• عيد مبارڪ
جا عمر! تو مل عيد، سا اسان سُوءَ ورتي سومرا!
وئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد
سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا
اڄ کان اٽڪل ٽي سؤ سال اڳ هڪ مذهبي گادي نشين پر عوامي ۽ انقلابي شاعر به عمر سان اهو احتجاج ڪري ٿو ته سندن ساٿياڻي مارئي جي ناحق قيد بند خلاف احتجاج طور تي هن سال مارو ماڻهو عيد کي سُوءِ طور ملهائيندا. ڪا به خوشي نه ڪندا. ڪا به خريداري نه ڪندا ڇو ته عيد جو مرڪز ۽ محور ئي آهي جيڪو اسلامي نقطي نگاهه کان نه فقط جائز آهي. پر ڄڻ ته ضروري به آهي ته ڪپڙا ۽ بوٽ نوان وٺجن، خوشبوءِ هڻجي، ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائجن. رساما ختم ڪجن، نوان پيار جوڙجن، سٺا سٺا طعام کائجن. پر ڏسو ته اڄ کان ٽي سؤ سال اڳ به هڪ غيرت مند شاعر احتجاج ڪيو پر اڄ اسان مان احتجاج جي حس ڇو ۽ ڪيئن نڪري وئي آهي ۽ اسان موڳا مَٽرَ ڇو ٿي ويا آهيون. مان عيد مبارڪ ڪيئن ڏيان يا دل چوي ٿي ته اڄ مون کي ڪو به عيد مبارڪ نه ڏئي. جيئن ٿو نوان ڪپڙا ڏسان ۽ ماڻهن جي چهري تي مصنوعي مرڪ ڏسان تيئن منهنجو ڏک ڏهوڻو ٿي وڃي ٿو:
عيد جي مون کي مبارڪ ڪونه ڏئي،
ڪو نه اڄ جيڪر اچي منهنجي ڳلي
سنڌ خوش ناهي ته پوءِ ڇا جي خوشي
ڪونه ڀاڪر پائي اڄ مون سان ملي.
سنڌ ساري ٿي سڙي! عيدون ڪجن؟
ڏيهه مان سڀ سک تڙي! عيدون ڪجن؟
تون نڙيءَ تي نيهن ڏئي، مون کي نه چئو؟
اٿ هدايت! اٿ اڙي! عيدون ڪجن.
اڄ مان عيد مبارڪ ڏيڻ بجاءِ تعزيت ڪندس لاڙڪاڻي جي ٻن معصوم ٻارن لکمير ۽ مجاهد جي امڙ ۽ ابي ۽ ڀيڻن ۽ ڀائرن سان جن جي چڳن ۾ اڄ عيد ڏهاڙي به چيڙهه هوندي ۽ جيئن جيئن پاڙي اوڙي جا ٻارڙا عيد تي نوان ڪپڙا پائيندا ۽ کلندا خوش ٿيندا ۽ ٽهڪ ڏيندا تيئن تيئن امڙ ماتا جي دل تي تکا تير لڳندا. هو روئيندي هوندي پر اکين مان لڙڪ نه نڪرندا هوندا جو سندن اکين جو پاڻي به سڪي چڪو هوندو. هو جهڄندي هوندي سندس سيني مان ساهه سڏڪا ٿي نڪرندو هوندو.
جن درندن معصوم ٻارڙن کي بي دردي سان قتل ڪيو انهن کي ڀل ڦاسي به لڳي وڃي ته به ڀلا ٻارڙن جي مائرن کي سندس لخت جگر موٽي ته نه ملندا؟! هن واقعي کان هٽي ڪري مان سوچيان ٿو ته سڀاڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عيدالفطر جي خطبي ۾ ڇا ڇا چيو ويندو. مثال طور اسان جي ننڍڙي ڳوٺ لڳ احمدپور ڳوٺ حاجي يار محمدکوسو ۾ عيد جي نماز ٿيندي، جتي مان به نماز پڙهڻ ويندو آهيان. اسان جي سڄي ڳوٺ ۾ ڪو به ملو مولوي ان قابل ناهي جو عيد نماز پڙهائي سگهي (اسان جي ڳوٺ جي اهائي هڪ خوبي آهي) تنهنڪري اسان ڀاڙي تي ڀرپاسي مان هڪ پيش امام گهرائيندا آهيون. جيڪو ڪجهه بيت پڙهي ٻڌائيندو آهي “اي ماهه رمضان الوداع” ۽ مصنوعي روئڻهارڪو لهجو به ڪندو آهي. ڪجهه قرآن شريف ۽ عربي ۾ ٻيو ڪجهه به ٻڌائيندو آهي. پوءِ نماز ٿيندي آهي بعد ۾ ڪجهه مولودائي مولود ٻڌائيندا آهن پوءِ دعا ٿيندي آهي پوءِ ڀاڪر پائبا آهن. ٻارن کي عيديون ڏبيون آهن ۽ طعام کائبا آهن. تقريبن سموري سنڌ ۾ ائين ۽ اهڙي نموني عيدون ٿينديون آهن. ها مولوي صاحب پنهنجي تقرير ۾ فطري جي رقم ضرور ٻڌائيندو آهي جيڪا هن ڀيري شايد ٽيهه رپيا في ڀاتي مقرر ٿي آهي.
اسلام نالو آهي حقوق الله جو ۽ حقوق العباد جو. پر خدا خود حقوق الله تي حقوق العباد کي فوقيت ڏني آهي يعني اول خدا جي بندن جا حق آهن پوءِ خدا جا حقوق آهن. پر اسان جا مولوي خطبن ۾ فقط حقوق الله جي ڳالهه ڪندا آهن ڪو به حقوق العباد تي ڇو ڪونه ڳالهائيندو آهي؟
مثال طور سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ جي نسلن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ان جي درياهه کي گهٽا ڏئي ماريو پيو وڃي. درياهه تي ٿل ۽ ڪالاباغ ڊئم جهڙا سنڌ دشمن منصوبا اڏيا پيا وڃن. جنهن سان سنڌ جو نه فقط هڪ قبيلو يا هڪ طبقو تباهه ٿي ويندو پر ٻڌي ليکي سموري سنڌ بنجربڻجي ويندي ۽ موج ڀريو مهراڻ واريءَ جو ڍير بڻجي ويندو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جا ٻار به آفريڪا جي ڏڪار سٽيل ٻارن جيان هڏاوان پڃرا ٿي ويندا ۽ سکي ۽ سرسبز سنڌ ناپيد ٿي ويندي.
پٽيهل تو ۾ پور، اڳيون نه آهي آب جو
سڪئين ڪهڙي سور، واري پيئي وچ ۾.
۽ پوءِ لسي کير مکڻ تي پلجندڙ مارن جا جڏهن مال مري ويندا ۽ پاڻ به لڏي ويندا تڏهن انهن جا پير به نه ملندا.
جهجان پسي جهوڪ، آيل سنگهارن جي
جن ته پهين پياريو، منجهان مئن موڪ
لڌي وچان لوڪ، اٺي ويا اڪري.
اڄ مان فقط اهو سوچيان پيو ته ڇا سڄي سنڌ ۾ ڪو هڪڙو به اهڙو مولوي صاحب هوندو جيڪو عيد جي خطبي ۾ فطري جي رقم جي ادائيگي ۽ “اي ماهه رمضان الوداع” کان اڳتي وڌي ان موقعي تي سنڌين کي سجاڳيءَ جو ڪو سنيهو ڏئي. اهي موقعا اهڙا هوندا آهن. جڏهن سمورا مسلمان هڪ وقت عيد نماز ادا ڪندا آهن ۽ سنڌي پيش امامن کي ڪيڏو نه غنيمت موقعو آهي جو صدين جي روايتي خطبن کان هٽي ڪري وقت جي ڪا ڳالهه ڪن. ڪا حقوق العباد جي ڳالهه ڪن. جيڪا عين اسلامي آهي ۽ ان ۾ ڪابه منافرت ۽ فساد جي ڳالهه ناهي. ڀلا ڀٽائيءَ به ته عيد ملهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ “عيد کي سوءِ” يا ماتم جو درجو ڏنو هو. ڇو ته بادشاهه عمر سومري، مارئي کي قيد ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي هئي.
اڄ منهنجو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿي جڏهن سنڌ جي هڪ اڳوڻي قومپرست اڳواڻ جو وزير پٽ چوي ٿو ته، “مون کي فخر آهي ته مون کي ڪالاباغ ڊئم جي حمايت لاءِ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين بڻايو ويو آهي ۽ مان چئني صوبن ۾ ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ۾ مهم هلائيندس”. جڏهن ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد سردار احمد کي لک آفرين هجي جنهن سنڌ جو ڪيس کنيو آهي ۽ انگ اکر ڏنا آهن. گستاخي معاف ٿئي ته مان عرض ڪريان ته سڄو سارو ڪلام پاڪ حفظ ڪرڻ وارن مولوين کي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ بابت ٻه چار انگ اکر ئي ياد رکڻ گهرجن ۽ عيدالفطر جي موقعي تي جيڪڏهن پنهنجي روايتي خطبي سان گڏ فقط سنڌي ماڻهو کي سجاڳ ڪرڻ خاطر ۽ سنڌ دشمنن کي غيرت ۽ شرم ڏيارڻ خاطر ئي هيٺيان انگ اکر پڙهي ٻڌائين ته هوند سنڌ ۾ وڏي سجاڳي اچي وڃي. سنڌ جي سورن جو سمورو بار رڳو رسول بخش پليجي. قادر مگسي يا شاعرن اديبن ۽ ڪالم نگارن تي نه وجهو ڇو ته يقين ڪريو جيڪڏهن اوهان سجاڳ ٿيندا ته سمجهو سموري سنڌ سجاڳ ٿيندي. رسول بخش پليجو سموري عمر سنڌ سان زيادتين جون دانهون ڪندو رهيو آهي. سو متان هاڻي سندس ڳالهه حاڪم ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ٿا ڇڏين. پر توهان نوراني چهرن ۽ ريش مبارڪن سان سنڌ جي حقوق جي ڳالهه ڪندا ته اها ٻڌي به ويندي ۽ عين اسلامي ڳالهه به هوندي. اڃا ڳالهه وئي ڪانهي عيد سڀاڻي آهي. اڄ مان توهان لاءِ هي انگ اکر پيش ڪريان ٿو. ٿورڙو حفظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا جو توهان جو حافظو ۽ هاضمو درست رهندو آهي.
انهن انگن مان خبر پوي ٿي ته پوين پنجن سالن ۾ سنڌ صوبي وفاقي ورڇ جوڳي پول ۾ 470. 494 ارب رپين جي ڀائيواري ڪئي پر ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي رڳو 667. 139 ارب رپيا يا چئجي ته چوڏنهن سيڪڙو واپس مليا جڏهن ته پنجاب کي 508. 365 ارب رپين جي وصولي جي ڀيٽ ۾ 579. 346 ارب رپيا يا چورانوي سيڪڙو مليا. سرحد صوبي کي 708. 100 ارب رپين جي وصولي جي عيوض 615. 101 يا هڪ سئو هڪ سيڪڙو مليا ۽ بلوچستان صوبي کي 636. 36 ارب رپين جي وصولين جي ڀيٽ ۾ پنجونجاهه ارب يا ڏيڍ سئو سيڪڙو واپس مليا. ڇا اهي انگ اکر دليلن لاءِ ڪافي ناهن؟ يعني کلم کلا زوري، زبردستي ٻه اکيائي ۽ دٻڙ ڌئونس آهي، ته منهنجا مذهب ۽ دين جا رکوالا سنڌي مسلمان ڀائرو توهان جي جنم ڀومي سنڌ جو توهان مٿان اهو قرض آهي ته ڪجهه فطري جي اگهن ۽ “اي ماهه رمضان الوداع” واري روايتي خطبي سان گڏ ڪجهه عوام الناس ۾ سجاڳي پکيڙيو. اهو فتنو ناهي، اهو فساد ناهي. اهو ڏڦيڙ ناهي اهو حقوق العباد آهي اهو عين اسلام آهي ۽ جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندا ته سمجهبو ته توهان الله پاڪ پاران سونپيل حقوق العباد واري فريضي ۾ ڪوتاهي ۽ غلفت ڪئي ۽ پوءِ خدائي قهر لاءِ تيار رهو:
جاڳو جاڙيجا، سما! سُک ۾ سمهو.
عوامي آواز ڪراچي- 25 نومبر2003 ع