• مان ڪٿي لُٽيو آهيان؟
ڪافي سال اڳي سنڌي ڌاڙيل جڏهن اسان جي دوست ۽ هردلعزيز پياري بخش علي لاکي کي کڻي ويا هئا، تڏهن به سنڌي اديبن ۽ صحافين لاکي لاءِ ڏاڍو لکيو هو. جيئن اڄڪلهه منظور سخيراڻي لاءِ به گهڻو ڪجهه لکيو ۽ ڪيو پيو وڃي. اغوا جي تمام گهڻي عرصي بعد جڏهن بخش علي لاکو آزاد ٿي موٽيو ته مون سندس آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ هڪ چؤسٽو لکيو هيو، جيڪو هي آهي:
لکي موٽيو، لاکو موٽيو،
لک ڏيئي موٽيو، لک کٽيوسين،
کڻندڙ پنهنجا، گَهل ڙي! پنهنجا!
جن لئه لکيوسين، خوب وٽيوسين.
اسان جي معاشري ۾ مهانگ وڌي ويو آهي. ضرورتون وڌي ويون آهن. نوجوانن کي نوڪريون نٿيون ملن. ڊگريون رلائي رلائي ٿڪجي پيا آهن. اهي ته ٿيا پڙهيل جوان. اڻ پڙهيلن جي ڳالهه ته ليکي ۾ ئي ناهي. پوءِ اڻ سرنديءَ وارا نوجوان پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي اڃ، بک اجهائڻ لاءِ سرنديءَ وارن کان گهرن ٿا يا ڦرين ٿا. جيئن پاڻي پنهنجي سطح برقرار رکي وهندو رهندو آهي. اهڙيءَ طرح معاشرو به پنهنجي سطح برقرار رکي ٿو.
ڌاڙيلن ۽ ڦورن جا مختلف روپ آهن. پوليس ٿاڻن ۾ وردين وارا ڦرين ٿا. ٽريفڪ پوليس وردين ۾ ڦري ٿي. ڪامورا ۽ ٺيڪيدار سول ڪپڙن ۾ ڦرين ٿا. وڪائو صحافي ۽ وڪائو اديب ضمير جا سودا ڪري قلم سان ڦرين ٿا.حسن وارا ۽ حسن واريون عاشقن جون دليون ڦرين ٿا/ ڦرين ٿيون. ڦرلٽ ڪٿي ناهي؟.
منهنجي گهر ڌاڙي واري واقعي جو ڪاٿو ڪبو ۽ ونڊ ضرب ڪبي ته انهيءَ نتيجي تي پهچبو ته جيڪي مون وڃايو آهي ان کان گهڻو ڪمايو اٿم. وڃايا اٿم ڪجهه ڪاغذن جا ٽڪرا جن تي “بينڪ دولت پاڪستان” ۽ “پرائيز بانڊ” لکيل هوندو آهي. وڃايا اٿم ڪجهه ڌاتو، جن کي “سون” چون ٿا، ڪمايا اٿم الائي ڪيترا قرب.
سَون هَزارن دوستن ته روبرو اچي ڀاڪر پاتا آهن. همدرديون ڪيون آهن يا فون رستي ڳالهائي همدردي ڪئي آهي. انهن همدردن ۽ گهڻ گهرن ۾ ظاهر آهي ته گهڻائي ليکڪن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي نوجوانن جو وڏو وفد گهر هلي آيو ۽ قرب ونڊيا. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سيڪريٽريءَ مهرباني ڪري فون تي حال احوال ورتا ۽ همدردي ڪئي. باقي نالا ڳڻائڻ کان مٿي آهن. ڪافي قربدارن ته لفافي ۾ پيسا وجهي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪا مرڪندڙ منهن سان موٽائڻ مناسب سمجهيم.
ڪافي اهڙا تمام دل کي قريب دوست به آهن جن همدردي ڪرڻ مناسب نه به سمجهي. شايد منهنجي ڌاڙي جو درد هنن کان برداشت نه ٿي سگهيو هجي. يا شايد هنن ۾ همدردي ڪرڻ جي شڪتي به نه هجي.
نوجوان ليکڪ ۽ تمام سريلي ۽ سلڇڻي ليکڪ انور ابڙي مهرباني ڪري 2 آگسٽ جي “عوامي آواز” ۾ “هڪ مانائتو گهر لُٽجي ٿو” جي عنوان سان مون بابت هڪ مضمون لکيو. جيڪو پڙهي الائي ڇو منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. مان روئي پيس!
ڌاڙيلن پاران ڦريل سون ۽ پيسا وري ميڙجي ويندا پر دوستن، سنگتين ۽ گهڻ گهرن جا مليل قرب ميڙي نه ٿو سگهان. روسي شاعر حمزي رسول کان جڏهن پڇيو هئائون ته زندگيءَ ۾ شاعريءَ کان سواءِ تو ٻيو ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن هن وراڻي ڏني هئي ته سموري زندگي مون انسانن سان محبت ڪئي آهي. ڇا جيئڻ لاءِ ايترو جواز ڪافي ناهي؟
سچ پچ مون به انسانن سان محبت ڪئي آهي ۽ منهنجي پوک ڀلي ٿي آهي جنهن جي موٽ ايتري ملي جيترو ٻجُ سچ پچ ته مون ڇٽيو به نه هو. مان ڪٿي لٽيو آهيان؟
حبيبن هيڪار، منجھان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.
عوامي آواز ڪراچي –آگسٽ 2001ع