• سنڌ، ڀٽائي ۽ پاڻي
پٽيهل! تو ۾ پور، اڳيون آهه نه آب جو،
سڪي ڪهڙي سور، پيءَ واري وچ ۾.
پٽيهل به ڪو وهڪرو هو، جيڪو سڪي چڪو آهي. پٽيهل کي في الحال سنڌو ئي سمجهو.
پٽيهل چئي پرين کي ساري آءُ سڪو
آهيم اولاڪو، جسودن جي جان ۾.
جسودا، خوشحال قوم هئي، جن جي خوشحالي جو دارومدار پٽيهل جي وهڪري تي هو. تڏهن پٽيهل وراڻي ڏئي ٿو ته مان انهن جسورن جي غم ۾ سڪو آهيان، جيڪي هينئر الائي ڪهڙي حال ۾ آهن. پاڻي ۽ پاڻيءَ جي نتيجي ۾ معيشت ۽ خوشحالي يا پاڻي ڇڏي وڃڻ سبب بدحالي جو ڀٽائيءَ پنهنجي مختلف سرن ۾ ذڪر ڪيو آهي. سر سامونڊيءَ ۾ سمنڊ جو ذڪر آهي. سمنڊ ذريعي ٿيندڙ وڻج واپار جو ذڪر آهي. وڻجارن جي ونين جو پنهنجي ورن سان نينهن جي ناتن جو ذڪر آهي. سامونڊين جي پورهئي پگهر ۽ ائڊونچر جو ذڪر آهي.
کاري کيڙائو، مٺي موٽي آئيا
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو
موتي مهراڻ جا تن جا تامائو
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.
يعني سمنڊ جي کاري پاڻي کي ڪمائي يا کيڙي هاڻي پنهنجي مٺي درياهه ڏانهن موٽيا آهن. هنن کي سمنڊ جو سون نه کپي ڇو ته انهن کان مٿاهان وهائو يا واپاري يا وڻجارا آهن. انهن کي “مهراڻ جا موتي” گهرجن.
هاءِ، هاءِ، مهراڻ جا موتي.
ٻيو پاڻيءَ جو ذڪر آهي سر سهڻيءَ ۾، جتي درياهه جي ڏاڍ، ڏمر، زورواري طاقت ۽ تيزيءَ جو تذڪرو آهي. سهڻي ۽ ميهار جي محبت جو تذڪرو آهي. “پاڻي ۽ پيار” گڏ گڏ وهڪرو ڪندا آهن.
دهشت دم درياهه ۾، جت جايون جانارن
نڪو سنڌو سير جو، مَپُ نه ملاحن
درندا درياهه ۾ واڪا ڪيو ورن
سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن
پرزو پيدا نه ٿئي ڪو تختو منجهان تن
اُتي اڻ تارن، ساهڙ سير لنگهائين.
ساوڻ گهڙي سڀڪا هيءَ سرهي سياري
تن وڌائين تار ۾، ارواح جي آري
محبتي ماري، ڪونهي دادُ درياهه ۾.
پاڻيءَ جو ٽيون تذڪرو سر ڏهر ۾ ملي ٿو. فرق هي آهي ته سر سهڻي ۾ درياهه جي تکي وهڻ ۽ ان جي دهشت جو ذڪر آهي. جڏهن ته سر ڏهر ۾ ڪجهه اهڙن وهڪرن جو ذڪر آهي، جيڪي يا ته ڀٽائي کان اڳ سُڪي چڪا هئا يا ان جي هوندي سڪا. انهن وهڪرن ۾ ڍور، ڍاڳي، پٽيهل ۽ هاڪڙو شامل آهن. هڪ هڪ بيت هر وهڪري جي باري ۾ :
سچ ڪه سڪو ڍور، ڪنڌي اڪَ ڦلاريا
جُنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي ويا.
جڏهن “ڍاڳي” ۽ “ڍور” ٻئي وهن ٻليار ۾
تڏهن تازيون طور، هيو جسورن سين.
سڪي “ڍور” ڍيون ٿيو، ڪنڌي ڏنو ڪائو
سو پاڻي “پٽيهل” ۾ اڳيون نه آيو
ماڻهن ميڙائو، ڪهين ڪهين ڀيڻيين.
پاڻيءَ جو ٻيو ذڪر سر سارنگ ۾ ملي ٿو، جتي مينهن ۽ برساتن جو ذڪر آهي. خوشحاليءَ جو ذڪر آهي. پکين، مال، گاهن، ٻوٽن، سپن ۽ ماڻهن جو ذڪر آهي. پاڻي ۽ پيار جو ذڪر آهي.
ڪڪر منجهه ڪپار جهڙ نيڻئون نه لهي
جهڙا منهنجا سپرين تهڙا مينگهه ملهار،
کڻ اکيون کل يار، ته وڃن سور سنڌا ڪيو
بر وٺا ٿر وٺا وٺيون ترايون
پرهه جو پٽن تي ڪن “ولوڙا وايون”
مکڻ ڀرن هٿڙا سنگهاريون سايون
ساري ڏهن سامهيون، ٻولايون رايون
ٻانهيون ۽ ٻايون، پَکي سُهن پانهنجي
آخري سٽن جو حسن ڏسو، وسڪاري سبب ايتري ته خوشحالي اچي چڪي آهي جو هينئر ٻانهيون يا نوڪرياڻيون ۽ انهن جون مالڪياڻيون يا سانئڻيون يا ٻايون پنهنجي پنهنجي پَکَن ۾ سُهن، خوشحالي سبب ٻانهن جو دور ختم، مون چيو ته “پيار ۽ پاڻي” گڏ گڏ وهن ٿا.
ڀٽائي چوي ٿو:
مينهان ۽ نيهان، ٻئي اکر هيڪڙو
جي وسڻ جا ويس ڪري، ته ڪڪر ڪن ڪيهان
بادل ٿي بيهان جي آگم اچن جا ڪرين
سچ پڇو دوستو ته اخبارن ۾ ٿل ڪينال، ڪالاباغ ڊيم، ارسا جو ڪردار اهي اگرا ۽ سنڌ دشمن احوال پڙهي طبيعت تي ايڏو ته بار ٿي پيو آهي. جو دل چيو ته ڀٽائي ٻڌائي ڪجهه توهان جو بار هلڪو ڪريان. سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان.
عوامي آواز ڪراچي-5 سيپٽمبر 2001ع