• ڪجهه مير ظفر الله خان جمالي بابت
اهڙيءَ طرح پياري پاڪستان جي “ويهين” وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز به الله سائين کي ڪنهن “بلوچ ڀاءُ” کي ئي ڏيارڻو هو. ان ڪارنامي جي ٻٽي اهميت آهي هڪ “ويهون” وزيراعظم: جنهن ويهون وڄائي ڇڏيون. ٻيو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل صوبي بلوچستان جي، جمالي بلوچ جو وزير اعظم ٿيڻ ڪو معمولي ڪارنامو ناهي. ان ڪري اڄ اسان ماضيءَ جون تلخيون ۽ سندس وزير اعظم جي عهدي تائين رسائي وارن طور طريقن کي وساري، مير ظفر الله خان جمالي کي دلي مبارڪ باد ڏيون ٿا ۽ ان سان گڏ دعائون به ڪريون ٿا ته ننڍي صوبي کان ايڏي منصب تي پهتل مير ظفر الله خان جمالي شال پنهنجي منصب دوران پاڪستان جو نالو روشن ڪري ۽ ساڳي وقت ننڍن صوبن جي هيسايل، ويساريل، گهٽ پڙهيل اڻ پڙهيل ماڻهن جي مستقبل جي لاءِ سوچي ۽ ملڪ جي مين اسٽريم واري سياست جي تيز وهڪرن ۾ “اباڻن” کي وساري نه ويهي.
مير ظفر الله خان جمالي ڏسڻ ۾ ته برابر ٻروچ ئي لڳي ٿو پر هروڀرو سڀ ٻروچ اڻ پڙهيل يا اڌ پڙهيل به نه هوندا آهن. خاص طور تي بلوچستان جا بلوچ ته ڏاڍا گهڻ پڙهيا ۽ ڪامريڊ آهن جن ۾ خير بخش مري، شير محمد مري (جنرل شيروف) عطاءُ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، مير گل خان نصير اهي اهڙا ٻيا نالا آهن جيڪي گهڻا پڙهيل ۽ پنهنجي ڪاز سان ڪميٽيڊ ماڻهو آهن.
مير ظفر الله خان جمالي بلوچي، پشتو، پنجابي سان گڏ سرائڪي ۽ سنڌي به رواني سان ڳالهائيندو آهي ان ڪري اسان کيس “پنهنجو” سمجهون ٿا ۽ ائين ئي ڪاميابي جون دعائون ڏيون ٿا جيئن پنهنجن کي ڏبيون آهن. هن موقعي تي بهتر ٿيندو جيڪڏهن مير ظفر جمالي جي زندگيءَ بابت اوهان کي ڪجهه ٻڌائجي.
مير ظفر الله خان جمالي جو جنم پهرين جنوري 1944ع تي، بلوچستان جي ڊويزن نصير آباد جي هڪ ننڍي ڳوٺ روجهاڻ جمالي ۾ ٿيو. هو قائداعظم محمد علي جناح جي ويجهي دوست مير جعفرخان جمالي جو ڀائيٽيو آهي. سندس والد بزرگوار مير شاهنواز خان جمالي سياستدان نه هو پر هو علائقي جو چڱو مڙس، زميندار ۽ جرڳي جو ميمبر هو. مير صاحب پرائمري تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ کان ئي ڪئي پر پوءِ سندس والد کيس تعليم لاءِ گهوڙا گلي، مري موڪلي ڏنو جتان هن سٺ جي زماني ۾ او ليول ۽ اي ليول جا امتحان پاس ڪيا. بعد ۾ هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئي ۽ پنجاب يونيورسٽي مان تواريخ ۾ ايم اي ڪئي. اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ هو هاڪي جو سٺو کيڏاري هو يونيورسٽي جي هاڪي ٽيم جو ڪيپٽن پڻ رهيو. رانديگر جي حيثيت ۾ هن پاڪستان ۾ هاڪي راند وڌائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ هو ٻه ڀيرا پاڪستان هاڪي ٽيم جو چيف سليڪٽر رهيو. سندس ئي سربراهي ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم ائٽلانٽا اولمپڪس جا مقابلا کٽيا. هو اڃا تائين به بلوچستان هاڪي ايسوسيئشن جو صدر آهي اهو لاهور جي ڪاليج وارن ڏينهن جو ئي دور هو جڏهن 1964ع ۾ مس فاطمه جناح واري اليڪشن ۾ هن عملي سياست ۾ پير پاتو جنهن ۾ مس فاطمه جناح هڪ فوجي آمر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان خلاف چونڊ وڙهي رهي هئي. تڏهن سندس ارڏي ۽ اڏول چاچي مير جعفر خان جمالي کيس مس فاطمه جناح جو سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪيو. کيس ٻين سياسي ڪارڪنن سان، حڪومت خلاف مظاهري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1967ع ۾ پنهنجي چاچي مير جعفر خان جمالي جي وفات تي هن پڪو پهه ڪيو ته هاڻي سياست ۾ چڱيءَ طرح حصو وٺبو.
1970ع ۾ جڏهن تنهن وقت جي صدر يحيٰ خان بلوچستان کي صوبي جي حيثيت ڏني تڏهن ملڪ ۾ ڪرايل پهرين پارليامينٽري چونڊن ۾ هن اباڻي هنڌ تان صوبائي سيٽ تي آزاد اميدوار طور تي چونڊن ۾ حصو ورتو پر سردار چاڪر خان ڊومڪي جي مقابلي هو کٽي نه سگهيو.
بعد ۾ هو پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو. 1977ع وارين چونڊن ۾ هن ساڳي هنڌان چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو ۽ پهريون ڀيرو بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. بعد ۾ کيس پ پ پ حڪومت پاران بلوچستان حڪومت ۾ اطلاعات ۽ خوراڪ جو وزير بڻايو ويو. بعد ۾ جڏهن 5 جولاءِ 1977ع تي پ پ پ جي حڪومت جو تختو اوندو ڪيو ويو ته جنرل ضيا جي دعوت تي جمالي صاحب سندس ڪابينا ۾ شموليت ڪئي. 1982ع ۾ کيس خوراڪ ۽ زراعت جو مملڪتي وزير کنيو ويو.
جنرل ضياءَ جي 1985ع واري بنا پارٽي اليڪشنن ۾ هن پنهنجي تڪ مان قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. تنهن وقت عام طور تي اهو سمجهيو پئي ويو ته جنرل ضياءُ مير ظفر الله خان جمالي کي وزير اعظم نامزد ڪندو پر اوچتو ئي اوچتو اهو ڪڻو محمد خان جوڻيجي جو نڪتو. جنرل ضياءَ جوڻيجي صاحب کي وزير اعظم جي ڪرسي ڏني ۽ جمالي صاحب کي وفاقي ڪابينا ۾ پاڻي ۽ بجلي جو وزير مقرر ڪيو.
بعد ۾ جوڻيجي صاحب جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ جمالي صاحب کي ٿوري وقت لاٰءِ ڪيئر ٽيڪر سيٽ اپ ۾ ريلويز جو وزير بڻايو ويو پر جلد ئي کيس بلوچستان جو وزير اعليٰ بڻايو ويو. 1988ع ۾ هن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ وڙهي ۽ ٻنهي ۾ ڪامياب رهيو. 1988ع ۾ کيس هڪ ووٽ جي اڪثريت سان بلوچستان جو وزير اعليٰ مقرر ڪيو ويو. اهو فيصلو ڪندڙ ووٽ محمد خان باروزئي جو هيو. پر اها حڪومت هڪ مهينو به نه هلي سگهي ۽ بلوچستان اسيمبلي ختم ڪئي وئي. پر اسيمبلي جي اهڙي خاتمي خلاف بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ اسيمبلي بحال ڪئي وئي ۽ نواب اڪبر خان بگٽي سان گڏجي حڪومت جوڙي وئي.
1990ع وارين چونڊن ۾ مير صاحب اسلامي جمهوري اتحاد جو اميدوار هو پر هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار مير نبي بخش خان کوسي جي مقابلي ۾ هارايو. 1991ع ۾ نواز شريف جي حڪومت کيس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي عيوضي طور مقرر ڪيو. وري 1993ع وارين چونڊن ۾ جمالي صاحب قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو. 1996ع ۾ جڏهن سردار فاروق احمد خان لغاري، محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو تڏهن هڪ دفعو وري مير ظفر خان جمالي کي بلوچستان جو وزير اعليٰ بڻايو ويو.
1997ع ۾ ڪيئرٽيڪر وزيرن ۽ وڏن وزيرن تي چونڊن ۾ بهرو نه وٺڻ واري شرط سبب هو چونڊون ته نه وڙهيو پر پوءِ به کيس ڪابينا ۾ کنيو ويو ۽ سندس فرزند فريد الله خان جمالي قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ چونڊجي آيو.
وري تازو ڏهين آڪٽوبر وارين اليڪشنن ۾ هن پ پ پ جي منور علي کوسي کي شڪست ڏئي سيٽ کٽي ورتي. تنهن کانپوءِ هو بهرحال هڪ ڊرامائي انداز سان وزير اعظم ٿيو ويو.
يه سب تمهارا ڪرم هي آقا
ڪ بات اب تڪ بني هوئي هي.
مير صاحب کي پنج ٻار آهن. هڪ نياڻي ۽ چار پٽ جن مان ٻه پٽ پاڪستان آرمي ۾ آهن ۽ ٻه سياست ۽ زمينداري ڪري رهيا آهن. سندس اباڻو نالو جبل خان آهي. خدا کيس جبل ئي ثابت ڪري جيئن سندس صلاحڪار کيس اٽل ارادن تان چوري پوري نه سگهن آمين..
عوامي آواز ڪراچي -26 نومبربر 2002