ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5869
  • 745
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• مولا تي ننگ آ

طبعي طور تي نٻل، معاشي طور تي مفلس، دماغ دُهرو، آواز ڪڙڪيدار، خاموش طبيعت، پر ڳالهائي ته وٺ ڪونه ڏئي. جر ٿي تک تنوار، وانگر، سندس قلم، تخليقي نثر ۽ شاعريءَ سان گڏ ٽيليويزن جي ڊرامن لکڻ لاءِ، سندس گذر سفر جو ذريعو به رهيو.
هلال پاڪستان کان مهراڻ تائين سندس لکڻيون، اداريا بي ڊپا. ڪامريڊ آهي، پر ڪامريڊ هئڻ جي لاڦ نه هڻندو آهي. خاموشيءَ سان ڪم ڪندو آهي. ويچاري غير معياري “مهراڻ” اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ کان اڳ، ان اخبار جي مالڪ حضرت پير سائين پاڳاري سان سندس تفصيلي ملاقات ٿي هئي. پير سائين سگار پي رهيو هو. شمشير کي به سگار آفر ڪيو هئائين، پر شمشير کيس چيو هو. “نه سائين، منهنجو پنهنجو برانڊ آهي.” پوءِ شمشير ولس سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍيو ۽ پنهنجا سگريٽ پيئندو رهيو. پير سائين جو آڇيل سگار نه پيڻ به ته هڪ مزاحمت جو نمونو ئي آهي. ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. شمشير پير سائين کي چيو، “سائين! توهان جي ذات يا حرُن جون خبرون نه هلائيندس. اهو ڪونه لکندس ته حضرت پير سائين هيڏي آيو، هو ڏي ويو يا حرُن ڪهڙا ڪمال ڪيا.” پنهنجي منطق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پير سائين کي چيائين: “سائين! انگريزي اخبار ڊان، هارون فيمليءَ جي اخبار آهي، انگريزيءَ جي سڀ کان وڏي اخبار آهي، ان ۾ توهان ڪڏهن هارون فيمليءَ جي اٿ ويهه، اچڻ وڃڻ ۽ سندن سرگرمين جي ڪا خبر نه پڙهي هوندي. جنگ اخبار مير خليل الرحمان جي آهي. اردوءَ جي سڀ کان وڏي اخبار آهي، پر ان ۾ ڪڏهن مير خليل الرحمان يا سندس ڪٽنب جي سرگرمين جي ڪا خبر نه ملندي. اهڙيءَ ئي طرح مان توهان جي اخبار کي هڪ معياري اخبار بنائڻ چاهيان ٿو، جيڪا مريدن کان سواءِ عالم، دانشور ۽ ٻيا ماڻهو به پڙهي سگهن.” سندس منطقي ڳالهيون پير سائينءَ کي پسند آيون ۽ کيس اخبار هلائڻ جا ڪُل اختيار ملي ويا. پوءِ توهان ڏٺو ته جيڪا اخبار پير سائين جي مريدن لاءِ ڇپبي هُئي. ان کي شمشير جي قلم ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. اتفاق سان اهو ايم. آر. ڊيءَ جو دور هو. شمشير جي موجودگي ۾ سندس اداريا اهڙا ڀرپور ايندا رهيا، جو ڄڻ انهن ۾ بجليءَ وارو ڪو ڪرنٽ هجي. اخبار ڪيئي هزارن تي وڃي پهتي. اخبار کپي ويندي هئي ته ڏهوڻي قيمتي تي وري پئي وڪرو ٿيندي هئي. يا چئجي ته بليڪ تي وڪڻبي هئي. پير سائينءَ جي مريدن ۽ حُرن جي ميڄالي ۾ اخبار جو نئون انداز نه ويٺو. پير سائينءَ جي گادي مُريد ۽ حُر ئي سنڀاليندا آهن. هُنن پير سائينءَ کي منٿون ڪري شمشير کي فارغ ڪرائي ڇڏيو.
منهنجو يار آهي، دوست آهي، چاليهن سالن جو ياراڻو آهي. يار به آهيون، پاڙيسري به آهيون. ادبي دنيا ۾ اسان جو ٽياڪڙ مشهور هو. شمشير الحيدري، تاجل بيوس ۽ مان، تاجل بيوس جي شڪل به شمشير سان گهڻي ملندي هُئي. شمشير نظر جو چشمو پائيندو هو، ان جهڙو ڏسجڻ ۾ اچڻ لاءِ تاجل زيرو جو اڇو چشمو پائيندو هو. اسان ٽئي پاڪستان ڪواٽرن ۾ رهندا هئاسون. مان ۽ شمشير ته اڃا به اتي ٽڪيل آهيون، پر پوءِ تاجل، پاڪستان ڪواٽرس ڇڏي ويجهو ئي گارڊن ۾ آفيسرس ڪالونيءَ ۾ هليو ويو ۽ بعد ۾ اتان به هليو ويو، ڪنهن پري واري علائقي ۾. پر پوءِ به اڪثر اسان جون شامون گڏ گذرنديون هيون. ماڻهو سحر جا سڪائتا ۽ سوالي هوندا آهن. اسان ٽئي شامُن جا شيدائي رهياسون.
توڙي جو جوش مليح آبادي ۽ ساحر لڌيانوي به اسان جي ڪيمپ جا ماڻهو هئا، پر الائي ڇو جوش لکيو هو.
هم ايسي باده ڪشون ڪو قبول حق ڪي لئي
اگر رسول نه آتي تو صبح ڪافي ٿي !

يعني جوش کي صبح جو سمو ايڏو پسند هو. ساحر لکيو:
نئي صبح پر نظر هي، مگر آه يه ڀي ڊر هي
يه سحر ڀي رفته رفته ڪهين شام تڪ نه پهنچي

مگر اسان ٽئي سحر کي شام تائين پهچائڻ لاءِ وڏا وس ڪندا هئاسون.
ڳالهه شايد اها پئي هلي ته، پوءِ تاجل اسان کان ڏور وڃي گهر ورتو، پر دل کان ڪڏهن به ڏور نه ٿيو. بقول ڀٽائي: “ڪي اوڏا به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.”
اوڏا به ڏور جو مثال ته پنهنجي گهر جي سامهون رهندڙ ملان به آهي، جيڪو پنج وقت نماز پڙهندو آهي ۽ مسيت ۾ آذان به ڏيندو آهي. ڏور به اوڏا سپرين جو مثال تاجل سائين هو، جيڪو اسان کان طبعي طور پري رهندي به دل کان دور نه ٿيو. بس عزرائيل هُن کي اسان کان ڏور ڪري ڇڏيو آهي، پر هو اسان جي دل جي ڌڙڪنن ۾ سمايل آهي.
شمشير الله کي مڃيندو هجي يا نه پر پڪو اثنا عشري آهي. محرم جي مهيني ۾ سندس گهر وارا ڪارا ڪپڙا اوڍي مجلسون ٻڌڻ ويندا آهن. هي شام جو مون وٽ مجلس ٻُڌڻ ايندو آهي. ڪارا ڪپڙا ته ڪونه پائيندو آهي، پر سندس قميص جو آڳو جڳهه جڳهه تان سگريٽن جي ڦلن سان سڙيل هوندو آهي. ڪڏهن منهنجي ويٺي ئي سگريٽ جي ڪا چڻنگ سندس دامن تي ڪري پويندي آهي ۽ سندس دامن به اهلبيتن جي ڏک ۾ پيو دکندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پڇندو آهيانس ته شمشير تنهنجي قميص جي دامن ۾ هيڏا ٽنگ آهن، ته جواب ڏيندو آهي ها اُن جو اهو فائدو آهي ته منهنجي قميص کٽيءَ کان مٽجي نه سگهندي آهي.
شمشير ماڻهن جا نالا پيار منجهان مٽائيندو آهي، مثال طور اسان جو دوست آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيشين جو سرگرم شخص آهي، ڪتاب ڇاپيندو آهي، سندس نالو آهي ڪرم الاهي چنا، تنهن کي شمشير “گرم الاهي چڻا” چوندو آهي. پنهنجو به نالو رکيو اٿس. پاڻ کي “شمشير الهيڏڙي” چوندو آهي. تنوير عباسي کيس “ڪفگير الديڳڙي” سڏيندو هو.
شمشير جي علمي حيثيت يا شاعريءَ تي ته ٻيا ڳالهائيندا، ڇو ته مان اڃان ايڏو نه ٿي سگهيو آهيان، جو سندس شاعريءَ جي ڪمال تي ڳالهايان، سندس شعر ۽ قطعا اڪثر دوستن کي زباني ياد آهن.
کيس عمر جي آخري حصي ۾ ملٽن جو مقابلو ڪرڻ جو شوق جاڳيو آهي. هُو نابين ٿي پيو آهي. ملٽن 44 سالن جي عمر ۾ نابين ٿيو هو، شمشير 82 سالن جي عمر ۾ هن کي چيلنج ڪيو آهي. دوست همدرديءَ لاءِ ايندا اٿس، پڇندا اٿس، اکيون ڪيئن اٿو؟”
جواب ڏيندو آهي “اکيون رب رکيون” ٿي ويون آهن. اڃا به دوست همدرديءَ جي موڊ ۾ هوندا آهن، ته شمشيرپنهنجي مخصوص اسٽائيل ۾ چوندو آهي. هن وقت تائين ڏسي ڪم هلايو اٿئون. هاڻي ٻڌي ڪم هلائبو.



دوستو شمشير جي پارت اٿو،
ڇو ته سندس مولا تي ننگ آهي.

تنهن کانپوءِ جڏهن هو هت نه رهيو ۽ مان آمريڪا ۾ هئس تڏهن مون هڪ ننڍڙو تاثر فيس بوڪ تي لکيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ تمام گهڻن دوستن مون کي آٿت ڏيندي ڪافي همدرديءَ جا لفظ لکيا. ائين سمجهڻ گهرجي ته مون آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شهر هوسٽن ۾ پنهنجي پُٽ جي گهر شمشير جو تڏو وڇايو هو، جتي مان تعزيتون وصول ڪندو رهيس، اهو تاثر به توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي.

(هي مضمون، سنڌ ثقافت کاتي پاران حيدرآباد ۾ ٿيل شمشيرالحيدري جي سالگرهه تي پڙهيو ويو)