• تسمان اسپرٽ – اڇو پاڻي لڙ ٿيو
تنهنڪري پريمين هاڻي ملڻ جا هنڌ مٽايا هوندا. مان کين صلاح ڏيندس ته گٽر باغيچن ۾ ملن. اهو ساحل کان پري به آهي تنهنڪري اتي ڪروڊ آئل جي اثرن کان آجا هوندا. اهو ڇو ته بلوچن ۽ مڪرانين جو علائقو آهي ان ڪري اتي پريمي جوڙن کي پاڪستاني ثقافت جي مختلف خوشبوءِ به نظر ايندي.
ڇو ته پريمي جوڙا هاڻي ڪلفٽن جي ساحل تي نه ويندا تنهنڪري مون جهڙا رونشي ڪوڏيا به نه ويندا. انگن ۽ حسابن ۾ مان جڏو آهيان پر ٿلهي ليکي هڪ پريمي جوڙي لاءِ هڪ سؤ تماشبين ٻَڌي سگهو ٿا. جيڪي پراين ماين مان ٻئي اکيون ٻوڙي ڪڍندا آهن ۽ ڄڻ ته انهن جو ڪم به ٿي وڃي ٿو. سو جتي پريمي جوڙا نه ويندا اتي تماشبين به نه ويندا تنهنڪري تماشبينن کي به منهنجو مشورو آهي ته اهي گٽر باغيچي جو سروي ڪري اچن متان پريمي جوڙن اوڏانهن رخ ڪيو هجي. هاڻي جيڪڏهن پريمي جوڙا ۽ تماشبين ڪلفٽن تي نه ويندا ته ڀولڙي نچائڻ وارا ڇو ويندا. اٺن وارا ڇو ويندا. جيڪي اٺن کي موڏا ۽ ڪوڏ جهُليون ۽ جهانجهريون وجهي پيا گهمائيندا آهن. اٺن تي گهمڻ ته پريمي جوڙن جو معراج هوندو آهي. اٺ جي اٿڻ ۽ ان جي ويهڻ ۾ به واهه جو مزو آهي. ان کان سواءِ اٺ وارو پريمي جوڙي کي پري تائين ڪُنڊائتو وٺي ٿو وڃي جتي ڪجهه دل لڳي ڪرڻ جو موقعو به ملي ٿو خير سائين اهي ته مڙئي هيون ڳالهيون ٿوري دير هڪ تلخ حقيقت کان ٿورو پري رهڻ لاءِ پر ڇا ڪجي جو هينئر وري ان تلخ حقيقت ڏانهن موٽڻو ئي پوندو. ڪراچيءَ جي ساحل تي هڪ يوناني جهاز “تسمان اسپرٽ” ستاويهين جولاءِ تي گرائونڊ ٿي ويو. يعني واريءَ ۾ لهي ويو. ان جهاز ۾ پنجهٺ هزار ٽن ڪروڊ آئل ڀريل هو. اهو جهاز پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ لاءِ چارٽر ڪيو هو. ان جو 20 ٽن آئل هڪ ٻئي جهاز ۾ ڀريو ويو. جڏهن ته پنجويهه هزار ٽن تيل سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وهي ويو ۽ باقي تيل ڀڳل ٽٽل جهاز ۾ اڃا به موجود آهي جيڪو اڃا وڌيڪ ڪن ڪري سگهي ٿو.
اسان بدحواس انتظاميا ۽ وس وارن جي بي وسي، بدانتظامي ۽ بدحواسيءَ تي ته پوءِ اينداسين ان کان اڳ اچو ته جائزو وٺون ته ان حادثي جي نتيجي ۾ نقصان ڪهڙا ڪهڙا ٿيا آهن؟.
جهاز ۾ لائيٽ ڪروڊ آئل پيل هيو جنهن ۾ “بينزين” جي ملاوٽ آهي جيڪو آبي جيوت توڙي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي تيل ۾ هڪ ٻيو عنصر موجود آهي جيڪو هائڊرو ڪاربان آهي جيڪو پڻ مڇين ۽ ٻي آبي جيوت لاءِ تمام هاڃيڪار آهي.
مڇي، گانگٽ ۽ ٻي آبي جيوت جي ايڪسپورٽ مان تقريبن اٺ ارب روپيا سالياني ڪمائي ٿيندي آهي جنهن تي بري اثر پوڻ جو خطرو آهي. اٽڪل 6 لک مهاڻن جي روزي مڇي مارڻ تي ٻڌل آهي. اهڙيءَ طرح ڇهه لک مهاڻا بي روزگار ٿي ويندا.
ڪلفٽن جي ڀرپاسي رهندڙن کي اکين، کل، ساهه ۽ دل جون بيماريون ٿينديون. انهن جي لڏپلاڻ ۽ تڪليفن جو اندازو توهان ڪري سگهو ٿا.
هر شيءِ کي هروڀرو پئسي ۾ به ترجمو نه ڪجي. مڇين ۽ پکين جو مرڻ خود هڪ ڏکائيندڙ شيءِ آهي.
پکي پر پکيڙي اڏندا سهڻا لڳندا آهن ۽ مڇيون ور وڪڙ کائي سمنڊ ۾ گهتون هڻندي سهڻيون لڳنديون آهن. هينئر مڇيون ۽ پکي پکڻ مري ڳري ويندا ۽ ماحوليات گدلي ٿي ويندي.
تيل جي وهڻ ڪري هن مهل تائين ڪياماڙي، بابا ڀٽ شاهه، شمس پير، يونس آباد، ڪوڪا ڳوٺ، صالح آباد ... عبدالرحمان ڳوٺ، هاڪس بي، ابراهيم حيدري، ريڙهي ۽ چشما ڳوٺ متاثر ٿيا آهن پر هينئر اهو هاڃيڪار تيل جو وهڪرو ڪيٽي بندر کان انڊس ڊيلٽا ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
منهوڙي ۽ سينڊس پٽ (Sands Pit) ۾ سائي ڪڇونءَ جي افزائش ٿئي ٿي. چون ٿا ته اهو ڪڇون دنيا ۾ فقط يارهن هنڌن تي پيدا ٿئي ٿو. ممڪن آهي هاڃيڪار ۽ گندي تيل جو اثر سائي ڪڇونءَ جي افزائش تي ٿئي.
65 هزار ايڪڙن جي پکڙيل تمر جي وڻن کي ڏاڍو نقصان ٿيندو ۽ اهي سڙي ويندا. پر هتي تمر جي وڻن جي پرواهه ئي ڪنهن کي آهي. سنڌي ماڻهو جڏهن به ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي پاڻي ڇڏڻ جو اهو دليل ڏيندا آهن ته مٺي پاڻي نه ملڻ سبب مٺي زمين ۽ تمر جا وڻ تباهه ٿين ٿا. پنجاب وارا آبپاشيءَ جا ماهر ڏند ڪڍي کلندا آهن جيڪي هميشه اها ڳالهه وڏي نڪ جي پڪائي ۽ بي حيائيءَ سان ورجائيندا آهن ته اهو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿو ٿئي ته هتي اهو ٻڌائڻ ئي فضول آهي ته تمر جي وڻن جو هجڻ ماحوليات لاءِ ڪيڏو ضروري آهي پر اهي ڳالهيون جيڪي ڪامورا بدنيتيءَ سبب سمجهڻ ئي نه چاهيندا انهن کي ڪير سمجهائي؟.
مون کي اها ڳالهه به معلوم ٿي آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي انتظاميه جي نظر تمر جي وڻن تي آهي ته اهي وڍرائي اهو ساحل جو علائقو سوري وٺجي ۽ انهن تي رهائشي گهر ٺهرائجن.
تيل جي نقصانن کي روڪڻ لاءِ هڪ ڦوهارو ڪيو پيو وڃي جيڪو چون ٿا ته آبي جيوت لاءِ پڻ وڌيڪ نقصانڪار آهي.
اهي ۽ ٻيا ڪيترائي ماحولياتي نقصان ٿيا آهن. ڪراچيءَ جي سڀني اسپتالن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
هاڻي انتطاميا جي بيانن، روين ۽ عملن تي هڪ نظر وجهون ٿا.
تسمان اسپرٽ يونان جو 26 سال پراڻو جهاز آهي جيڪو پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن پاڪستان ريفائنريءَ لاءِ ڀاڙي تي حاصل ڪيو هو.
هاڻي قانوني طور تي مڙني بندرگاهن ۽ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن پاران پابند ڪيل آهي ته اهڙي ڪارگو لاءِ پندرهن سالن کان پراڻي جهاز چارٽر ڪرڻ تي بندش پيل آهي. اهڙي بندش جي باوجود، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڇو، ڪيئن ۽ ڪهڙن بنيادن تي 26 سالن جو “جهونو ٿيو جهاج، سٽ نه جهلي سڙهه جي.” ڀاڙي تي ڪيو جنهن هڻي مالڪ جو نالو بدنام ڪيو ۽ مڇين، پکين، مهاڻن ۽ تمر جي وڻن وغيره کي الڳ نقصان پهچايو.
تسمان اسپرٽ جي گرائونڊ ٿيڻ کان 15 ڏينهن بعد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي انتظاميا ميري ٽائيم فشريز کي اهڙو اطلاع ڏنو ته هاڻي جهاز ٻه ٽڪرا ٿيڻ وارو آهي ان ڪري ان کان پري رهو. اندازو ڪريو ايڏي حادثي ٿيڻ کان پندرهن ڏينهن تائين ميري ٽائيم فشريز کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پاران ڪو به اهڙو اطلاع نه ڏنو.
واسطيدار ڪامورن جن ۾ مواصلات جو وزير، مواصلات جو سيڪريٽري، تيل ۽ گيس وارو وزير ۽ سيڪريٽري ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو چيئرمين سڀ اهڙا منجهائيندڙ بيان ڏئي رهيا آهن جن مان قوم جي ڪائي رهنمائي نه پئي ٿئي. ڪي چون ٿا ته ڪجهه نه ٿيندو، ڪو نقصان نه ٿيندو، بس آفت ٽري وئي.
پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي چيئرمين رياض احمد ٽاٽا چيو آهي ته ان سموري انتظامي خرابيءَ ۽ نقصان جا ذميوار ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن آهن، جن خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ انهن کي سزائون ڏنيو وڃن.
انتظاميا جي بدحواسي ۽ سمجهه ۽ عقل جي کوٽ جو هڪ ٻيو ثبوت اهو آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ يونان جي جهاز جي ڪمپنيءَ تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ هنيو آهي؟!! فقط هڪ ڪروڙ پاڪستاني روپيا، ها ها ها ڏاڍي کل ٿي اچي، اڙي سائين هڪ ڪروڙ روپين ۾ ته اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي سٺن علائقن جو هڪ پلاٽ به نه ٿو ملي.
جڏهن 8 ارب روپين جو مڇي جو واپار داءِ تي لڳل آهي. انساني زندگيون آبي جيوت مري رهي آهي. سمنڊ ڪناري تان لڏپلاڻ جاري آهي 65 هزار ايڪڙن تان تمر جا وڻ فنا ٿيڻ وارا آهن. تمر جي وڻن جي تباهيءَ سان ماحوليات جون تمام گهڻيون ٻيون جاندار شيون جن ۾ مڇيون، گانگٽ، ڪڇون ۽ ٻيون کوڙ شيون تباهه ٿيڻ واريون آهن مهاڻن جا ڪاروبار تباهه ٿي ويا ۽ ڪي پي ٽي فقط هڪ ڪروڙ روپيا ڏنڊ هنيو آهي. ڪهڙي منجهه حساب!! هڪ انگريزي اخبار جي عيوضي هڪ مذيدار سوال ڪيو آهي جيڪو مان فقط ورجايان ٿو.
سوال: ڪنهن ٻئي ڪيو آهي
سوال آهي ته اهو ڇو ضروري آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سربراهه سدائين نيويءَ جو ائڊمرل ئي هجي؟ سندس ٻيو سوال آهي ته بندرگاهه جي انتظامن سان ڀلا ڪيئن آرميءَ جي برگيڊيئر يا ڪنهن ميجر جو ڪهڙو واسطو آهي؟! رب پاڪ ٿو ڄاڻي اسان گنهگارن کي ڪهڙي خبر!
عوامي آواز ڪراچي- 19 آگسٽ 2003 ع