نه پٽيئي. نصير سومرو جي ڪتاب تي ڳالهائيندي جو چُپ ڪئي ته انهيءَ چُپ ۾ ئي هليو وئين. مونکي به ان فنڪشن ۾ اچڻو هيو، اڪادمي ادبيات جي آغا نور احمد صاحب فون ڪري مون کي پڻ ان ڪتاب تي ڳالهائڻ لاءِ چيو هو. پر مان نه اچي سگهيس. خبر نٿي پوي ته جيڪڏهن مان به اتي موجود هجان هان ته شايد تو سان اها ويڌن ٿئي ئي نه ها. خدا کي خبر.
جڏهن توکي لياقت نيشنل اسپتال کڻي ٿي ويا ته سليم تاج مون کي فون ڪري ٻڌايو هو. مان ۽ ادا عنايت بلوچ جلدي جلدي اسپتال پهتا هئاسين. تون چُپ چاپ هُئين. مون توکي سڏ ڪيو هو “تاجل مان هدايت آهيان” تنهنجي چهري تي ڪجھه جنبش آئي هئي. مان دهلجي ويو هوس. دٻڪي ويو هوس. ڊڄي ويو هوس. ڪيڏو قربن سان مون سان ملندو هُئين. هٿ ملائڻ کان اڳ هڪ پيار ڀريو ٽه سٽو (ٽيڙو) مون بابت نئون نڪور ٺاهي ٻڌائيندو هئين. پوءِ ڀاڪر پائيندو هُئين. ڪڏهن ڪڏهن پاٻوهه مان چُمي به وٺندو هئين!
ٻئي ڏينهن آيو هوس – ته تنهنجي پُٽن- ڀاءُ ۽ نياڻين توڙي نياڻن هڪ رجسٽر رکيو هو ته جيئن تنهنجي طبيعت پڇڻ لاءِ ايندڙ يار – دوست احباب شاعر ۽ اديب تو بابت پنهنجا تاثرات قلمبند ڪن. مون لاءِ به اهو رجسٽر آيو. خبر ناهي ته ڪيئن قلم ڪاغذ پاڻ ۾ پئي ڳالهايو. منهنجو ذهن مائوف هو. تڏهن به لکجي ويو –
توسان ڳالهائن ٿا ماڻهو،
يار تاجل اک ته کول،
توکي پرچائن ٿا ماڻهو،
يار تاجل اک ته کول،
توکي ريجهائن ٿا ماڻهو،



يار تاجل اک ته کول،
پيار موٽائن ٿا ماڻهو،
يار تاجل اک ته کول،
توکي ڪيئن چاهن ٿا ماڻهو،
يار تاجل اک ته کول،
توکي ٻاڏائن ٿا ماڻهو،
يار تاجل اک ته کول،
ڪيئن نه مُرجھائن ٿا ماڻهو،
يار تاجل اک ته کول.

يار تاجل اک ته کول
يار تاجل اک ته کول
يار تاجل اک ته کول
يار تاجل اک ته کول.

پر تو اک نه کولي. ۽ اهي سٽون لکندي منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا هئا نه چاهيندي به . ڇو ته تنهنجي پٽن ۽ نياڻين آڏو مون روئڻ نه ٿي چاهيو.
سنڌ جي مڙني اخبارن ۾ تنهنجي ناچاڪيءَ جون خبرون اينديون رهيون. ننڍا وڏا ماڻهو تنهنجي طبيعت پڇڻ ايندا رهيا. سنڌ اٿلي پٿلي رهي هئي. الائي ڪٿي ڪٿي سموري سنڌ ۾ تنهنجي طبيعت جي بحاليءَ لاءِ دعائون، خيراتون ٿينديون رهيون.
پر تون ويندو رهئين – بقول تنهنجي :
ڇڏي شهر تنهنجو مِٺا اڄ وڃون ٿا
هزارن غمن کان ڇٽا اڄ وڃون ٿا.

هاڻي تون نه رهيو آهين ته مان سوچيان ٿو –
“ڪهڙي منجھه حساب هئڻ منهنجو هوت ريءَ” اڪيلو ٿي پيو آهيان. جيئڻ ۾ جس ناهي. جيئڻ ۾ چس ناهي. جيئڻ ۾ رس ناهي. بس ئي بس آهي. ڪَس ئي ڪَس آهي.
شمشير آهي – يار ته آهي پر پيار ناهي. امام الدين يار به آهي – پيار به آهي - پر تو واريون سڪون ڪٿان به نه ٿيون لهن. تون ئي چئو –
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان
مون کي سوڍو سڏ نه ڏئي.
پنهنجي آخري آرام گاهه به واهه جي چونڊي وئين. تنهن ڏينهن احمد سولنگي جڏهن صدر پاڪستان آصف علي زرداري پاران گلن جي چادر چاڙهڻ آيو هو تڏهن سڀ دوست تنهن سان گڏجي آيا هئاسون. تنهنجا سڀ گهر ڀاتي به موجود هئا.
چادر چاڙهڻ کان پوءِ سامهون چوڪنڊيءَ جي ڇت هيٺان سڀ ويهي رهيا هئاسين. مان سوچي رهيو هوس. مان به جلدي مران جيئن تنهنجي آخري آرام گاهه سان گڏ مان به دفنائجي وڃان. وري سوچيندو رهيس ته الاجي ڪڏهن مران، تيستائين تنهنجي ڀرسان تنهنجا چاهيندڙ نه دفنائجي وڃن ۽ منهنجي لاءِ تنهنجي ڀرسان ڪا جڳهه ئي نه بچي!
تاجل سائين – مان توسان ڪيترو پيار ڪندو هوس. تنهنجا مون وٽ ڪي لکيل يا دستاويزي ثبوت ته نه آهن. پر تون مون سان ڪيترو پيار ڪندو هُئين، تنهنجا مون وٽ لکيل ۽ دستاويزي ثبوت موجود آهن. تو پنهنجا لکيل ڪجهه ڪتاب مون کي پنهنجن هٿن اکرن سان لکي ڏنا هئا.پنهنجن ڪتابن جي خياب خاني مان اهڙا ڪجهه ڪتاب کوٽي ڪڍيا اٿم . دل چوي ٿي ته اڄ پڙهندڙن اڳيان مون لاءِ تنهنجي پيار جي اها اپٽار ڪريان ته ڀل ماڻهن کي خبر پوي ته تاجل بيوس – هدايت بلوچ سان ڪيترو پيار ڪندو هو.
(1) سرجيندڙ ساڻيهه جا – آڪٽوبر 1985ع
پيار ۽ پريت سان –
هدايت لاءِ - عنايت لاءِ نه نه –
هدايت لاءِ – نزاڪت لاءِ نه نه –
هدايت لاءِ – ولايت لاءِ نه نه –
هدايت لاءِ - امانت لاءِ نه نه –
هدايت لاءِ – تاجل بيوس.
29.10.1985
(2) سنڌ منهنجي امان – اپريل 1989ع
دوست ۽ ڀاءُ – ادب جي ٻاروچي – هدايت لاءِ –
4.5.1989
(3) ساڳيو ئي ڪتاب ٻيهر –
گلاب جي گل
شاعر دوست
ڌرتي ڄائي – هدايت بلوچ لاءِ
8.5.1992
(4) ڏور به اوڏا سُپرين
پياري يار –
لطيف جي مسلڪ جي ماڻهو
هدايت بلوچ لاءِ –
تاجل بيوس 5.11.1992
(5) صحرا سَترُ جن –
پنهنجائپ جي وڻجاري –
هدايت بلوچ لاءِ –
جنهن سان گهاريل
پرهه جهڙا پل
منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهن –
تاجل بيوس – 13.7.97
(6) تنهنجا نيڻ غزل
پڳ مٽ يار
هدايت بلوچ (پرين جي پرديسي) لاءِ
تاجل بيوس 4.11.97
(7) سرخ گلاب ڪي موسمون مين
پڳ مٽ يار
هڪ سنسار
يار هدايت بلوچ لاءِ
جيڪو مون وٽ
منهنجي گهر
موکيءَ جي متارن مان
هر متاري جو روپ وٺي ايندو آهي.
تاجل بيوس 11.8.1994
(8) وڏا وڻ وڻڪار جا
پڳ مٽ يار
هدايت بلوچ لاءِ (پرين جي پرديسي)
تاجل بيوس 4.11.97
(9) انداز بيان اور
For
MY HEART DWEUER POET
HIDYT BALOCH
TAJAL BEWAS
13.7.1997

(10) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو هو
پريمي
هدايت بلوچ لاءِ
تاجل بيوس
23.8.2002
جن جن ڪتابن تي ڏنگين ۾ پرين جي پرديس مخاطب ڪيو اٿس، انهن سالن ۾ مان پرڏيهه هوس.
وڃڻ کان شايد ٻه مهينا کن اڳ تنهنجي صالح سٻاجهي پٽ سليم تاج جي گهر هڪ شام گڏ هئاسين. امام الدين ۽ شمشير به هئا. هميشهه وانگر تنهن ڏينهن به مون ۽ شمشير لاءِ تازا نوان ٽيڙو ٺاهي ٻڌايا هئا. جن ۾ صرف پيار جي پالوٽ ٿيل هئي. تنهن ڏينهن تو پنهنجي ٻاچ مان منڊي لاهي مون کي تحفي ۾ ڏني هئي. تو چيو هيو ته هدايت هان وٺ هيءَ مُنڊي تون پاءِ – اهو قيمتي عقيق مون ٻاهران گهرايو هو. ان کي چانديءَ ۾ مڙهائجانءِ. اهڙي محبت ۽ اُڪير جي اظهار تي منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو هو، خوشيءَ وچان – تاجل، مان اڃان اها مُنڊي چانديءَ ۾ مڙهائي ڪانهي. فيصلو نٿو ڪري سگهان ته ان کي انهيءَ حالت رکان جنهن حالت ۾ اها تنهنجي ٻاچ ۾ پاتل هوندي هئي. جنهن ۾ تنهنجي ٻاچ جي لمس جي حرارت ۽ خوشبوءِ هوندي يا تنهنجي خواهش کي پورو ڪندي ان کي چانديءَ ۾ مڙهايان.
تنهنجي ٽيجھي جي موقعي تي خيرات جي مانيءَ کان پوءِ شاعر - اديب ۽ تنهنجا دوست ڪجهه ترسي پيا هئا ۽ پوءِ هڪ ننڍي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ تنهنجي مڙني مداحن ۽ چاهيندڙن تنهنجي بابت پنهنجي پيار جي پالوٽ ڪئي هئي.مون کي جڏهن ڳالهائڻ لاءِ سڏ ٿيو ته مون ٻه چار لفظ ڳالهائڻ کان پوءِ مناسب سمجھيو ته تنهنجو اهو ڊگهو شعر پڙهي ٻڌايان، جيڪو تو ٽوڪيو جاپان منجهان لکي موڪليو هو. جيڪو اول هلال پاڪستان ۽ پوءِ مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو هيو. ۽ تنهن کان پوءِ وري مون پنهنجو شعر “ تاجل بيوس کي ورندي” پڻ پڙهي ٻڌايو هو. تنهنجو اهو شعر تنهنجي شروعاتي دور جو بهترين شعر آهي. جنهن سڀ کان اڳ توکي سنڌ ۾ مشهوري ڏني.