• گل ڇِنو گرنار جو
اڳي اٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي
پلاڻيندي پاڻ ۾، ڪُڇيو ڪين ڪُٺن
ڪا جا مام مُٺن، جو هن ڀر هئي هن سين.
مسلم ڪمرشل بينڪ جي مئنيجر، پراڻي قوم پرست، نوجوان پٽ جي پڙهيل ڳڙهيل پيءُ امان الله کوسي ڳوڙها ڳاڙيندي ٻڌايو ته اسان سان ويساهه گهاتي ٿي آهي. هن ٻڌايو ته توڙي جو اڳ ۾ شرن جي ٿيل هڪ قتل ۾ اسان جي گهراڻي جي ڪنهن به فرد جو پري پري تائين ڪو عمل دخل نه آهي پر “چڱو مارينداسين” جي بي رحم زنگ کاڌل ۽ نفرت جوڳي پراڻي سنڌي رسم جي اڻ سڌريل اصول مطابق شروع کان ئي چند شر پسند شرن جي بد نظر، منهنجي چنڊ جهڙي سهڻي ٽيويهن سالن جي قداور پٽ سارنگ تي کپيل هئي. بقول اياز ته :
هِن سر جي گدلي سينور ۾
هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ.
چند گهڻگهرن ۽ چڱن اسان کي اڳ ئي اشارا ڪيا هئا ته اهي بدخواهه “گرنار جو هي گل ڇني وٺندا” جيڪو خدشو سچ ثابت ٿيو.
سڏڪندي ۽ رڪجندي ۽ هر هر ڳوڙها صاف ڪندي امان الله کوسي ٻڌايو ته خطري کي اڳواٽ محسوس ڪندي، اسان چڱن مٺن کي مداخلت ڪرڻ ۽ وچ ۾ پئي جهيڙو ٽارڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڀڄ ڊڪ ڪئي. شرن ۽ کوسن جي گڏيل مرشد ۽ راڻي پور جي گادي نيشين پير، ميران سائين جن کي تڪليف ڏئي وٺي آياسين. پر شرن مرشد کي به بي مهاب ڪري موٽائي ڇڏيو. بعد ۾ سندن وڏي ۽ سردار فقير سڪندر کي به وٺي آياسون. پر هنن فقير سڪندر جي ڳالهه به نه ٻڌي.
باقي پنهنجي تر جي چڱن، معتبرن ۽ نيڪ مردن کي به وچ ۾ آندوسين اسان اهي سڀ ڪوششون ان ڪري وٺي رهيا هئاسون جو اسان پنهنجي پاڙي ۽ پاڙيسرين سان اچائڻ نه ٿي چاهيو. اسان جو سمورو خاندان پڙهيل ڳڙهيل ادب علم ۽ شاعري سان واسطو رکي ٿو. اسان جهيڙي ۽ فساد مان نه ڄاڻون. شر ۽ اسان ڀت برادر، مرڻي پرڻي هڪ ٻي سان سدائين سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ رهيا آهيان. شر ۽ اسان گڏ کليا، کيڏيا ۽ پڙهيا آهيون. اسان جون زمينون گڏ آهن. ٻنا ٻاريون گڏ آهن. مرحوم توڪل علي شر جي پيءُ چاچو صابو (وڏو معتبر شخص هو) سو سموري زندگي مامي ڪريم بخش (فيض محمد کوسي - سفير جي پيءُ) وٽ گذاري. اسان ڄڻ ته هڪ ٻئي جي ٻچن ۽ ننگن جا وارث ۽ ڇٽ ڇپر هئاسون.
سو اسان انهي پراڻي ڀائپي واري فضا قائم رکڻ گهري ٿي پر شر ڪنهن به هدي ۾ نه آيا. مان جڏهن “شر” چوان ٿو ته اهو سمجهڻ کپي ته سڀ شر نه پر اهي “ڇرڙ ڇورا” جي بي فرمان ۽ وڏن جي وس کان ٻاهر آهن. منهنجو مطلب انهن سان آهي. آخر انهن ڇرڙ ڇورن نه مڃيو ۽ نه مڙيا.
ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا. پڇاڙيءَ ۾ فقير سڪندر شر پڪو آسرو ڏنو هو ته خطري جي ڪا ڳالهه ناهي شر منهنجي چوڻ ۾ آهن. اهي جهيڙو نه ڪندا. فيصلو ڪبو حق ٿيندو. ناحق نه ٿيندو. پر آخر ۾ حق نه ٿيو. ناحق ٿيو جنهن مان چئي سگهجي ٿو ته شرن فقير سڪندر جي بي فرماني ڪئي. ظاهر ۾ ته اهو ئي نظر اچي ٿو. باطن جي خبر خدا کي.
امان کوسي وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو پٽ شهيد آهي ۽ منهنجو تعلق پڙهيل ڳڙهيل ۽ علمي ادبي گهراڻي سان آهي. تنهنڪري مان يا منهنجي خاندان جو ڪو به فرد “خون جي بدلي خون” جي حق ۾ نه آهي. اسان کي پلئه ۽ پلاند وٺڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. جو ائين ڪرڻ سان مان پنهنجي شهيد پٽ جي شهادت جو رتبو گهٽ ڪرڻ جي حق ۾ ناهيان. ٻيو ته اسان جهڙو علمي ادبي ۽ پڙهيل ڳڙهيل خاندان به ويڙهه جهيڙي قتل ۽ غارت گري جي ڪني ۽ ڪوجهي روايت تي قائم رهي ته پوءِ تعليم ۽ جهالت نور ۽ ظلمات جو فرق ويندو رهندو.
امان کوسي اڀ ڏي آڱر کڻندي چيو ته مون پنهنجو فيصلو ان تي ڇڏي ڏنو آهي جيڪو اسان کي زندگي ڏيندو به آهي ۽ جيڪو اسان کان زندگي وٺندو به آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته الله جي عدالت کان پوءِ هن اهو فيصلو ملڪ جي عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اميد ڏيکاري آهي ته کيس انصاف ضرور پلئه پوندو ۽ سندس بي ڏوهه پٽ جا حقيقي قاتل هڪ ڏينهن ضرور ڦاسي جي تختي تي چڙهندا.
امان وڌيڪ ٻڌايو ته هي فقط لفاظي ناهي ۽ نه قانوني تحفظ لاءِ عدالتي اپيل آهي پر هو پوري هوش حواس سان چوي ٿو ته اسان شرن کان ڪنهن به پلئه پلاند وٺڻ جو ارادو نه ٿا رکون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان کوسن جا لٺ سردار ناهيون جي سموري کوسا برداري اسان جي اشاري جي انتظار ۾ هجي. پر تعزيت ۽ تڏي تي ايندڙ ويندڙ ۽ وقتي طور تي جوش ۽ طيش ۾ آيل ڏمريل نوجوانن کي اسان واضح الفاظ ۾ هدايت ڪئي آهي ته اهي ڪنهن به طرح جوش ۾ اچي ڪنهن به پلئه پلاند، جهڙي ۽ خون خرابي جو نه سوچين ۽ فيصلو الله ۽ ملڪي عدالتن تي ڇڏي ڏين. خدا نوجوانن کي ساڃهه ڏيندو ۽ مان اميد ٿو رکان ته اهي منهنجي ڳالهه ٻڌندا ۽ منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا.
هن آخر ۾ ٻڌايو ته انهن سڀني ڳالهين جي باوجود خدانخواسته جيڪڏهن شرن سان ڪو سانحو پيش اچي ٿو يا موقعي جو غلط فائدو وٺندي ڪا به ڌر شرن جو ڪو نقصان اهو سمجهندي ڪري وڃي ته اڳي پوءِ ڳيڙ ته امان جي ڳچي ۾ پوندو ته اهڙي حالت ۾ ان جو نه مان ۽ نه منهنجي خاندان جو ڪو فرد ذميوار رهندو.
آخر ۾ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته اسان ۽ اسان جا ٻچا ۽ شر ۽ شرن جا ٻچا پنهنجي ٻنين ۽ ونين سان خوش رهن.
عوامي آواز- 28 جون 2001ع