• ڪرسيءَ جو حقدار ڪير؟
خير مسلم ليگ (قائداعظم) جي کٽڻ تي ماڻهن کي ڪا خاص حيرت به نه ٿي جو سموري ميڊيا ان کي ڪنگس پارٽي جو لقب ڏئي چڪي آهي. حڪومت جي ساٿ ۽ ناظمن جي نوازش سبب ڪنگز پارٽي جي سرسي تي ڪنهن کي ڪو به تعجب نه ٿيو ۽ خوشي به نه ٿي. البت ٻئي نمبر تي گهڻي کان گهڻيون سيٽون حاصل ڪندڙ پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايڏي وڏي پيماني تي کٽڻ تعجب جي ڳالهه به آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه به آهي. تعجب ان ڪري نه ته ڪو ان پارٽي جون عوام ۾ پاڙون ناهن – اهي ته بالڪل آهن پر منهنجي پياري ديس ۾ “مالڪن” ان پارٽيءَ کي هميشه عذابن ۾ رکيو آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ کتل هجن ۽ جنهنجو منشور جو هڪ رڪن اهو هجي ته “طاقت جو سرچشمو عوام آهي” اندازو ڪريو ته ايشيا بلڪه دنيا جي هڪ ذهين ترين شخص ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي وزيراعظم کي ڦاهي جي ڦندي تي لڙڪايو ويو – ان جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر ان جو وڏي ۾ وڏو سبب سندس عوامي مقبوليت هئي. عوام سندس پٺيان هو.
پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو سمورو ڪريڊٽ ان ئي شخص کي سونهين ٿو اهو ته تاريخ جو هڪ الميو ۽ حادثو آهي ته جنهن پاڪستان هندستان جي جواب ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪيا ته جنرل ضياء جو پٽيلو هڪ وزيراعظم ڳچيءَ ۾ هار وجهيون ٽرڪن تي هلندو پئي ويو.
جنهن شخص اهو اعلان ڪيو هو ته اسان گاهه کائينداسين پر بم ضرور ٺاهينداسين تنهن جو نالو ئي وٽي تي نه هو. تڏهن هن وقت جي سڀ کان طبعي طور تي طاقتور ملڪ ۽ هن وقت دهشتگردي خلاف جهنڊو کڻي نڪرندڙ بذات خود وڏي دهشتگرد ملڪ کيس ڦاسي جي تختي تي چاڙهائي ڇڏيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو واقعو هڪ تاريخي الميو هو :
“گل ڇنو گرنار جو دٻڪي ويا دئار”
ذوالفقار علي ڀٽي کي طبعي طور تي ضرور ختم ڪيو ويو پر سندس شهرت، سندس پيغام ۽ سندس شخصيت جا پاڇا پاڪستان جي سياست تي سدائين نمودار پئي رهيا آهن. سندس نياڻي محترمه بي نظير ڀٽو ٻه ڀيرا وزيراعظم ٿي. ان ۾ بينظير ڀٽو جي پنهنجي لياقت سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت جو عنصر به موجود هئو.
پاڪستاني ايجنسين جي هٿڪنڊن جي باوجود هوءَ ٻه ڀيرا وزيراعظم ٿي. پاڪستان جو اڳوڻو فوجي سربراهه جنرل اسلم بيگ سپريم ڪورٽ ۾ بيان ڏئي چڪو آهي ته پيپلز پارٽي کي هارائڻ لاءِ ضيا حڪومت، هن تي اهو ڪم رکيو هو ته مختلف سياسي جماعتن ۾ پئسا ورهائي هن سپريم ڪورٽ ۾ اها لسٽ پڻ پيش ڪئي هئي جنهن ۾ انهن سياسي پارٽين ۾ انهن جي اڳواڻن جا نالا شامل آهن جن کي هن اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي هارائڻ لاءِ پئسا ڏنا ويا هئا. جنرل بيگ چيو ته وٽس رسيدون به موجود آهن. اها لسٽ مون به پڙهي هئي جن ۾ وڏا وڏا نالا هئا هن وقت متحده مجلس عمل جي پليٽ فارم تان کٽي ايندڙ ڪجهه مولوي صاحبان جا نالا پڻ مون پڙهيا هئا. ڳالهه اتان شروع ٿي ته پيپلز پارٽي هن ڀيري جيترو به کٽيو آهي اهو سڀ صحيح، صاف ۽ شفاف نموني ۾ کٽيو آهي ۽ باد مخالف جي باوجود پيپلز پارٽي کي موجوده اليڪشن ۾ مليل ووٽن جو تعداد ته مڙني پارٽين کان مٿي آهي. اهو اعلان “مالڪن” جي پنهنجي اليڪشن ڪميشن جو آهي باقي اسان سنڌ ۾ ڪجهه سيٽن جو جائزو وٺون ٿا ته هر عام ۽ خاص سمجهي ٿو ته اتي پيپلز پارٽي جو اميدوارن کي زبردستي هارايو ويو. ٿر پارڪر، ٺٽي، خيرپور ۽ شڪارپور جي تڪن تي ڇا ٿيو تنهن جو احوال هن وقت ڪرڻ ضروري ناهي. تجزيو اهو ڪرڻ ٿو گهران ته پيپلز پارٽي جي باني قائدعوام ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو. سندس ٻن پٽن کي قتل ڪرايو ويو. محترمه بينظير ڀٽو جي والده نصرت ڀٽو هن وقت موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي آهي. بينظير ڀٽو جي مڙس جناب آصف زرداري ايترو ته قيد ڪاٽيو آهي جو قتل جو مجرم به سزا ڪاٽي پوري ڪري نڪري وڃي ها پر هو بغير ڪنهن ڏوهه ثابت ٿيڻ جي ڪيترن سالن کان قيد ڪاٽي رهيو آهي. بينظير جا ٻار ڪٿي پاڻ ڪٿي مڙس ڪٿي.
ايترن ڪيسن ۽ راهه ۾ ايترن ڪنڊن وڇائڻ کان پوءِ به ۽ ڌانڌلين کان پوءِ به اليڪشن ۾ ايتري قدر سرسي مذاق جي ڳالهه ناهي.
اليڪشن ۾ کٽندڙ ٽيون نمبر گروپ ملن مولوين جي ڇهن جماعتن واري پارٽي متحده مجلس عمل آهي جنهن حُب حسين ۾ نه پر بغض معاويه ۾ کٽيو آهي پر سياسي مبصرن جو اهو چوڻ آهي ته جڏهن اليڪشن مهم دوران ٻين سياسي پارٽين تي اليڪشن مهم هلائڻ تي پابندي هئي ۽ ڪنهن کي به اجازت ڪا نه هئي تڏهن ملن مولوين کي جلسن ڪرڻ جي عام اجازت هئي نه فقط ايترو پر چيو وڃي ٿو ته دهشتگردي جي ۽ ٻين الزامن ۾ قيد ٿيل ملان به اليڪشن مهم دوران آزاد ڪيا ويا.
ڏاها چون ٿا ته “خاڪي” آمريڪا سرڪار کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ مولوين کي حربي طور استعمال ڪري رهيا آهن. جنهن جو مطلب آهي ته اسان جيڪڏهن هليا وياسين ته هي مولوي توهان کي ڏکيا پوندا تنهن ڪري اسان جو رهڻ ضروري آهي. ان اٽڪل ڪم به ڏيکاريو آهي آمريڪا جنرل مشرف کي الڳ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار ناهي.
منهنجو سياسي تجزيو اهو آهي ته مسلم ليگ (ق) جو اليڪشن کٽڻ ته شفاف ڪنهن به صورت ۾ ناهي ۽ اهڙي طرح متحده مجلس عمل جي کٽڻ ۾ به ڪنهن نه ڪنهن حڪمت عملي جو اشارو ملي ٿو پر انصاف سان ۽ ميرٽ تي جيڪڏهن ڪنهن هڪ پارٽي کٽيو آهي ته اها آهي پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن کي وڌ ۾ وڌ عوامي ووٽ مليو آهي ان ڪري منهنجي حساب ۾ وزيراعظم جي ڪرسي جي حقدار اها ئي پارٽي آهي. باقي ان لاءِ حڪومت کي به ۽ پارٽي کي به ڪجهه لچڪدار ٿيڻو پوندو. آصف زرداري جنهن وڏي مڙسيءَ سان ۽ جوانمرديءَ سان جيل ڀوڳيو آهي هينئر آزادي سندس حق آهي.
محترمه بينظير ڀٽو تي قائم ڪيل ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن ۽ کيس وطن واپس ورڻ ڏنو وڃي.
عوامي آواز ڪراچي – 12 نومبر 2002ع