ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5869
  • 745
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• پيڙهه جو پٿر

گذريل آچر ڏينهن، هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي آفيس جي پيڙهه واري پٿر رکڻ جي تقريب ٿي. پيڙهه جو پهريون پٿر (پڪي سر) اسان جي پنهنجي سدا بهار دانشور سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن رکيو ۽ باقي سرون ٻين ليکڪن، اديبن ۽ دانشورن به رکيون. سڄي سنڌ مان ليکڪ، شاعر، اديب، صحافي ۽ سڄاڻ ان قومي ڪاڄ ۾ اچي ڪٺا ٿيا هيا. سنڌي ادبي سنگت جي آفيس لاءِ جنهن کي جيترو سري سگهيو تنهن تيترو چندو به ڏنو. حاضري ڏيندڙ جا نالا به لکيا ويا. چندي ڏيندڙ کي رسيدون به مليون. جس ۽ آفرين هجي ساس جي سيڪريٽري جنرل ۽ پياري دوست ادل سومري کي جنهن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان ۽ سندس ساٿين ۽ دوستن جي مدد سان اهو ڪم ممڪن ٿي سگهيو اڳتي به سڻائي ٿي پوندي. بقول ڀٽائي:
گهڙيا سي چڙهيا اينهين اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميهار ملئي، سنڀوڙو سيڻاهه ۾!

تنهن کان پوءِ سنڌي ٻولي اختياري جي احاطي ۾ لنچ ٿي پوءِ مذاڪرا ٿيا ڳالهيون ٿيون سنڌ ۽ سنڌين لاءِ وچن ورجايا ويا، سنڌ سان محبت جون ڳالهيون ٿيون. علمي، بحث ٿيا، ڪجهه اختلاف ٿيا، اختلاف ۾ ڪا به خرابي ناهي ڇو ته اهو جمهوري عمل جو حصو آهي.
سنڌي ادبي سنگت بابت عوامي آواز هڪ پورو صفحو آچر ڏينهن ڪڍي چڪي آهي جنهن ۾ سنگت بابت ڪافي ويچار ونڊيل آهن ۽ ڪافي سُڌ واريون ڳالهيون لکيون ويون آهن. دراصل عوامي آواز جي ٽيم مبارڪن جي مستحق آهي جو هر قومي اشو تي صفحا ڪڍي ٿي هر ننڍي وڏي اديب جي جنم ڏينهن تي سالگرهه تي صفحا ڪڍي ٿي. ساڳي وقت اها شڪايت پڻ آهي ته اسان جو معاشرو ايڏو ته بي حس ٿي چڪو آهي جو اخبار جي انهن ڪاوشن جي موٽ ۾ فقط “سائين مهرباني” چوڻ وارا به نه رهيا آهن. بهرحال ڳالهه پئي هلي سنڌي ادبي سنگت جي پيڙهه واري پٿر جي تقريب جي، جنهن جا احوال سنڌي اخبارن ۾ سربستا شايع ٿيا آهن. هي آفيس نه ڪا لاهور جي “الحمرا” جو مقابلو ڪندي ۽ نه ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل جي جاءِ ڀري سگهندي. پر غريبن جو گذر پٽاندڙ گهٽ ۾ گهٽ سنڌي اديبن کي ويهڻ جي ڪا جاءِ ته ميسر ٿيندي:
“الا جهري مَ شال – غريبن جي جهوپڙي . . .”
هڪ ڳالهه ساراهڻ جي اها به آهي ته آفيس جي لائبريري جو نالو “گوبند مالهي” پٺيان رکيو ويو آهي. ان مان خبر پوي ٿي ته سنگت جو ڪردار “سيڪيولر” آهي. گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سيڪريٽري جنرل هو. هو هڪ مارڪسوادي ۽ مهان ليکڪ هو. مون کي ساڻس ويجهي ملاقات جو شرف حاصل آهي. ساڻس گهري گپ چپ ۽ ڀوڳن چرچن جو سٺو وقت گذريو.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ڪرايل سچل ڪانگريس ۾ چڱي تعداد ۾ هندستان کان سنڌي اديب ۽ دانشور گهرايا ويا هئا، انهن ۾ گوبند مالهي به سرفهرست هو. هو جيڏو وڏو ليکڪ هو، اوترو ئي کلمک ۽ ڀوڳائي ٺڪائي هو.
پوري ڪانفرنس دوران ۽ سنڌ ۾ مختلف ماڳن جي دورن دوران مان ساڻس گڏ گڏ رهيس ۽ سندس سگريٽن جو ٺيڪو به ڄڻ مون تي هو. سٺو وقت گذريو، يادگار وقت رهيو. بهرحال سنڌي ادبي سنگت جي اها وڏائي آهي جو لائبريري جو نالو “گوبند مالهي” جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي حقن جي پائمالي جو ذڪر ٿيو ته پاڻيءَ جو به ذڪر ٿيو.
درياهه ۽ نديون تهذيبن کي جنم ڏينديون آهن ۽ انهن جا وهڪرا ئي تهذيبن جا وهڪرا ٿيندا آهن. نيل نديءَ مصر جي تهذيب کي جنم ڏنو. دجله ۽ فرات ميسو پوٽيميا (هاڻي عراق) جي تهذيبن کي جنم ڏنو. تهذيبن جي بقا ۽ فنا جو سمورو دارومدار درياهن ۽ ندين جي واهڙن ۽ وهڪرن تي ٻڌل هوندو آهي. يعني پاڻي تي آهي. سنڌ جي پاڻيءَ جي جهڙيءَ طرح ڌاڙا لڳي رهيا آهن ۽ اڳڙين جا ٺهيل سنڌ جا مهرا جهڙي نموني سنڌ جي مفادن جا سودا ڪري رهيا آهن ته انهن جو ڇا ٿيندو. ادبي سنگت جي پيڙهه جو پٿر پيو، خوشي ٿي، پر هي جو سموري سنڌ جي جياپي جي پيڙهه جو پٿر پاڙئون ئي اکيڙيو پيو وڃي، تنهن جو ڇا ٿيندو. ٽي سؤ سال اڳي ڀٽ ڌڻي چئي ويو هو:
ڌريان ئي ڌار - جي وڍي وڻ ڦٽا ٿيا،
تن سُڪن ڪهڙي سار، ته اٺا مينهن ملير تي.

يعني ته جيڪي وڻ يا انهن جا ڏار اڌ مان ڪپجن ٿا ته اهي بهار جي موسم ۾ يا مينهوڳي جي موسم ۾ ٻيهر ڦُٽي نڪرن ٿا، پر انهن وڻن جو ڇا ٿيندو جن کي ڌر کان ئي ڌار ڪيو ويو آهي. يا پاڙئون پٽيو ويو آهي. پاڻي بند ڪرڻ ته سنڌ کي پاڙئون ئي پٽڻ جي سازش آهي. سنڌو ماٿر جي تهذيب فنا ٿي ويندي. سنڌ نه رهندي، سنڌي نه رهندو. سنڌي ادبي سنگت به نه رهندي.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪجي. آواز اٿارجي، دانهون، ڪوڪون ڪجن، دانهنجي، فريادون ڪجن، لکجي اخبارن ۾، رسالن ۾ شعر لکجن، افسانا لکجن، ڪهاڻيون لکجن، عالمي انصاف جي عدالت ۾ وڃجي، گڏيل قومن جي دفتر ۾ دانهون ڪجن، هيومن رائيٽس وارن سان رابطو ڪجي. ها اهي سڀئي ڪم ضرور ڪجن ۽ ڪرڻا پوندا، پر ٿيندو ڪجهه به ڪون. يقين ڪريو ٿيندو ڪجهه به ڪون. عراق خلاف آمريڪا جي تازي جارحيت ۽ عراق تي قبضو هڪ اهڙو سبق آهي، جيڪو نه صرف سنڌين کي سکڻو آهي، پر سموري ڏتڙيل انسانيت کي سکڻو آهي. عراق خلاف حملي ۾ هن ڀيري آمريڪا ۽ برطانيا به اڪيلا ملڪ هئا باقي سموري دنيا ٻئي طرف هئي. فرانس، جرمني، روس، چين، ڪوريا ۽ باقي سموري دنيا ان ننگي جارحيت جي خلاف خوب آواز اٿاريو. جيڪي لمحي به لمحي اسان ٽيليويزن تي ڏٺو. دنيا ڀر جي نشرياتي ۽ اشاعتي ادارن تان ڏٺوسين – پڙهيوسين. خود آمريڪا ۽ برطانيا جي شهرين لکن جي تعداد ۾ جارحيت ڪندڙ ملڪن خلاف مظاهرا ڪيا. پر ٿيو ڇا؟ هزارين عراقي اڻ ڪيل ڏوهه ۾ قتل ڪيا ويا، زخمي ڪيا ويا، ٻار، ٻچا ڪٺا ويا.عصمت دريون ٿيون. هر غيرانساني ۽ غيرمنطقي ڪم ٿيو. دنيا ڏسندي رهي پر عراق تي ناجائز قبضو ٿي ويو. دجله ۽ فرات جي سرزمين غاصبن جي قبضي ۾ آهي. ڪربلا جي سرزمين جتي حضرت امام حسين ۽ حضرت علي جهڙن خليفن ۽ امامن جون درگاهون آهن، اها مقدس سرزمين هاڻي هم جنس پرست غليظ گورن جي قبضي ۾ آهي. دنيا جي دانهن ڪوڪن ڇا ڪيو؟ ڪجهه به نه !
اول ته سنڌ لاءِ ۽ سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ ايترو آواز اٿندو ئي ڪونه جيترو عراق تي آمريڪي حملي خلاف اٿيو هو، پر هي ڪمزور آواز جيڪو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ اي بي ڊبليو جي بي دلي اپيل وانگر ٺڪرايو ويندو ڪوبه ان تي توجهه نه ڏيندو. نيٺ ته ڇا ڪجي؟ ان لاءِ ڀٽائيءَ اسان کي ٽي سؤ سال اڳ ٻڌائي ويو آهي ته:
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته مٿارو ٿئين !

يعني جيستائين اسان وڙهنداسين نه تيستائين اسان کي اسان جا حق نه ملندا. لکڻ سان، پڙهڻ سان، تقريرن سان، تحريرن سان ڪجهه به نه ٿيندو. پر اهو ڪم به پنهنجي جاءِ تي جاري رهي باقي پاڻي اسان کي ويڙهه کان سواءِ نه ملندو. جن صوبائي توڙي قومي اسيمبلين جي ميمبرن کي اسان اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو آهي، سينيٽر ٿيا آهن، انهن جو محاسبو ڪريو. جيڪي سنڌ جا ڪامورا ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو پاڻي وڪڻي آيا آهن انهن جو محاسبو ڪريو. قلم جي ويڙهه ڪريو. عمل جي ويڙهه ڪريو. هٿن جي هٿيارن جي ويڙهه اسان کي پنهنجي نسلن جي بقا لاءِ ڪجهه جانين جو نظرانو ڏيڻو پوندو. بش ۽ بليئر رڳو آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ئي نه هوندا آهن. اهي يزيد، هٽلر، چنگيز خان ۽ هلاڪو جون علامتون آهن ۽ اهي اسان جي ملڪن ۾ به آهن. اسان جا ديسي هٽلر، هلاڪو، بش ۽ بليئر جيڪي اسان جو پاڻي بند ڪري اسان جي تهذيب کي فنا ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، اچو ته انهن سان ويڙهه جي تياري ڪريون. اچو ته انهن “پنهنجن سان پاڻي ڪريون جيڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ “ شامل آهن. اچو ته پنهنجن ۽ پراون جو فرق ظاهر ڪريون. اچو ته ايندڙ نسلن جو بچاءُ ڪريون !

عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 15 اپريل 2003ع