• شمشير منهنجو يار
ان کان اڳ ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊمي بدين پاران، زهير حسين حيدري، شمشير الحيدري تي هڪ ڪتاب مولا تي ننگ پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جنهن جي انتساب جي ٻن ٽن لفظن تي منهنجيون اکيون آليون ڪري ڇڏيون:
انهن چپن جي نانءٌ
جن مان پهاڙ جيڏين پريشانين هوندي به
اهي ئي لفظ ٿي نڪتا ته
مولا تي ننگ آ -
هن ڪتاب ۾ پڻ اٺيتاليهه مضمون شامل آهن جنهن ۾ منهنجو پڻ مضمون شامل آهي. بهرحال انهي ٻنهي ڪتابن کان پوءِ، شمشير الحيدري بابت اڳتي لکڻ وارن لاءِ ڪافي سهولت ٿي پوندي. ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي، ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري لاءِ محمد بخش مشڪور ڦلڪارو هڪ ٿيسز لکي هئي جنهن جو عنوان هو “شمشير الحيدري شخصيت صحافتي خدمتون ۽ ڪم” اها ٿيسز 1989 – 1991 دوران لکي وئي هئي جيڪا شعبي ماس ڪميونيڪيشن ۾ محفوظ هوندي.
مون کي ان ڳالهه تي ڪو به غرور ناهي ته ايڏي وڏي سنڌ ۾ جتي عالمن اڪابرن جي ڪا به ڪمي ناهي اتي شمشير الحيدري بابت شايع ٿيندڙ ڪتاب شمشير الحيدري فن ۽ شخصيت جو مقدمو لکڻ جو ڪڻو مون تي پيو آهي، اهو انڪري نه ته مان ڪو وڏو اڪابر ليکڪ آهيان پر اهو ڪڻو مون تي ان ڪري نڪتو آهي جو شايد سموري سنڌ ۾ مان ئي شمشير جي وڌ ۾ وڌ ويجهو رهيو آهيان اهو به ڪونهي ته ڪو علمي، ادبي لياقت يا شاعري يا وڏي ليکڪ هجڻ جي حيثيت سبب سندس دوست هوس، يقيناً اسان جي ويجهي هئڻ جو هڪ سبب منهنجي طبيعت ۾ شاعري ۽ ليکڪ هجڻ به آهي پر ان جو هڪ سبب اهو آهي ته اسان ڪراچي جي علائقي پاڪستان ڪوارٽرس ۾ ويجها رهندا هئاسين. اتي شروعاتي دور ۾ تاجل بيوس به رهندو هو. اسان جو روز ملڻ ٿيندو هو. ڏينهن جو هر ڪو نوڪرين بلي هوندو هو. شامون گڏ گذرنديون هيون. اهڙيءَ طرح ادبي دنيا ۾ اسان جو ٽياڪڙ مشهور ٿيو. اسان سان گڏ ويهڻ وارو هڪ غير معروف ۽ غير اديب پر ادب سان چاهه رکندڙ دوست امام دين پٺاڻ هوندو هو. جنهن کي شمشير “مام دينا” چوندو هو.
جيئن سنڌيءَ ۾ پهاڪو مشهور آهي “جو چلهه تي سو دل تي”، سو ادبي حيثيت سان گڏ، اسان جي ويجهڙائي ۾ رهڻ به اسان جي قربت جو هڪ وڏو سبب هو.
هن ڪتاب جو مقدمو لکڻ لاءِ جو مون کي چيو ويو آهي ته سوچيان ٿو ته جيڪر شمشير کان اڳ مان مري وڃان ها ته شمشير مونتي واهه جو ليک لکي ها، ڇو ته هن کي لکڻ ايندو هو. بقول سندس ته کيس لکڻ ۽ شاعري جي اٽڪل ايندي هئي. ريڊيو، ٽيليويزن تي هلندي پروگرام هو پنا لکندو ڏيندو ويندو هو. لکڻ سندس کاٻي هٿ جو کيل هوندو هو. هاڻي مان هجان ايڏو وڏو ليکڪ ته شمشير جهڙي ماڻهو تي ويهي لکان يا ته اها اٽڪل ڪريان جيئن اڪثر مقدمو لکڻ وارا ڪندا آهن، هومر، شيڪسپيئر، شيلي ۽ ٽي. ايس. ايليٽ کان شروع ٿيان. ڪيٽس، رومي، جامي، سارتري اصل ڪوئي نه ڇڏيان ان جو فائدو هڪ ته اهو ٿيندو جو مقدمو ڊگهو ۽ رعبدار به ٿيندو ۽ پنهنجي قابليت جي به واهه واهه ٿي ويندي. اول ته منهنجي پنهنجي لئبريري به چڱي وڏي آهي نه ته به اڄڪلهه گوگل زندهه آباد آهي. گهڻو لکڻ، ڊگهو لکڻ ۽ دنيا جا وڏا حوالا ڏيڻ ته کاٻي هٿ جو کيل ٿي پيو آهي پر مان اهي اٽڪلون ڪونه آزمائيندس. جيڪو ٿورو گهڻو لکي سگهيس اهو لکندس سنڌي سليمي جيڪو ڪڍڻ، هٽڙي ۽ هوسڙي ۾ رهندڙ عام ماڻهو به سمجهي سگهي.
شمشير جا انگريزي، سنڌي توڙي اردو اکر پڪا ۽ ڏاڍا خوبصورت هوندا هئا. اڪثر ماڻهو متان اهو سمجهندا هجن ته شمشير رڳو سنڌي زبان جو وڏو اديب ۽ شاعر هو. شمشير کي انگريزي زبان جي ڊرافٽنگ به بهترين ايندي هئي. هو تمام سٺي ۽ رواني سان انگريزي به ڳالهائي سگهندو هو.
انور پيرزادو پنهنجي ڪتاب جديد سنڌي ادب جي صفحي 181 تي مولا تي آننگ آ، جي عنوان سان لکي ٿو: “جيئن سڄي سنڌ هن کي سڃاڻي، تيئن مان به هن کي سڃاڻندو هوس ته ون يونٽ واري خوفناڪ دور ۾ هو سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف مهم هلائيندو هو. ته شمشير واري سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي هئي. جيڪا جڏهن ڪال (سڏ) ڏيندي هئي ته سڄي سنڌ اٿلي پوندي هئي ته شمشير سنڌ جي جديد ادبي تاريخ جي چئن وڏن ٿنڀن مان هڪ هو اياز، شمشير، تنوير ۽ امداد. هو آزاد نظم جو جادوگر شاعر هو.
پر 2004ع ۾ هن سان گڏ سنڌ گزيٽير لکڻ دوران مون کي ساڻس گڏ رهڻ جو پهريون موقعو مليو ته مون کي حيرت لڳي ته هن ماڻهوءَ ۾ ڪيتريون ته لڪل خوبيون آهن جن جي اڳ اسان کي خبر ڪانه هئي ۽ مون کي محسوس ٿيو ته هو سنڌ جو وڏو اثاثو آهي جنهنجو قدر گهٽ ۾ گهٽ اسان هن جي حياتيءَ ۾ ڪري نه سگهيا آهيون.
شمشير کي انگريزي ٻوليءَ تي جيڪا دسترس آهي ان جو مون کي اڳي اندازو نه هو. هن جي ڪنگس انگلش ڏسي مون واقعي انجئاءِ ڪيو ۽ انگريزي ۾ ايڊيٽنگ ڪندي مون ڏٺو ته هن جا فل اسٽاپ ۽ ڪامائون ڳالهائي رهيا هئا.” حوالو ختم.
شمشير جي زندگي ۾ 11 جي انگ جي اهميت:
11 سال شمشير مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر رهيو.
11 سال ماهوار نئين زندگي جو ايڊيٽر رهيو.
11 سال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو،
ترقي پسنديءَ جو سفر
شمشير تي ترقي پسندي جو اثر گهڻو تڻو سندس زندگي ۾ آيل ٻن شخصيتن باعث ٿيو.
1. سندس مامون، نذير حسين حيدري، جنهن وٽ هو پليو ۽ تربيت حاصل ڪئي. ننڍي هوندي ئي شمشير جي والده گذاري وئي ته سندس والد ٻي شادي ڪئي. والد جي عدم توجهي سبب هو پنهنجي مامي نذير حسين حيدري وٽ پليو. جيڪو بهترين مقرر، صحافي، حڪيم، سماج سڌارڪ ۽ اديب هو. وٽس وڏي لئبرري هئي جتي مذهب، فقهه، ترقي پسند ادب ۽ ٻيا ڪيئي ڪتاب موجود هئا جيڪي شمشير پڙهيا ۽ پرجهيا.
حيدري تخلص به هن پنهنجي مامي نذير حسين حيدري کان متاثر ٿي رکيو ورنه سندس والد جعفري سڏائيندو هو. شمشير جا ٻيا ڇهه ڀائر حيدري نه سڏائيندا آهن.
2. سندس زندگي ۾ سوشلسٽ ۽ مارڪسوادي لاڙا اختر رضوي سان دوستي سبب آيا جيڪو پڻ اردو زبان جو وڏو ڪامريڊ ليکيو ويندو هو. هي ڪجهه اهڙيون ڳالهيون هيون جن لاءِ مون ضروري سمجهيو ته انهن جو تت ٿورن لفظن ۾ اوهان جي آڏو پيش ڪريان، باقي ته سندس سموري زندگي جو احوال ڪتاب ۾ هتي هتي پکڙيل آهي.
تعليم، ملازمتن ۽ صحافتي زندگي جا تفصيلي احوال لکيا پيا آهن.
“مولا تي ننگ آ “ شمشير جو تڪيو ڪلام هوندو هو جنهن کي اسان سڀ انجئاءِ ڪندا هئاسون ۽ کلندا هئاسون، ڪڏهن سنجيدگي سان سوچيون ته هن مولائي، مفلس، نادار ۽ ڪمزور جي زبان تي هر وقت اهو جملو ڇو هوندو هو؟ سچل سرمست جو ڪلام آهي: “ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا”. شايد شمشير سچل جي ان ڪلام کان متاثر ٿي ان تڪيي ڪلام جو انتخاب ڪيو هوندو. مطلب ٿيو ته ڪنهن به دنيادار، طاقتور شخص آڏو جهڪڻو ناهي. ائين ڄڻ قرآن پاڪ جي صورت الفاتحه ۾ هنن لفظن جو عملي جامو هجي. “اياک نعبد واياک نستعين” . “اسان فقط تنهنجي ئي ٻانهپ ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا”. اچو ته ڀيٽ ڪريون ته مسجد جي ملان ۽ مڌ پيئڻ واري ملنگ شمشير ٻنهي منجهان خدا تي ڪنهن کي وڌيڪ اعتقاد ۽ اعتماد آهي ۽ ٻنهيءَ مان وڌيڪ خوددار ڪير آهي. مسجد جو ملان گهڻو ڪري مسجد سان گڏ ٺهيل مفت واري گهر ۾ رهندو آهي ۽ پاڙي مان مليل مانيون کائيندو آهي. سندس گذر سفر به اڪثر مسجد لاءِ حاصل ٿيل چندي تي هوندو آهي. مسجد جي ملان جي چلهه شايد ئي ٻرندي هجي ۽ شمشير جو مولا تي ننگ هوندو هو. هو پنهنجي دال ماني يا سڪل ڍوڍو به پنهنجي گهران کائيندو هو.
ڀٽائيءَ چيو:
منڱ تنهين کان منڱڻان جو ڏهاڙي ڏئي.
پر هي ته گهري به نه ٿو. هي ته ائين به نه ٿو چوي:
يا الاهي عاجزم، اميدوارم لطف تو
حال مارا خود بداني من چه گريم پيش تو.
هي ته ائين به ڪونه ٿو چوي:
ڪڄاڙو ڪهانءِ تو کي معلوم سڀ ڪا.
سندس نعرو مولا تي ننگ آهي صدا به آهي ته ادا به آهي. ٻانهپ به آهي ته خودداري به آهي. ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آئون جو ئي آهيان سو ئي آهيان. شايد سچل جي ان پرولي، ان صوفياڻي صدا جي تعبير شمشير هجي. سڀني لکيو آهي ته شمشير غريباڻي حال ۾ به وڏو خوددار هو. مسڪيني حالن ۾ به هن ڪڏهن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو نه فقط وڏو خوددار هو پر وڏو سنڌي قوم پرست به هو. هن ۾ تنگ دلي ۽ ڏيکاءُ واري قوم پرستي ڪانه هئي. هو جيئي سنڌ جا نعرا ڪونه هڻندو هو. هو پاڻ سراپا جيئي سنڌ هو، سياسي ماڻهن کي اصولن تي سمجهوتا ڪرڻا پئجي ويندا آهن. پر شمشير جا قول ۽ فعل انهن نعرن کان مٿاهان هوندا هئا.
قاضي خادم، پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي: ته شمشير جنهن جي حيدرآباد ۾ خاص اوطاق ڪراچي هوٽل هوندي هئي. اتي ئي ون يونٽ خلاف ڪم هلندو هو ته سنڌي ٻولي کي پنهنجي جائز حيثيت ڏيارڻ لاءِ لکپڙهه به اتان ئي ٿيندي هئي. هن جدوجهد جا، شروعات ۾ احتجاج جا مختلف طريقا به هتي ئي طئي ٿيندا هئا. جن مان هڪ دلچسپ طريقو اهو به اختيار ڪيوسين جو شمشير، ناصر مورائي، ڄام ساقي، نذير چنا ۽ مون سميت ڪيترائي اديب حيدرآباد شهر ۾ بوٽ پالش ڪرڻ لڳاسين ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيوسين، اندازو لڳايو. اڄوڪا قوم پرست عام ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرائڻ لاءِ بوٽ پالش ڪندا؟!
ياد رهي ته اڄوڪي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي قيام ۾ به شمشيرالحيدري جو به ڪجهه هٿ ۽ حصو آهي. هن ماهوار پارس جي جون 1983ع واري ايڊيٽوريل ۾ سنڌ سرڪار کان پرزور اپيل ڪئي هئي ته سنڌي لينگويج ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وڃي.
اڄوڪو سنڌي ادب، سنڌي شاعري ۽ سنڌي صحافت گهڻو تڻو ترقي پسند آهي ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته شمشير الحيدري، يارهن سال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو. انهن يارهن سالن ۾ رجعت پرست سنڌي ادب ۽ صحافت اسري ۽ اڀري نه سگهيا. هو سنڌي ادب ۽ صحافت کي اهڙو موڙ ڏئي ويو جو ترقي پسند تحريڪ زور وٺي وئي ۽ رجعت پرستي سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ ڪمزور ٿيندي نڪري وئي. پنهنجي ملازمت دوران سرڪاري خرچ تي شايع ٿيندڙ رسالن کي به هن ترقي پسند تحريرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جيڪو ڏکيو ڪم هو. دوست اڄ به نئين زندگيءَ کي ياد ڪندا آهن. جيڪو هڪ سرڪاري رسالو هو، جنهن ۾ به هن ترقي پسند شاعري ۽ ادب کي اُساريو اڀاريو، نه ته سرڪاري رسالا فقط حڪومتي پاليسين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نڪرندا آهن. نئين زندگي ته شايد هاڻي به ڇپجي ٿي پر ڪير ٿو پڙهي؟
هلال پاڪستان کان مهراڻ اخبار تائين، سندس لکڻيون ۽ اداريا بي ڊپا رهيا. ڪامريڊ هو پر ڪامريڊ هئڻ جي لاڦ نه هڻندو هو خاموشيءَ سان ڪم ڪندو هو. ويچاري غير معياري اخبار مهراڻ جو ايڊيٽر ٿيڻ کان اڳ ان اخبار جي ان وقت جي مالڪ حضرت پير سائين پاڳاري سان سندس تفصيلي ملاقات ٿي هئي. پير سائين سگار پي رهيو هو. شمشير کي به سگار آفر ڪيائون، پر شمشير کين چيو، نه سائين منهنجو پنهنجو برانڊ آهي. پوءِ شمشير کيسي مان ولس جو پاڪيٽ ڪڍيو ۽ پنهنجا سگريٽ پيئندو رهيو. پير سائين پاران آڇيل سگار کان انڪار ڪرڻ به ته مزاحمت جو هڪ مثال ئي آهي. ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. شمشير پير سائينءَ کي چيو سائين توهان جي اخبار ۾ مان توهان جي ذات ۽ حرن جون خبرون نه هلائي سگهندس. اهو ڪونه لکندس ته حضرت پير سائين هيڏي آيا هوڏي ويا. يا حرن ڪهڙا ڪمال ڪيا. پنهنجي منطق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هن پير سائين کي چيو، سائين انگريزي جي سڀ کان وڏي اخبار ڊان هارون فيملي جي اخبار آهي، ان ۾ توهان ڪڏهن هارون فيملي جي اُٿ ويهه، رهڻي ڪهڻي يا سندن سرگرمين جي ڪا به خبر نه پڙهي هوندي.
جنگ اخبار مير خليل الرحمان جي اخبار آهي. اردو زبان جي سڀ کان وڏي اخبار آهي. پر ان ۾ به ڪڏهن مير خليل الرحمان يا سندن ڪٽنب جون خبرون توهان کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ نه ملنديون. اهڙيءَ طرح مان توهان جي اخبار کي به هڪ معياري اخبار بنائڻ چاهيان ٿو. جيڪا توهان جي مريدن کان سواءِ عام ماڻهو، دانشور ۽ ٻيا ماڻهو به پڙهي سگهن. سندس منطقي ڳالهيون پير سائين کي پسند آيون ۽ کيس اخبار هلائڻ جا ڪل اختيار ملي ويا. پوءِ توهان ڏٺو ته جيڪا اخبار مريدن ۽ چند مخصوص ماڻهن لاءِ ڇپبي هئي ان کي شمشير جي قلم ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. اتفاق سان اهو ايم. آر. ڊي جو دؤر هو. شمشير جا موقعي مناسبت سان اهڙا ڀرپور اداريا ايندا رهيا جو ڄڻ انهن ۾ بجلي وارو ڪرنٽ هجي. اخبار، جيڪا سون ۾ ڇپبي هئي، سا هزارن تي وڃي پهتي. اخبار کپي ويندي هئي ته ڏهوڻي قيمت تي وري پئي وڪرو ٿيندي هئي. پير سائين جي مريدن کي اخبار جو نئون انقلابي انداز سمجهه ۾ ڪو نه آيو سو هنن پير سائين کي منٿون ڪري شمشير کي اخبار مان فارغ ڪرائي ڇڏيو.
آچر 27 جنوري 2013 جي ڪاوش ميگ ۾ فيض کوسو جي قسطوار تحرير ڇپي آهي.
سنڌ جي اهم مزاحمتي هلچل- ايم- آر- ڊي – 25 !
آيم. آر. ڊي تحريڪ جا چار ڏينهن ۽ شمشير الحيدريءَ جو لکيل ايڊيٽوريل هن تحرير ۾ مهراڻ اخبار جي جمعي 19 آگسٽ 1983ع ۾ شمشير جي لکيل ايڊيٽوريل جو حوالو ڏنو ويو آهي جيڪو پڙهڻ وٽان آهي. چيو وڃي ٿو ته مقداري لحاظ سان شمشير گهٽ لکيو آهي ٿورو لکيو آهي ائين برابر آهي ته پوءِ ائين ڇو آهي ته جن شاعرن، اديبن جا ڏهه ڏهه ويهه ويهه ڪتاب ڇپيل آهن ان هوندي به اهي ايڏا سڃاتا نه ٿا وڃن جيترو ٿورو لکندڙ شمشير ڄاتو، سڃاتو وڃي ٿو، نه فقط ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو پر دلي عزت، وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ڪي ڪم پيش منظر ۾ ٿيندا آهن. ڪي پس منظر ۾ ٿيندا آهن. هو يارهن سال مهراڻ رسالي جو سب ايڊيٽر رهيو. يارهن سال نئين زندگي جو ايڊيٽر رهيو. انهن ٻاويهن سالن جي ايڊيٽري ۾ هن ڪيترن ننڍن وڏن اديبن جي شاعري توڙي مضمونن جي ايڊيٽنگ ڪري، صاف سٿرو ڪري، سهڻو ڪري پڙهڻ لاءِ پيش ڪيو هوندو، ڇاپيو هوندو.
لاتعداد ۽ بي شمار تحريرون سندس قلم جي نوڪ جي بيوٽي پارلر مان سهڻيون ٿي نڪتيون هونديون. ماڻهن کي وڻيون هونديون. ته ان پس منظر واري ماڻهو جي خدمتن کي ته ڪو به ليکي ۾ نه ٿو آڻي.
مون تفصيل سان شمشير جي شاعري تي نه لکيو آهي ۽ اهو به نه لکيو اٿم ته هو آزاد نظم جو باني هو يا بانيڪارن مان هو. شمشير پاڻ ان ڳالهه تي چڙ کائيندو هو جڏهن ڪنهن شاعر جو مهاڳ لکندي، شاعر جي شاعري جا ڪيئي ڪيئي صفحا حوالي طور ڇاپيا ويندا هئا. جنهن ۾ اصل مهاڳ کان وڌيڪ شاعر جي شاعري اهي صفحا والاري ويندي هئي. شمشير چوندو هو اهو طريقو غلط ۽ جان ڇڏائڻ وارو آهي، پڙهندڙ پاڻ ڪتاب پڙهندا ته مٿن سڀ ڪجهه عيان ٿي ويندو. ان سبب مون شمشير جي شاعري جا ڪي به حوالا نه ڏنا آهن پر هڪڙي حجت ضرور ڪندس. سا اِها ته لکندڙن شمشير جي شاعري جا ڪجهه ٽڪرا حوالي طور ڏنا آهن. مان چاهيندس ته هڪ ئي سهي پر سندس پورو نظم هتي پش ڪريان، جيڪو مون کي گهڻو وڻندو آهي ۽ جنهن لاءِ هن دور جي سڀ کان وڏي شاعر امداد حسينيءَ مون کي ٻڌايو هو ته شمشير جو اهو نظم پڙهي اسان به ان وانگر يا ان جي روشنيءَ ۾ نظم لکڻ شروع ڪيا اهو آهي:
مشورا:
چوي ڪير ٿو،
ته تون ڪجهه نه ڪر؟
ڀلا ڪير ٿو تو کي روڪي،
ته تون پنهنجي حسن- دو روزه تي نازان نه ٿي؟
جوانيءَ جي دولت تي شادان نه ٿي؟
چوي ڪير ٿو،
ته تون پنهنجي جوڀن جياريل، بهارن جي بخشيل، سريلي ۽
شفاف، نرمل ۽ نازڪ بدن تي،
سدا صاف، ريشم ۽ ڪمخواب و مخمل جي زرتار
پوشاڪ پهرڻ ڇڏي ڏي،
نه ڪر سينڌ سرمو،
۽ پنهنجي خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي،
تبسم جي چپڙن تي شوخيءَ جي سُرخي لڳائڻ ڇڏي ڏي؟
مگر ياد رک،
ته جوڀن جياريل، بهارن جو بخشيل، تنهنجو سريلو ۽ شفاف
نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن ۽ زرتار پوشاڪ جو روپ رنگ
فقط آب و رنگ
اهو منهنجو حسن- نظر ئي ته آهي!
۽ تنهنجو تبسم؟
خيالن جي تاريڪ ويرانين ۾ تمنا جي گمنامين جو پڙاڏو،
فقط شور و شر
مقدر جي کهري ۽ ڪاري نرڙ تي،
نهايت ئي مبهم،
فقط چند ليڪا،
۽ صدين کان مان پنهنجي فڪر و عمل سان،
حياتي جي هڏ کي،
تحرڪ جو رت روح ڏيندو رهان ٿو
مصور جي دست- هنر ڪرشمو؟
اهو منهنجو خون، جگر ئي ته آهي!
مگر بنده پرور،
هي تنهنجو ۽ منهنجو فسانو ته ناهي،
ائين ئي،
خيالن جي لهرن تي لڏندي،
ستارن تي شايد نظر پئجي ويئي
ائين ئي سهي،
ڪڏهن تو به آهي ستارن تي سوچيو؟
محبت جي جذب و ڪشش جو عمل!
محبت جواني، محبت مقدر، محبت ئي تخليق جو روپ رنگ
محبت خدا !
ته اي مهربان، ڪڏهن منهنجي ميرن ۽ ڦاٽل ۽ بوسيده ڪپڙن،
۽ دامن جي چتين تي نفرت جون نظرون سَبجَيندو نه ڪر
غريبن جي صورت ۽ حالت تي پنهنجي تبسم جا طعنا تڇيندو نه ڪر،
محبت جو منهنڙو مٽيندو نه ڪر،
چوي ڪير ٿو
ته تون ڪجهه نه ڪر!
ورجاءُ ٿيندو جيڪو مان ڪرڻ نه ٿو چاهيان.
سنڌ گريجوئيٽس ائيسوسيئيشن هجي، سنڌي ادبي سنگت هجي، پاڪستان ٽيليويزن هجي، يا ريڊيو پاڪستان هجي هر هنڌ، پروگرم شروع ڪندڙ، ڪمپيئر، آرگنائيزر شمشير حيدري هوندو هو. نوجوانن کي همٿائيندو هو. انهن جا اسڪرپٽ ٺيڪ ڪندو هو. منجهس “مان” نه هوندي هئي. هو “اسان” جو عادي هو. ڪڏهن ڪنهنجي نه گلا ڪندو هو نه ٻڌندو هو.
هو ٽيڪُن جو عادي ڪو نه هو، ڊاڪٽر ايوب شيخ پنهنجي مضمون ۾ اها ڳالهه لکي آهي. هو ڪرسي يا صوفا تي ويهندو هو ته اڀو ويٺو هوندو هو ڪرسي يا صوفا کي ٽيڪ ڏئي نه ويهندو هو. اسان شمشير کان گهڻيون ئي ڳالهيون سکيون ۽ پرايون، پر ڪرسي يا صوفا کي ٽيڪ نه ڏئي ويهڻ ڪوشش جي باوجود به سکي نه سگهياسين. ڪجهه ماڻهن جي عادت ٿيندي آهي ته ڄنگهه ڄنگهه تي اهڙي طرح چاڙهي ويهندا آهن جو بوٽ جو ترو سامهون ويٺل دوست جي منهن طرف هوندو آهي. مون کي ياد ناهي ته ڪڏهن شمشير اهڙيءَ طرح ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي ويٺو هجي جو سندس بوٽ جو ترو سامهون ويٺل دوست جي منهن طرف ٿيو هجي.
منهنجو جگري جاني دوست هو. مون کي پنهنجا ڇپيل ڪتاب تحفي ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکي ڏيندو هو. مان فقط مثال طور سندس هڪ ڪتاب جو حوالو ڏيندس جنهن تي جيڪو هن لکي ڏنو هو.
پنهنجي مٺڙي پياري لعل،
هدايت بلوچ لاءِ
(سندس صحيح)
25. 4. 1996
ڪراچي سنڌ
چاليهن سالن جي دوستي ۽ قربت باوجود هن ڪڏهن به، هڪ دفعو به مون کان اوڌر نه ورتي، ڪڏهن نه چيائين ته ير هدايت پئسن جي ضرورت آهي. نه بلڪل نه، ڪڏهن به نه، دوستن شمشير جي خودداري جا گهڻا ئي مثال ڏنا آهن. گهڻيون ئي ڳالهيون ڪيون آهن پر هڪ ڳالهه جيڪا منهنجي پيٽ ورن ۾ آهي سا جيڪڏهن اڄ نه ٻڌايم ته ڪڏهن ٻڌائيندس؟!
اڃا ڄام صادق علي چيف منسٽر يا سنڌ جو وڏو وزير نه ٿيو هو. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن هندستان جي سنڌي اديبن جو هڪ وفد سنڌ گهمڻ آيو هو. هتان جي سنڌي اديبن جي دعوت تي. هندستان جي سنڌي اديبن ۽ سنڌ جي اديبن جي دورن جي ان مٽاسٽا ۽ تنهن وقت قمر شهباز، شمشير الحيدري، تاج بلوچ ۽ مان گهڻو تڻو ان ڪم سان لڳل هوندا هئاسين. سرگرم هئاسين. هندستان جي سنڌي اديبن جي مان ۾ هڪ آجياڻو سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڊاڪٽر سليمان شيخ ڏنو هو رمپا پلازا ۾، جنهن ۾ تقريرون ٿي رهيون هيون. مان اسٽيج سيڪريٽري هوس. سامهون ويٺل ماڻهن ۾ ڄام صادق علي پڻ ويٺو هو. ڄام صادق علي، ڊاڪٽر سليمان شيخ کي چيو ته هندستان کان آيل سنڌي اديبن جي هو دعوت ڪرڻ گهري ٿو. جڏهن چانهه جو وقفو ٿيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڄام صادق کي وٺي مون وٽ آيو. ڊاڪٽر سليمان شيخ منهنجي ٻانهن جهلي ڄام صادق کي چيو، هدايت بلوچ انچارج آهي پرڏيهه مان آيل سنڌي اديبن جي وفد جو. سندن سمورو پروگرام هي رٿيندو آهي. هي توهان کي اهو پروگرام ڪري ڏيندو. تنهن کان پوءِ ڄام صادق جا لڳاتار مون کي فون ايندا رهيا. ڄام صادق چيو نه فقط رات جي ماني پر ميوزڪ پروگرام به ٿيندو، اهو به تون ڪري ڏي. بهرحال، ڄام صادق علي جي اها دعوت ۽ ميوزڪ پروگرام به ڪاميابي سان گذري ويو. اهو ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ته اها دعوت ڪيڏي پيماني تي ٿي هوندي. اتي به اسٽيج تي هڪ پروگرام ٿيو هو جنهن جي مون ڪمپيئرنگ ڪئي. ڪو جج هو جيڪو ڄام صادق پاران هندستان جي اديبن کي کيسَ جا تحفا ڏئي رهيو هو. ڄام صادق علي اسٽيج هيٺان سامهون واري قطار ۾ وچ ۾ ويٺو هو. مون کي چورائي موڪليائين ته مون کي اسٽيج تي سڏ نه ڪجانءِ ڇو ته پاڻ اسٽيج تي چڙهڻ جي حالت ۾ نه هو. خير مون کي به شرارت سمجهي آئي ۽ مون اعلان ڪيو ته پبلڪ جو بيحد اسرار آهي ته ڄام صاحب اسٽيج تي اچن ۽ مهمانن کي پنهنجي هٿن سان تحفا ڏين. ڄام کي اها ڳالهه نه وڻي پر ٽيڪن سان اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ مهمانن کي تحفا ڏنا. ڇو ته انائونسمينٽ مان ڪري رهيو هوس. ڄام مون کي چيو مائيڪ مون کي ڏي. مون کيس مائيڪ ڏنو. هن پاڻ ڳالهايو، هاڻي پنهنجي دوست هدايت بلوچ کي تحفو پيش ڪندس. پوءِ هن مون کي به کيسُ تحفي ۾ ڏنو.
مون کي احساس آهي ته شايد ڄام صادق واري ڪهاڻي ڊگهي ٿي وئي آهي. دراصل جيڪا ڳالهه مون کي ڪرڻي هئي هاڻي ان طرف ٿو اچان. ان واقعي کان پوءِ جلد ڄام صادق سنڌ جو وڏو وزير ٿي ويو. وڏي وزير ٿيڻ کان پوءِ ڄام صاحب جو مون کي فون آيو. پاڻ ڳالهايائين. مون کي وڏي حجت مان چيائين اڙي هدايت، پاڪستان ڪوارٽرن ۾ پيا آهيو. مون وٽ اچ، شمشيرالحيدري کي به وٺي اچ ته توهان ٻنهي کي پلاٽ ڏيان، پئسا به ڏيان ته وڃي ڪو بنگلو ٺهرايو.. مون کيس چيو ته حاضر سائين شمشير کي ٻڌايان ٿو. حسب معمول شام جو جڏهن شمشير منهنجي گهر آيو ته اهو قصو کيس ٻڌايم. شمشير ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. وري ڳالهه ورجايم ته هن چيو ڇڏينس، ٻيون ڳالهيون ٿا ڪريون. تنهن کانپوءِ چيف منسٽر هائوس مان مون کي لڳاتار فون ايندا رهيا ته وڏو وزير صاحب پڇن ٿا ته هدايت بلوچ ۽ شمشير ڪڏهن ساڻس ملندا. مان اهي نياپا شمشير کي ڏيندو رهيس پر هن هر ڀيري نٽائي پئي ڇڏيو. پوءِ فون اچڻ بند ٿي ويا شمشير ڪونه هليو، مان به ڪونه ويس. اهڙي طرح بنگلن جي بجاءِ اڃان ڪواٽرن ۾ ويٺا آهيون.
مولا تي ننگ آ، کان سواءِ شمشير جا ٻيا به ڪجهه تڪيي ڪلام هوندا هئا. چوندو هو. “جو ئي ڪام ڪرو جو ئي جڏا” يا چوندو هو. “ايتري قدر”. سندس آخري ڏينهن ۾ مان بدنصيب ملڪ ۾ ڪونه هوس. آمريڪا ۾ هوس. سندس پٽ سليم حيدري مون کي ٻڌايو ته توهان جو پڇندو هو هدايت ڪڏهن ايندو. مان کيس ٻڌائيندو هوس بابا، چاچا هدايت ٻي هفتي اچي ويندو. تڏهن چوندو هو دير ٿي ويندي. ڊاڪٽر ايوب شيخ، شمشير جي آخري ڏينهن ۾ سندس گهڻي پرگهور لهندو هو. هن مون کي ٻڌايو ته شمشير مون کان به پڇيو هو هدايت ڪڏهن ايندو. مون به کيس چيو هدايت ٻي هفتي اچي ويندو تڏهن چيائين ايتري قدر.
مان ميڊم مهرالنساءِ لاڙڪ ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي جَس ٿو ڏيان جيڪي شمشير الحيدري فن ۽ شخصيت جي نالي سان هي ڪتاب ڇپرائي رهيا آهن جنهن ذريعي شمشير الحيدري کي علمي ادبي ماڻهن پاران کيس پيار ڀريو نذرانو پيش ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ مان به آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ شامل ٿيس. سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ گهڻائي عالم، اديب ۽ اڪابر موجود آهن، پيدا ٿيندا رهندا پر وري ڪو ٻيو شمشير پيدا ٿيندو؟!
بقول ڪنهن اردو شاعر جي:
ہم جس په مر رہے ہیں، وہ یہ بات ہی کچھ اور
عالم میں تجھ جیسے لاکھوں سھی، تو مگر کھاں
يا بقول ڀٽائي جي:
سوڍا مڙن سؤ ته به مٽ نه ڀانيان مينڌري
هدايت بلوچ، ڪراچي
29 جنوري 2013