• آذربائيجان جو سفر I
ڪالمن لکڻ لاءِ جڏهن مون کي منهنجي پياري دوست انور پيرزادي (سينيئر) جي اهل ۽ قابل فرزند، مٺو ۽ جهيڻو ڳالهائيندڙ سائين زرار پيرزادي جڏهن مون تي زور رکيو هو ته مون کيس ٻڌايو هو ته ڀائو مان سيلاني فقير آهيان. ڪڏهن ڪمپنيءَ جي ڪمن سانگي ته ڪڏهن پنهنجي خرچ تي اڪثر ملڪ کان ٻاهر وڃڻ رهندو آهي. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم ۾ ناغو به ٿي سگهي ٿو. اسان جي پياري زرار اها ڳالهه سمجهڻ کان پوءِ به چيو ته ائين به ٺيڪ آهي ۽ مان پنهنجي سمجهه ۽ فهم موجب حڪم جي تعميل ڪندو رهيس.
جيڪڏهن توهان سوچيو ٿا ته آخر مان ويو ڪيڏانهن هوس ته اهو به احوال توهان سان اوري ڇڏيان ته هڪ ته منهنجي دل جو بار به هلڪو ٿي پوندو، ٻيو ته شايد توهان جي لاءِ دلچسپي جو باعث به ٿي پوي.
منهنجو سئوٽ (دنيا وارا اسان کي ڀائر سمجهندا آهن) فيض محمد کوسو، هن وقت آذربائيجان (Azer - Baijan) ۾ سفير آهي. ان کان اڳ هو بحرين ۾ سفير هو. فيض منهنجو سئوٽ ته آهي پر دراصل هو منهنجو جگري جاني يار آهي. هو هڪ سال مون کان ننڍو آهي. اسان الف بي کان وٺي گڏ پڙهيا آهيون، کيڏيا آهيون. اسڪول جي شرارتن کان وٺي هن وقت سنجيده زندگي تائين اسان جي ياري، دوستي ۾ ٽڪي جو فرق نه آيو آهي. جتي به سندس پوسٽنگ ٿيندي آهي اتي مان نه ويس ته ڄڻ سندس پوسٽنگ ئي ڪانه ٿي. پهريائين پيار ۽ ادب سان دعوتون ڏيندو آهي. پيار ۽ ادب واري ٻوليءَ ۾ مان نه ويس ته گار گند تي لهي ايندو آهي. اهڙيءَ طرح مونکي لاچار سندس پوسٽنگ واري جاءِ تي وڃڻو ئي پوندو آهي.
سو اهڙيءَ طرح مون کي آذربائيجان، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ باڪو (Baku) آهي، اوڏانهن وڃڻو پيو. باڪو اسان جي پي آءِ اي جي فلائيٽ ڪنهن وقت ويندي هئي جيڪا هن وقت بند آهي.
تنهنڪري مون کي ٽرڪش ايئرلائن تي وڃڻو پيو. اول ته اڄ ڪلهه پاڪستانين کي ويزا ملڻ نه فقط مشڪل پر ناممڪن ٿي پيو آهي. منهنجي ويزا جو بندوبست به فيض کي ئي ڪرڻو پيو. مون کي ويزا وٺڻ لاءِ اسلام آباد وڃڻو پيو، جتي آذربائيجان (جنهن کي اڪثر ماڻهو اظهر ڀائي جان) جو سفارت خانو آهي. جتي منهنجي پياري ۽ دلبر دوست تاجل بيوس جي انتهائي قابل ۽ ذهين فرزند سليم، جو ٻه راتيون مهمان ٿيڻو پيو. سليم تاجل جو لائق پٽ آهي. پريميئر پيٽروليم ۾ انجنيئر آهي ۽ هو منهنجو به جگري دوست آهي. اتفاق جي ڳالهه آهي جو منهنجي يارن جا پٽ به منهنجا يار هوندا آهن، جو شايد انهن سان منهنجو رويو وڏن کان وڌيڪ گهرو ۽ دوستاڻو هوندو آهي. سو ٻه راتيون سليم جون خدمتون به حاصل ڪيم ۽ ويزا جيڪو اڳيئي تيار تيار پيو هو، ورتم. ڪراچيءَ موٽي آيس ۽ نائين نومبر تي ترڪيءَ جي شهر استنبول روانو ٿيس. استنبول صبح جو ساڍي ستين پهتس، جتان رات جو ساڍي ڏهين وڳي ٻي فلائٽ رستي باڪو پهچڻو هوس. يعني استنبول ايئرپورٽ تي مون کي تقريبن پندرهن ڪلاڪ ترسڻو پيو. ايئرپورٽ تي هڪ وي آءِ پي لائونچ هئي. ملينيم لائونچ، جتي ويهه آمريڪي ڊالر ڏيئي ويهي رهيس. انهن ويهن ڊالرن ۾ هر قسم جون شيون چانهه، ڪافي، پيئڻ جون ٻيون شيون ۽ کاڌا مفت هيا ۽ ويهڻ ۽ سمهڻ لاءِ وڏا آرامده صوفا سيٽ رکيل هئا. سو پندرهن ڪلاڪ کائڻ ۽ سمهڻ ۾ گذري ويا.
تنهن کان سواءِ طرح طرح جا ماڻهو به پي مليا، سو وقت گذرڻ جو ڪو خاص احساس ڪونه ٿيو. آخر باڪو جي فلائيٽ ۾ چڙهي ڏهين نومبر جي صبوح جو ٽين وڳي وڃي باقو پهتس جتي منهنجي آجيان لاءِ His Excellency فيض، سندس گهر واري حسنه، سندس نياڻي انيتا ۽ سندس پٽ طارق ايئرپورٽ تي موجود هئا. ايئرپورٽ تي مون کي وي آءِ پي لائونچ ۾ ويهاريو ويو. سبز چانهه سان خاطر تواضح ٿي ۽ پروٽوڪول آفيسر پاڻهي منهنجو بيگيج کڻي آيو ۽ ايمبيسي جي گاڏيءَ ۾ وڃي گهر پهتاسين. فيض ۽ سندس فيمليءَ سان ملڻ کان پوءِ سفر جي ٿڪ جو ڪو احساس ڪونه ٿيو ۽ صبوح تائين ڪچهريون ۽ چانهيون جاري رهيون.
آذربائيجان اڳوڻي روس جو حصو رهيو آهي. جيڪو هينئر آزاد مسلم ملڪ آهي. ادب ۾ تنهن وقت جي ٻين نوجوانن وانگر منهنجو به روسي ادب سان واسطو رهيو. ميڪسم گورڪي، ٽالستاءِ، چيخوف، پشڪن، دوستوفسڪي، حمزو رسول، شولو ڪوف، پاسٽرنڪ، ڪارل مارڪس ۽ ٻين جا ڪتاب اڳ ئي پڙهيل هئا. تنهنڪري روس جي ماڳن مڪانن ڪلچر جو ذهن ۾ اڳيئي خاڪو هيو، پر مون هن وقت تائين روس جو ڪوبه شهر نه گهميو هو. هن ڪالم ۾ مان هروڀرو پڙهندڙن تي رعب (Impress) وجهڻ نه ٿو چاهيان پر اهو ٻڌائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي ته آمريڪا، لنڊن،فرانس، جاپان، ترڪي، ملائيشيا، ٿائلينڊ، ڪيناڊا، سئيٽزرلينڊ،آسٽريليا، مالديپ، سريلنڪا وغيره جهڙا ملڪ منهنجا گهميل آهن، جن مان ڪجهه ملڪ منهنجا ڪئي ڀيرو ڏٺل آهن. پر روس، جيڪو اسان جو ننڍپڻ جو عشق آهي، اتي ڪڏهن به وڃڻ نه ٿيو هيو، تنهنڪري آذربائيجان وڃڻ جو تجربو ڏاڍو خوشگوار رهيو. سو به اهڙيءَ طرح جتي پنهنجو ڀاءُ ۽ جگري دوست سفير هجي.
آذربائيجان جو نالو ٻڌي مون کي ڀٽائي ۽ مولانا رومي جا بيت ياد ايندا آهن. پهريان ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌو:
ان پر نه ايمان جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
دغا تنهن جي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان
منهن ۾ مسلمان، اندر “ آذر” آهين.
هتي آذر جو مقصد بت تراش آهي، هينئر مولانا رومي جو شعر ٻڌو:
ڪعبه بنگائي- خليل “آذر” است
دل گذرگاهه جليل اڪبر است.
(ڪعبو خليل آذر جو ٺهيل آهي. پر دل الله تعاليٰ، جليل اڪبر جو گهر يا گذرگاهه آهي)
هتي به آذر جو مطلب بت تراش ئي آهي. پر آذربائيجان جي لفظ ۾ آذر جو مطلب بت تراش وارو نه آهي. هتي “زر” جو مطلب باهه آهي، جنهن جا پوڄاري زرتشت سڏبا آهن جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Zoroaster) چوندا آهن. آذر بائيجان جو مطلب ٿيو مقدس باهه وارو ملڪ (Land of Sacred Fire) فرق فقط ذ ۽ ز جي اکرن جو آهي. اهو نالو انهيءَ ملڪ تي ائين پيو جو اتي پهاڙن ۾ ڪي گيسون نڪرنديون آهن جن کي باهه وڪوڙي ويندي آهي ۽ اها باهه پئي ٻرندي آهي. جنهن سبب جڳن کان ان جو نالو مقدس باهه جي سرزمين يا آذربائيجان پئجي ويو. اهو ملڪ حورن جو ملڪ يا ڪوهه قاف به سڏبو آهي. ٻئي هفتي جيڪڏهن ڪو ٻيو موضوع نه مليو ته توهان سان حورن جا احوال به ڪبا.
روزانه عوامي آواز ڪراچي- 28 نومبر 2001ع