ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5869
  • 745
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• آدم ۽ حوا کان شائستا عالماڻيءَ ۽ بلخ شير تائين

آدم ۽ حوا تي ايف آءِ آر اها ڪٽرائي وئي هئي ته انهن عدن جي باغ مان منع ٿيل ميوو (ڪڻڪ جو داڻو يا صوف)کاڌو. اهڙيءَ طرح الله جي حڪم جي سنئين سڌي نافرماني ڪئي. پوءِ هنن جنت جي باغ ۾ اهو ڪم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ انساني نسل جي تخليق ٿيندي آهي. سچ پچ اها ڳجھارت اڄ ڏينهن تائين مون کي سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي. توهان ئي فيصلو ڪريو ته توهان کي آدم ۽ حوا جي جنت جي باغ مان نيڪاليءَ واري فيصلي ۾ ڪجهه “ڌانڌلي” نظر ايندي .ٿيو هيئن جو الله سائينءَ کي به شايد اڪيلائيءَ مان مزو نه پئي آيو، سو سوچيائين ته زمين جي گولي تي انساني مخلوق پيدا ڪري ته مڙئي ڪجهه چهچٽو رهندو. پوءِ فرشتن سان مشورو ڪيائين ته مان زمين تي انسان موڪلڻ ٿو چاهيان. فرشتا جي انسان جا ازلي دشمن هيا تن ڏٺو ته انهن جي لئي خراب ٿيندي، تن هڪدم مخالفت ۾ ووٽ ڏنو ۽ الله سائينءَ کي صلاح ڏني ته نه سائين متان اهو ڪم ڪيو اٿوَ. اهو انسان زمين تي فساد پکڙيندو. تڏهن الله سائين فرشتن کي فرمايو ته مان توهان بهتر ڄاڻان ٿو. ڳالهه ڊگهي آهي ان ڪري جلد کٽائڻي آهي.
جڏهن آدم خلقيو ئي ان لاءِ پئي ويوته کيس زمين تي لاهڻو آهي. فرشتن جي منع ڪرڻ جي باوجود آدم کي خلقيو ويو ته هي زمين تي منهنجي خليفي طور ڪم ڪندو ته پوءِ کيس ڏاڏي حوا سان ڇيڙڇاڙ جو الزام هڻي يا منع ٿيل ميوي کائڻ جو الزام هڻي ۽ خوار ڪري ڇو زمين تي لاٿو ويو؟ جڏهن ته فرشتن کي الله سائين چئي چڪو هو ته آدم کي زمين تي منهنجي خليفي طور موڪليو پيو وڃي .
آهي نه ڳالهه سوچڻ جي ؟؟ اسان کي جڏهن ڪو منطق سمجهه ۾ نه ايندو آهي تڏهن چوندا آهيون ته ان ۾ به هوندو ڪو الله سائينءَ جو راز ! پر هاڻي ته آهستي آهستي گهڻن رازن تان به پردو کڄندو پيو وڃي. پاڻ جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ۽ ڪا عورت ڳورهاري ٿيندي هئي ته پوءِ پڇنداهئاسون ته پٽ ڄمندو يا ڌيءُ !! تڏهن اسان جون نانيون ۽ ڏاڏيون چونديون هيون ته ابا عقل ڪر اهو الله سائينءَ جو ڳجهه آهي، فقط الله سائينءَ کي ئي خبر آهي ته پٽ چمندو يا ڌيءُ. سو هاڻي اهو ڳجهه به گهڻو ڳجهه نه رهيو آهي . ڊاڪٽر الٽرا سائونڊ ڪري ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته پٽ آهي يا ڌيءُ !
اهي ٽوٽڪا الائي ڪيئن وچ ۾ اچي ويا. اڄ ڳالهه ڪرڻي هئي هڪ شرعي ۽ اخلاقي. چئون ٿا ته مسلمان آهيون. چئون ٿا ته اسلام عظيم مذهب آهي ۽ اسان ان جا پيروڪار آهيون. اسلام چوي ٿو ته شادي ڪرائڻ کان اڳ پنهنجي نياڻيءَ جي مرضي معلوم ڪريو. اسان جا گهڻا خاندان نياڻيءَ جي راءِ پاڻهرتو ته معلوم نٿا ڪن پر مجبور ٿي ڪڏهن نياڻيءَ پيءُ ماءُ کي پنهنجي پسند ٻڌائي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ماءُ پيءُ نياڻيءَ جي انهيءَ اظهار کي ٿڏي ڇڏين ٿا ۽ نياڻيءَ جي پسند خلاف ان جي شادي ڪرائين ٿا. ۽ طاهر آهي ته زور جي ميندي نه لڳندي آهي. اهڙيون شاديون ناڪام ٿين ٿيون پوءِ سموري زندگي روئڻ پٽڻ ۾ گذري وڃي ٿي . ڪڏهن ڪڏهن پيءُ ماءُ جي غلط فيصلن سبب نياڻي گهر ڇڏي هلي وڃي ٿي ۽ پنهنجي پسند جو پرڻو ڪري ٿي. اسان اهڙي پرڻي کي عيب ڪونه ٿا سمجهون، ڇو ته شريعت موجب نڪاح ٿئي ٿو. اهو اسلام ۽ اخلاق جي اصولن مطابق آهي. پر پوءِ نياڻيءَ جي ماءُ پيءُ جون غيرتون جاڳي پون ٿيون ۽ اسان اڪثر اخبارن ۾ پڙهندا رهندا رهون ٿا ته پيءُ ماءُ اهڙين نياڻين کي ماري يا مارائي ڇڏين ٿا ۽ ڪڏهن گهوٽ به رڳڙي ۾ اچي وڃي ٿو.
تازو اخبارن ۾ خبر آئي آهي ته پني عاقل جي رهواسي نوجوان قادر بخش عرف بلخ شير مهر هڪ اسڪول جي ماسترياڻي شائستا عالماڻيءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي. اول انهن شائستا جي پيءُ ماءُ کان اهڙي شاديءَ جي اجازت گهري، پر ڪنهن سبب ڪري اهڙي اجازت نه ملڻ تي هنن شادي ڪري ڇڏي ۽ پوءِ جيئن سنڌي سماج ۾ ٿيندو آهي ته هنن جان کي خطرو سمجهي ڪراچيءَ جو رخ ڪيو ۽ هتي ڪنهن گهر ۾ رهندا آيا پر هنن محسوس ڪيو ته سُڃاتل چهرا هنن جو پيڇو ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح هنن ڪورٽ ۾ پناهه جي درخواست ڏني . جنهن کي منظور ڪندي کين ايڌي هوم موڪليو ويو.
پوليس جو نالو ٻڌندي ئي اسان ۾ حقارت ۽ نفرت جو احساس اڀرندو آهي. ڇو ته گندن پوليس وارن، فرض شناس پوليس عملدارن جو نالو به خراب ڪري ڇڏيو آهي.
هونئن ته پوليس کاتي ۾ محمد بچل سانگريءَ جهڙا فرض شناس، الله لوڪ ۽ خدا ترس ڪيترائي آفيسر موجود آهن. پر مان پوليس عملدار ثناءُ الله عباسيءَ کي به اٿي بيهي سلوٽ ٿو ڪريان، سلام ٿو ڪريانس. جنهن ان جوڙي کي موت جي منهن کان بچايو ۽ انهن کي پني عاقل پوليس جي حوالي نه ڪيو، نه ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هي نوجوان ۽ خوبصورت پريمي جوڙو قتل ٿي وڃي ها.
ثناءَ الله عباسي هڪ انتهائي فرض شناس ۽ ايماندار پوليس آفيسر آهي ۽ هو پنهنجي فرض شناسيءَ جي جوش ۾ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي زندگي به خطري ۾ وجھي چڪو آهي.
اهڙو ئي هڪ ڪارنامو اسان جي شهر خيرپور جي ناظم نفيسا شاهه به ڪري چڪي آهي. جنهن ٺري ميرواهه جي هڪ ڪائونسلر نورخاتون شر جي زندگي بچائي. جنهن کي پيءَ ذري گهٽ ڪاري ڪري ماريو ٿي. خدا ڪري نفيسا شاهه ۽ ثناءُ الله عباسيءَ جهڙا فرض شناس ۽ انسان دوست ٻيا به پيدا ٿين ته انسانيت جو سر ڪجهه بلند ٿئي ته اڄڪلهه ته آويءَ جي آوي ئي بگڙيل ٿي نڪري. شايد ان ڪري ئي ڀٽائيءَ فرمايو هو ته :
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه ، اچي بوءِ بهار جي
پر سوال وري اهو آهي ته ايڌي هوم ۾ هني مون ته نه ٿيندا آهن. اسان جي خدا ترس ماڻهن ۽ اين جي اوز کي گذارش آهي ته هن جوڙي کي ڪنهن ملڪ جي ويزا ڏياري ٻاهر موڪلين جتي ڪونه ڪو روزگار کين ملي پوندو ۽ انهن جون قيمتي جانيون به ضايع ٿيڻ کان بچي وينديون . مرڻ برحق آهي پر بد اخلاق وڏيرن جي ڪهاڙين ۽ بندوقن سان ڇو مرجي. هي ڪهڙو معاشرو آهي، جتي نفرت ڪندڙ اوچا ڳاٽ ڪري هلندا آهن ۽ پيار ڪندڙ ڪهاڙين جو بک بڻبا آهن. هي ڪهڙا وڏيرا آهن جيڪي اڇين مڇن ۽ وارن کي رنگ هڻي ڪيئي عورتون رکندا آهن. ۽ انهن جا پٽ ڪنهن ٻئي جي نياڻيءَ سان عشق ڪندا آهن ته فخر سان گَد گَد پيا ٿيندا آهن ، پر پنهنجي نياڻي آئيني آڏو پنهنجي چپن کي سرخي به هڻي ته انهن جي دلين ۾ ڪيئي گمان ڊوڙي ويندا آهن. هي منافق معاشرو ڪيستائين حوا جي نياڻيءَ کي نه سهندو ۽ آواره پُٽن جي بدمعاشين کي نظر انداز ڪندو رهندو. ڇا عزت ٿيڻ يا لهڻ جو سڄو بار نياڻين تي آهي ۽ پٽ انهيءَ بار کان آجا آهن ؟؟
يا پرودگار ! اسان جي سنڌي وڏيرن کي ساڃاهه ڏئي ته هو غيرت جي معنيٰ ۽ معيار کي پرکي ۽ پروڙي سگهن. غيرت جو مطلب آهي هر عورت جو احترام. غيرت جو اهو مطلب ناهي ته پنهنجي ڌيءَ جي جي حفاظت ڪجي ۽ پرائيءَ ڌيءَ ۾ اکيون وجهجن . ڌيءُ مڙئي ڌيءُ هوندي آهي. منهنجي ڌيءُ تنهنجي ڌيءُ. هن جي ڌيءُ هُن جي ڌيءُ . سڀ ڌيئرون آهن ۽ سڀ احترام لائق آهن. ۽ جيڪڏهن پٽن جي لاتعداد نالائقين کي نظر انداز ڪرڻ جي سگهه رکو ٿا ته نياڻيءَ جي ڪنهن لغرش کي به برداشت ڪرڻ جو حوصلو رکو ۽ ڪنهن ٻئي کي بي غيرت جو لقب ڏيڻ کان پهرين پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻ به سکو !
شائسته عالماڻي ۽ بلخ شير مهر، توهان ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي. سنڌ جا هزارين ماڻهو ، اديب ، شاعر، صحافي توهان سان گڏ آهن. الله سائين به توهان جو مددگار ٿيندو. آمين !

عوامي آواز ڪراچي-23 سيپٽمبر 2003ع