ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5869
  • 745
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين

اخبارون، رسالا، ريڊيو ۽ ٽي وي جون خبرون ۽ تبصرا جنگ جي خبرن، تباهه ڪارين سان سٿيون پيون آهن. رت ۽ باهه ۽ دهشت گردي جون خبرون، ايڪهين صديءَ ۾ انساني تهذيب جي عروج واري دور ۾ غير سرڪاري دهشتگردي جي جواب ۾ سرڪاري دهشت گرديءَ جا لقاءَ ۽ ٺڪاءَ جنهن “ڪابل” ۽ قنڌار تي اڄڪلهه بمن جي بارش ٿي رهي آهي تنهن لاءِ اچو ته اڄ کان ٽي سؤ سال کن اڳ اسان جي دور انديش ۽ درويش، عالمگير شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي عالمي امن ۽ سک سڻائي لاءِ ڪهڙي دعا ڪري ويو آهي.
موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار
ڪي اٿي هليون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمر قندين سار
ڪي رمي ويون روم تي، ڪي “ڪابل” ڪي “قنڌار”
ڪي دلي، ڪي دکن ڪي گڙن مٿي گرنار
ڪهين جنبي جيسر مير تان، ڏنا بيڪانير بڪار
ڪهين ڀڄ ڀچائيو، ڪهين ڍٽ مٿاهين ڍار
ڪهين اچي عمر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سائين! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.

هيءَ دعا آهي آفاقي، عالمي انساني دعا آهي کنوڻين جي، وسڪاري جي، عالمي خوشحالي جي، سک جي، شانتي جي، ساوڪ جي سرهائي جي. سندس دعا ۾ مشرقي توڻي مغربي ملڪ شامل آهن. سندس دعا ۾ “روم” به شامل آهي جيڪو مغربي ملڪ آهي ته “دلي ۽ دکن” به شامل آهي جيڪي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ آهن. سندن دعا ۾ چين ملڪ به شامل آهي. جنهن ملڪ لاءِ حضور جن فرمايو هو ته، “علم حاصل ڪريو توڙي جو توهان کي چين وڃڻو پوي” ان دعا ۾ استنبول جو ذڪر به آهي جيڪو ترڪي ۾ آهي ۽ سندس سرحد اڌ ايشيا ۽ اڌ يورپ ۾ پکڙيل آهي. ڪٿي وري ملڪن سان گڏ “گلوب” “Globe” جو ذڪر ٿيل آهي جيئن “ڪي مڻيون مغرب پار”.
ملڪن ۽ علائقن کان پوءِ آخر ۾ پنهنجي ديس “سنڌ” لاءِ به سڪار جي دعا ڪيائين ۽ آخر ۾ “سائين” کي سوال ڪيائين ته
“دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين”
اي منهنجا پيارا رب ڪريم سڀ جهان آباد رک، سڄي عالم ۾ سک چين هجي. اسان جون امڙيون، نانيون، ڏاڏيون اسان کي اسڪول اسرڻ وقت يا پنهنجي شهر کان ڪنهن ٻي شهر ڏانهن ويندي وقت عرش ڏانهن هٿ کڻي اسان کي جڏهن دعائون ڪنديون هيون تڏهن چونديون هيون، “اي منهنجا الله، اي الله جا سچا نبي ڪريم، جڳ جهان جي ٻچن جو خير، تنهنجي محابي منهنجي ٻچن جو به خير”.
ڀٽائي گهوٽ به اهڙي ريت دعا ٿو ڪري ته، مانڊاڻ يا باران رحمت جو وسڪارو ۽ نوراني کنوڻين ۽ وڄن جا چمڪار هر هنڌ ٿين ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خوشحالي ۽ سونهن ساوڪ ۽ سرهاڻ جو واسو سڄو جڳ جهان سکيو رهي ته جيئن بک يا افلاس سبب ٻين ڏيهن جا ماڻهو “سنڌ” جو رخ نه ڪن ته جيئن سنڌ تي معاشي دٻاءُ نه پوي ۽ سنڌ به سکي رهي چوندا آهن East or West – Home is Best مطلب ته مشرق هجي يا مغرب پنهنجو گهر، پنهنجو آهي. حد ته اها آهي جو سر سارنگ ۾ ئي ٻي هنڌ ڀٽائي فرمايو آهي ته وسڪاري جي نتيجي ۾ ايتري ته خوشحالي آئي آهي ايترو سڪارو ٿيو آهي جو اهڙي ماحول ۾ “ٻانهپ” جو تصور به نه هئڻ گهرجي. “ٻانهپ” جو تصور بک، بدحالي ۽ افلاس جو تصور آهي. چڱو هاڻي ڀٽائي جو هي بيت ٻڌو ۽ ان کي پنهنجي سڀني حواسن ۾ تحليل ڪري ان جي “پاڙ” تائين پهچي ان جو “حظ” حاصل ڪريو.
بَر وُٺا، ٿَر وُٺا، وُٺيون تَرايون،
پِرهه جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون،
ساري ڏهن ساميون، ٻولايون، رايون،
ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سنهن پانهنجي.

تصور ڪريو، ٿر ۾ مينهن پون ٿا، جهجها مينهن پون ٿا، کڏون کوٻا هيٺاهيون مٿاهيون سڀ ڀرجي وڃن ٿيون
نتيجي ۾ زمين تي گاهن ۽ ساوڪ جي چادر وڇائجي وڃي ٿي. مال، رڍون، ٻڪريون، ڳئون، مينهون، ڏاچيون گاهه کائي ڍاپجن ٿيون، وري تلائن ۾ تڙ ڳن ٿيون، پوءِ جهجها کير ڏين ٿيون پوءِ:
پِرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا سنگهاريون سايون.
هاڻي جڏهن مينهن سبب ايڏيون رحمتون نازل ٿيون آهن جو پرهه جون “ولوڙن” جون وايون ٿيون اچن، تڏهن اهڙي خوشحالي جي دور ۾:
ٻانهيون ۽ ٻايون پکي سنهن پانهنجي
اهڙي خوشحالي جي ماحول ۾ آزادي به هئڻ گهرجي. آزادي معنيٰ ٻانهپ جو دور ختم.
توهان سوچيندا هوندا ته جنگي وحشتن جي ڏر ۽ ڏهڪاءُ واري دور ۽ موسم ۾ مون اڄ سارنگ جو سُر ڇو ڇيڙيو آهي. هي ڪو وسڪاري جو وقت نه آهي نه ڪي خوشحالي جو دور آهي. توهان سوچيو ته هي به “وسڪاري” جو وقت آهي جي “ڪابل” ۽ “قنڌار” تي “وڄن وسڻ” بجاءِ بارود ۽ بم گولن جو “وسڪارو” آهي ۽ اسان جي ملڪ تي به “ڊالرن” جو وسڪارو آهي ٻيو به ڪو “وسڪارو” آهي “خوشحالي” ته آئي آهي! رڳو “نڪ” مضبوط هئڻ گهرجي.
اڄ منهنجي سارنگ “جهونگارڻ” جو هڪ ته مقصد هي آهي ته اخبارن ۽ رسالن توڙي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي جنگ ۽ انساني جانين توڙي مال جي زيان بابت جيڪا خبرن جي ڀرمار آهي ۽ ان جي ڪري جيڪو “ڏر ۽ ڏهڪاءُ” وارو ماحول بڻجي ويو آهي تنهن ۾ ڪجهه “ڦر کرائي” آڻجي. Relax ٿيڻ جو ماحول بڻجي ۽ وڏي ڳالهه ته اهو شعور بيدار ٿئي ته امن امان، خوشحالي، وسڪاري، آزادي، خوشين ۽ مسرتن جو ماحول چڱو آهي يا جنگ جدل، بم بارودن، گولن ۽ ڀالن بڙڇين جو ماحول چڱو آهي.
افسوس! جو اهو سڄو ماحول “طالبان” جي “طلب” تي پيدا ٿيو آهي. خدا کين ساڃهه ڏئي ته ڏاڙهين جي ماپ وٺڻ ۽ ڇوڪرين کي تعليم کان محروم ڪرڻ ڪهڙي اسلام ۾ لکيل آهي.

عوامي آواز ڪراچي- 10 آڪٽوبر 2001 ع