• جوڳي جاڳايوم ستي هئيس ننڊ ۾
گفتگو ڪجهه هن انداز ۾ ٿي هوندي بش، گڊ مارننگ مسٽر مشرف، مان آمريڪا جو صدر جارج ڊبليو بش لائين تي آهيان. مشرف، ويري گڊ مارننگ سر، هن وقت اوهان ڪيئن تڪيلف ڪئي آهي. بش، مان هن وقت گهڻين ڳالهين ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي موڊ ۾ ناهيان. مون کي هڪ سوال پڇڻو آهي ۽ ان جي “ها” يا “نه” ۾ ورندي گهرجي بس.
مشرف سائين توهان حڪم ته ڪريو چئي ته ڏسو، “حڪم تمهارا”
بش، توهان اسان جا دوست آهيو يا دهشت گردن جا دوست آهيو. جواب تڪڙو کپي، مختصر کپي ۽ هاڻي کپي.
مشرف، سائين ٿوري مهلت ته ڏيو، مان پنهنجي ڪابينه، ڪور ڪمانڊرن سان ۽ رفقاءِ ڪار ۽ سنگت ساٿ سان صلاح ثواب ته ڪريان! بش، مون چيو ته مون وٽ وقت بلڪل ڪونهي. مون کي هينئر ۽ هاڻي جواب گهرجي توهان اسان سان گڏ آهيو يا دهشتگردن سان گڏ آهيو.
مشرف، سائين، دهشتگردن کي وجهو کڏ ۾ اسان اوهان جا جگري دوست آهيون. اسان جا وڏا ۽ توهان جا وڏا به پاڻ ۾ دوست هئا هاڻي ڇو ٿا اسان کي شرمندو ڪريو. بش، بس مون کي اهو ٻڌڻو هو. مون کي اوهان مان اها ئي اميد هئي. آخر وڏن جو ياريون ائين ئي اڪارتيون ته ڪو نه وينديون.
باقي پئسي پاءُ جي ڳڻتي نه ڪجو توهان ته اقتصادي پابندي جا جيڪي بند ٻڌا هئاسون سي هينئر کولبا، خاردار تارن جا ڄار هٽائبا ۽ واٽون گلن ڇانئيون ٿي وينديون.
مشرف توهان جا لک قرب، باقي ڪابينا، ڪور ڪمانڊرن کي مان پاڻهي مڃائي ويندس، ٻين جو به بلو ڪندس. توهان ته ڏٺو به هو ته آگري جي دوري کان اڳ مون پاڻ کي صدر چونڊيو هو. مون کي صدر ڪنهن چونڊيو هو.؟ مون پاڻ! بس ڇڙو چيف جسٽس کي قسم کڻائڻ جي دير هئي توهان کي ته خبر آهي ته اسان پڪا مسلمان آهيون. ملان جي نڪاح پڙهائڻ ۽ چيف جسٽس جي قسم کڻائڻ کان پوءِ باقي ڪم پنهنجو پاڻ چالو ٿي ويندا آهن. آخر نڪاح پڙهائڻ وقت به ته ڇوڪري جي رضامندي معلوم ڪئي ويندي آهي. پوءِ جيڪڏهن هوءَ رضامندي ڏيکارڻ ۾ ٿورو ڪيٻائيندي آهي ته سندس ماءُ سندس مٿو ڌوڻي ڇڏيندي آهي جنهن کي ڇوڪريءَ جي رضامندي وٺڻ ۽ مٿي ڌوڻائڻ جا گهڻا ئي طريقا آهن توهان فڪر ئي نه ڪريو.
بش، واهه جون ڳالهيون ٻڌايئي، اصل وڻ وڄائي ڇڏيئي، برابر توهان صدر ته منٽن ۾ بڻجي ويا هئا ۽ پاڪستان ۾ ڪو به احتجاج نه ٿيو. اسان جا ماڻهو ڏاڍا مٿي کائڻا آهن ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي وڏو لڙ ٿا ڪن.
گلوبلائيزيشن جي ئي مثال وٺو. ڪٿي به مزي سان ڪا ڪانفرنس ئي نه ٿا ڪرڻ ڏين هينئر ته اسان کي جڳهه ئي نه ٿي سجهي جتي G-7 جا شاهوڪار ۽ سڌريل ملڪ چار چونڪ ڳالهين جا ويهي ڪريون. مشرف، برابر توهان وڏي ويل ۾ آهيو ان ڪري اسان جمهوريت جي خلاف هوندا آهيون. جمهوريت هون! جيترا وات اوتريون ڳالهيون، توهان آهيو جيڪي جمهوريت تي زور ڏيندا آهيو پوءِ ماڻهن جون ڳالهيون ويهي ٻڌو. اسان ته گهڻي بڪ بڪ ٻڌڻ جا عادي ئي ناهيون.
ڏسو نه اسان جي ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون آهن. پيپلز پارٽي ۾ مسلم ليگ، ڏسو ته ٻنهي کي ڪيئن دربدر ڪري ڇڏيو اٿم. وتن ٿا ٻاهر ٿابا کائيندا بش، واهه جي ڳالهه ڪئي اٿو.
چڱو ڀلا وقت گهڻو ٿي ويو آهي. هاڻي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو سلسلو جاري رهندو توهان مهرباني ڪري ڏينهن جو ننڊ ڪندا ڪريو ۽ رات جو جاڳندا ڪريو جيئن توهان کي ننڊ مان نه اٿارڻو پوي. ڏسو ته جڏهن اسان وٽ ڏينهن هوندو آهي تڏهن توهان وٽ رات هوندي آهي ۽ جڏهن هت رات هوندي آهي تڏهن توهان وٽ ڏينهن هوندو آهي يعني توهان ۾ اسان ۾ “رات ڏينهن” جو فرق آهي.
مشرف، سائين توهان اسان جي سمهڻ ۽ جاڳڻ جو فڪر نه ڪريو، اسان جا ڏينهن به توهان لاءِ آهن ته اسان جون راتيون به توهان لاءِ آهن يعني اسان “ڪل وقتي” توهان جا آهيون پر سائين مان ته باقي هڪ سال جو مهمان آهيان.
بش: ڇا مطلب مون ڳالهه نه سمجهي.؟ مشرف، سائين مطلب صاف ظاهر آهي. توهان ئي اسان کي اُکين تي کڻي ڏنو آهي ته پاڪستان ۾ جلدي اليڪشن ڪرائي جمهوريت بحال ڪيو سو مون آڪٽوبر 2002ع ۾ اليڪشن جو اعلان ڪريو ڇڏيو آهي پوءِ نئين حڪومت ڄاڻي توهان ڄاڻو.
بش، مشرف صاحب، وقت وقت جي ڳالهه آهي اڳ برابر اسان توهان کي جمهوريت بحال ڪرڻ لاءِ اُکين ٿي کڻي ڏنو هو پر هينئر توهان کي اُکين تي نه اَکين تي کڻنداسين.
اسان جا ڪي به دائمي دوست ۽ دائمي دشمن نه هوندا آهن. اسان جا دائمي مفاد هوندا آهن ۽ جيڪا حڪومت اسان جي دائمي مفادن جو خيال ڪندي آهي اسان ان کي ئي پسند ڪندا آهيون. توهان کي ياد ڪونهي ته جنرل ضياءِ کي اسان ڏهن سالن کان مٿي ويهاري ڇڏيو هو. ساڳيو ئي افغانستان هو جيڪو روس خلاف جدوجهد ۾ اسان جو ساٿاري هو ۽ جنرل ضياءِ به اسان جي مدد پئي ڪئي. هاڻي به ساڳيو ئي افغانستان آهي پر هينئر اسان جي ويڙهه اسامه بن لادن ۽ طالبان خلاف آهي. توهان اسان سان ڀرپور سهڪار جو واعدو ڪيو آهي. هينئر جمهوريت جي چڪر ۾ نه اچو ۽ ويٺا هجو مزي سان مُڇ کي وڪڙ ڏيو. سوري! توهان کي مڇون ڪونهن اسان کي اڃا ضيا ياد ٿو اچي!
مشرف، صدقي، صدقي، توهان جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي هيانءَ تي ڇنڊو پيو آهي. باقي توهان طالبان کان نه ڊڄو. مشرف جي ان گفتي کان پوءِ فون جي لائين ڪٽجي وئي.
عوامي آواز26 سيپٽمبر 2001ع