• سڌريل ڪير؟ گوري صحافڻ يا طالباني
مثال طور هڪ عام غريب پٺاڻ توهان کي محنت ڪندڙ ملندو. گهڻو ڪري ايماندار هوندو. پر طالبان گهڻو مذهبي هئڻ ڪري نيڪ، باعمل، باشريعت ۽ ايماندار ثابت ٿيا آهن. بنياد پرستي، تنگ نظري ۽ سائنسي، معاشي توڙي معاشرتي ڄاڻ جو فقدان پنهنجي جڳهه تي. پر هو سچا مسلمان ۽ نمازي آهن سان ڳالهه پنهنجي جڳهه تي.
ٻئي طرف گوري قوم آهي بظاهر سهڻا گورا چٽا پڙهيل ڳڙهيل پر چالاڪ، مڪار ۽ عيار، موقعي پرست ۽ ڪوڙا هٽلر جي پروپيگنڊا سيڪريٽري “گوئيبلز” جي چوڻ مطابق ته ڪوڙ ايترو گهڻو ۽ منهن جي پڪائي سان ڳالهايو جو ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳن.
دهشتگردي بابت آمريڪا جو راڳ ئي ٻڌو، ڏهن سالن تائين غريب افغانن کي روس سان ويڙهائي ويڙهائي افغان ملڪ ۽ ملت کي تباهه ڪندڙ آمريڪي هاڻي ساڳي قوم کي دهشت گرد سڏي رهيا آهن. يعني جيستائين افغان قوم ۽ اسامه بن لادن آمريڪا جي شهه ۽ پئسي توڙي هٿيارن جي زور تي روس خلاف وڙهي رهيا هئا ۽ مملڪت خداداد پاڪستان به ان ويڙهه کي جهاد جو نالو ڏئي رهي هئي ته تنهن وقت افغان قوم هڪ مجاهد قوم هئي اسامه بن لادن مجاهد هو ۽ هاڻي ساڳي قوم دهشتگرد ٿي پئي آهي. آمريڪا جي نظر ۾ اسرائيل دهشت گرد ملڪ ناهي جنهن جو هٿ معصوم فلسطيني ٻارن جي رت سان رنڱيل آهن. شاهه فيصل ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙن ليڊرن جي قتل ۾ ڪنهن جو هٿ هو سا ڳالهه ڪنهن کان لڪل آهي.
هينئر اچون ٿا “سنڊي ايڪسپريس لنڊن” جي خاتون رپورٽر وان رڊلي Yvonne Ridley طرف. افغانستان ڀلي غريب ملڪ آهي ترقي يافته آهي، گهٽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو ملڪ آهي پر آهي ته هڪ خودمختيار ملڪ، بااقتدار ۽ بااختيار ملڪ. Sovereign Country جيئن آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني آزاد ملڪ آمن تيئن افغانستان، پاڪستان، بنگلاديش ۽ هندستان به آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهن. خود مختيار ملڪن جي سرحدن ۾ غير قانوني طور گهڙڻ وارن کي قيد يا نظر بند ڪبو آهي ۽ ملڪي قانون مطابق انهن کي سزا ڏبي آهي. گوري رنگ يا ڪنهن ٻي زور تي اڪيلي عورت تي اهڙو ڪهڙو فرض شناسيءَ جو بار پيو هو جو هوءَ مڪاري سان افغان بارڊر پار ڪري وڃي پار پئي. برقعي ۾ لڪل اها خاتون افغانستان ۾ ڪهڙو ڪمال ڪري موٽي سا ته سندس ڊائري مان خبر پئجي نه سگهي باقي اها خبر ضرور پئجي وئي ته هوءَ گرفتار ڪهڙي نموني ٿي.
سو ٿيو هيئن ته جن ڀاڙتو افغانن کيس افغان بارڊر ٽپڻ ۾ مدد ڪئي هئي انهن کيس افغانستان ۾ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ وٺي وڃڻ پئي چاهيو. هڪ ڏينهن اڳواٽ رڊلي کي ٻڌايو ويو هو ته سڀاڻي جنهن هنڌ هلڻو آهي اتي لاءِ سواري گڏهه جي هوندي، سو رڊلي کي گڏهه جي سواري جي ايتري خوشي هجي جو کيس رات جو ننڊ ئي نه اچي.
ٻئي ڏينهن کيس افغاني ڪپڙا پارائي ۽ “شٽل ڪاڪ” برقعي ۾ ويڙهي هڪ گڏهه تي ويهاريو ويو. گڏهه جو کڻي “ترنم” سان هڪ هينگ ڪئي ۽ هڪ پوزي هنئي ته رڊلي کان رڙ نڪري وئي ۽ گڏهه تان هيٺ ڪري پئي. سندس ڪلهي ۾ لڪل ڪيمرا هيٺ وڃي ڪري. (افغانستان ۾ ڪيمرا رکڻ تي پابندي آهي) برقعو لهي ويو ۽ گوري چمڙيءَ چلڪو ڏنو. تڏهن پول کليو ته هوءَ انگريزياڻي آهي ۽ جاسوس رپورٽر آهي ۽ غير قانوني طور افغان بارڊر ڪراس ڪري آئي آهي. کيس نظر بند ڪيو ويو. ڏهن ڏينهن جي نظر بنديءَ کان پوءِ جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو ۽ هوءَ افغانستان کان پاڪستان پهتي ته کانئس پهريون ئي سوال ڪنهن انگريز پڇيو.
“طالبان توسان ڪهڙو برتاؤ ڪيو؟” “عزت آبرو ۽ احترام وارو” رڊلي جواب ڏنو.
اهو برتاؤ، ٽرڙي ٽوني بليئر Tony Blair جي ملڪ جي هڪ غير قانوني ۽ افغان سرحد ناجائز طور تي پار ڪندڙ هڪ جاسوس انگريز عورت سان ڪيو ويو. جن کي هروڀرو “عصمتن” بچائڻ جو گهڻو فڪر به نه هوندو آهي. اهو برتاؤ انهن “دهشتگرد طالبان” ڪيو هڪ اڪيلي، نوجوان، گوري ۽ خوبصورت صحافڻ سان، ٻئي هنڌ لکي ٿي “ڪابل ۾ بمباري هلي رهي هئي مان پنهنجي ڪمري ۾ بيڊ تي ويٺي ڪتاب پڙهيو تڏهن منهنجي در کي ڌڪو لڳو ۽ ست اٺ طالبان منهنجي ڪمري ۾ گهڙي آيا. مون سمجهيو ته ڪا غير معمولي ڳالهه آهي ورنه عام حالت ۾ اهو ادب ۽ احترام سان در کڙڪائي داخل ٿيندا آهن. “اهو برتاؤ آهي هڪ غير مهذب قوم جو، هڪ اڪيلي عورت سان”.
هاڻي ٻڌو ساڳي رڊلي کي جيڪا “مائي باپ” برطانيه جي “بلوبلڊ” انگريزياڻي آهي ۽ وڏي اخبار جي رپورٽر آهي، لکي ٿي.
“مان ڏسان ٿي ته افغانستان جي آسمان ۾ جيٽ (Jet) هڪ ٻئي پويان زوڪاٽ ڪندا پيا هلن. آسمان ۾ شعاع ٿي رهيا آهن شايد جهازن کي رستو ڏيکارڻ لاءِ هيٺان روشنيون ڪري رهيا هجن (Search Lights) ٻاري رهيا هجن تڏهن اوچتو منهنجي سرير ۾ لهر ڊوڙي وئي. منهنجي نس نس ۾ قوميت جو جذبو اجاگر ٿي ويو ۽ مون تمام اوچي آواز ۾ Rule Britannia جو نغمو ڳائڻ ۽ جهومڻ شروع ڪري ڏنو. منهنجي خون جو دورو تيز ٿي ويو. مون سوچيو خدا جو شڪر آهي جو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان سڀ صحافي هتي آهيون. ان ڏينهن جو ته انتطار هو. مون سوچيو ته اهو صرف ڪابل ۾ ئي نه ٿي رهيو هوندو. اهو ته سڄي افغانستان ۾ ٿيندو هوندو. پر منهنجي بدقسمتي جو هڪ صحافي آڏو اهڙو تماشو ٿئي ۽ سندس ڪئمرا ۾ رول نه هجي”.
اها آهي ڪهاڻي هڪ سڌريل ملڪ جي سڌريل عورت جي ۽ هڪ غريب ۽ اڻ سڌريل ملڪ جي اڻ سڌريل ۽ دهشت گرد طالبان جي.
عوامي آواز ڪراچي- 17 آڪٽوبر 2001ع