• پڙهيو پيا پڙهن
ڪنهن به ديني مدرسي ۾ ديني تعليم وٺڻ ڪونه ويس. اسان جي اسڪول ۾ اسان جو استاد هوندو هو، استاد امان الله مهيسر، اسلام ۽ قرآن جو وڏو ماهر هو، اڃان به حيات آهي. مان جڏهن به سانڻس ملندو آهيان پنهنجا ٻئي هٿ سندس پيرن تي کُپائي ٿوري دير ترسي پوءِ اٿندو آهيان. استاد امان الله ڪلاس ۾ اسان کي ديني ڳالهيون قرآن ۽ منطق جي روشنيءَ ۾ سمجهائيندو هو. استاد جون سڪنڊري ڪلاس ۾ (چاليهه سال کن اڳ) ۾ مذهبي ڳالهيون ۽ هدايتون منهنجي ذهن ۾ اڃان تائين نقش ٿيل آهن. استاد پنهنجي بيان ۽ منطق سان ٺهڪندڙ جيڪي قرآني آيتون ٻڌائيندو هو، اهي سڀ مون برزبان ياد ڪري ڇڏيون هيون جيڪي اڃان به نٿيون وسرن ۽ وقتن فوقتن ديني بحث دوران ٻڌائيندو رهندو آهيان ۽ هلڪي سلڪي ملان مولوي کي حيران ڪري ڇڏيندو آهيان.
۽ هاڻي ڪراچي شهر ۾ آذانون اينديون آهن. هڪ ئي وقت ڏهه ٻارهن آذانون لائوڊ اسپيڪرن تي اينديون آهن. ڪو ملان منڍ کڻندو آهي. ڪو وچ ۾ هوندو آهي، ڪو پڇڙيءَ ۾ هوندو آهي. ڪنهن جو سر ڪنهن جا الفاظ، ڪنهن جو لهجو، هڪ ٻئي سان نه ملندو آهي. ڪنهن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي. اهو الهامي ڪلام ڪنن کان روح تائين سراعيت نه ڪري سگهندو آهي. روح نه رچندو آهي ۽ دل چوندي آهي ته آذان جلد ختم ٿئي ته چڱو، سچ پچ ته ائين نه لڳندو آهي ته هيءَ آذان نيڪي جو سڏ آهي پر ائين لڳندو آهي ته مختلف مسجدن جي مولوين وچ ۾ آذانن جو مقابلو آهي. گوءِ آهي.
رمضان شريف جي مهيني ۾ ته بيمارن، شاگردن ۽ اسڪول جي ٻارن، جن کي امتحان جي تياري ڪرڻي هوندي آهي رات جو پڙهڻو هوندو آهي ڇو ته صبوح جو کين پيپر ڏيڻو آهي يا اهي بيمار جن کي ڊاڪٽر ننڊ جي گوري ڏئي آرام ڪرڻ يا سمهي پوڻ جي هدايت ڪندا آهن اهي مولوين جي ان مقابلي سبب نه پڙهي سگهندا آهن ۽ نه سمهي سگهندا آهن. هتي غير مسلم اقليتن جي آرام جو ته ذڪر ڪرڻ ئي اجايو آهي جو انهن کي ته ڄڻ انسان ئي نه سمجهيو ويندو آهي.
قرآن شريف ۾ چيل آهي ته “قرآن شريف کي آهستي آهستي ٺاهي ٺاهي پڙهو”. توهان ڏٺو به هوندو ۽ ٻڌو به هوندو ته رمضان شريف ۾ پاڙي جي مسيتن ۾ ختم القرآن ۽ شبيني جا جيڪي مقابلا ٿيندا آهن يا جيڪا گوءِ ٿيندي آهي ان ۾ قرآن جي انهن واضح هدايتن تي ڪيترو عمل ٿيندو آهي يا انهن هدايتن جي لائوڊ اسپيڪرن تي علي اعلان ڀڃڪڙيون ٿينديون آهن. نعوذ باالله.
پرويز مشرف ڇنڇر 12 جنوري واري قوم کي خطاب ۾ ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون. جهادي ۽ ويڙهاڪ يا فسادي مذهبي ٽولن لاءِ هن جو ڪجهه چيو ۽ ڪيو مان ان جي تائيد ڪريان ٿو. هن ٻين ڳالهين سان گڏ اهو چيو ته مدرسن مان اڌ پڙهيل دستار بندي مولوي نڪرن ٿا چوندا آهن “نيم حڪيم خطره جان، نيم ملاخطره ايمان”. سو اهي اڌ پڙهيل مولوي اڻ پڙهيلن کان وڌيڪ خطرناڪ هوندا آهن ۽ لائوڊ اسپيڪرن تي مسجدن ۽ مسيتن توڙي خانگي مجلسن ۾ لاعلمي ۽ جهالت پکيڙيندا آهن.
منهنجي پاڙي ۾ هڪ جامع مسجد آهي جنهن جي واڌ ويجهه ۾ اوج عروج ۾ منهنجو به حصو آهي جو پوين ٽيهن سالن کان ان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ لڳاتار چندو ڏيندو رهندو آهيان. تنهن ۾ پوئين رمضان جي پوين ڏينهن ۾ مان جمعي نماز تي ويس. پيش امام صاحب فطري بابت واعظ ڪري رهيو هو ۽ ٻڌائي رهيو هو ته معاشري ۾ ڪهڙا ڪهڙا طبقا فطري وٺڻ جا حقدار آهن. پنهنجي ايمان افروز خطبي ۾ پيش امام صاحب چئي رهيو هو.
ڪجهه جماعتون يا گروهه اهڙا آهن جيڪي انسانيت جي خدمت ۾ رڌل رهن ٿا انسانيت جي خدمت جي جوش ۽ جذبي ۾ اهي اهو نه ٿا ڏسن ته هو جن جي خدمت ڪن ٿا اهي مسلمان آهن يا هندو آهن يا ڪرستان آهن. ڀنگي ڀيل مينگهواڙ مسلم يا غير مسلم آهن بس انهن دين ڌرم ۽ ذات پات جي تفريق کانسواءِ اهي سڀني جي خدمت ۽ سيوا ڪن ٿا. اهڙين جماعتن کي به فطرو ڏيڻ جائز ناهي. فطرو انفرادي يا اجتماعي طور تي مسلمانن کي ئي ڏيڻ جائز آهي. نالو وٺڻ کانسواءِ مولوي جو اڻ سڌو اشارو اهو هو ته عبدالستار ايڌي کي فطرو نه ڏيو جو سندس تنظيم غير مسلمانن جي به خدمت ڪندي آهي. اهو خطبو مون پنهنجي گنهگار ڪنن سان ٻڌو ۽ افسوس اهو آهي ته مان خاموشي سان ٻاهر نڪري آيس. اهي ۽ اهڙا مدرسن مان دستاربند عالم آهن جن اسلام ۽ پاڪستان جو اميج سڄي دنيا ۾ خراب ڪيو آهي. جنرل پرويز مشرف پنهنجي خطبي ۾ ڪنهن به مولوي جي ساراهه نه ڪئي پر هن فقط عبدالستار ايڌي جو تمام عزت ۽ احترام سان نالو کنيو جيڪو ايتري عزت ۽ احترام جو لائق به آهي. جنهن افغانستان ۾ زخمين جي تي پٽيون رکيون. علاج ڪرايو، مئلن کي ڪفن دفن ڏنو. انگ اگهاڙين افغان عورتن جو انگ ڍڪيو ۽ جنگي وحشت ۽ بي 52 بمبارن سان بمباري کان پوءِ ٿيندڙ تباهه ڪارين ۾ انسان ذات جي جيتري به خدمت ٿي سگهي ٿي سا ڪئي پر ديني جماعتن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو. ڏکي انسانيت جي زخمن تي ڪهڙيون پٽيون رکيون سواءِ ان جي ته هتان اڻ پڙهيل ڳڀرو نوجوانن کي دين ۽ اسلام جي آڙ ۾ برغلائي افغانستان موڪليو جي اتي وڃي ڪافر ته نه ماريا پر افغان ڪلمي گو مسلمان ڀائر ئي ماريا ۽ آخر پاڻ به شهيد ٿيا يا غازي ٿيا.
ان کان اڳ جپان جي وڏي ۾ وڏي دهشت گرد تنظيم “ياڪوزي” کي جس هجي جن چند سال اڳ جپان جي هڪ علائقي اوساڪا ۾ آيل خوفناڪ ۽ خطرناڪ زلزلن ۾ حڪومتي ادارن کان به اڳ متاثر انسان ذات کي طبي امداد پهچائڻ ۾ سڀ کان پهرين صف ۾ بيٺل هئي جپان ۾ آيل ان زلزلي ۾ هزارن لکن ۾ جانيون ضايع ٿيون. روڊ، رستا، عمارتون سڀ ڪجهه زير زمين ٿي ويا. ان انساني الميي ۾ ڪنهن به سرڪاري يا نيم سرڪاري تنظيم کان اڳ اتان جي دهشتگرد تنظيم ياڪوزي سڀ کان اڳ ۾ هئي.
ڪاش! اهو ڏينهن اچي جڏهن اسان جي ديني مدرسن مان نڪتل دستاربند عالم، نيوٽن جي لاز آف موشن ۽ ٿيوري آف گريويٽيشن تي ڳالهائي سگهن. آئنسٽائن جي ٿيوري آف رليٽوٽي تي ڳالهائي سگهن. ڊاڪٽر عبدالسلام ۽ ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي قدر ۽ منزلت جي نگاهه سان ڏسي سگهن. ڪوپر نيڪس جي ان ٿيوري تي بحث ڪري سگهن ته زمين ڦرندڙ آبجيڪٽ آهي.
جيڪي فرائيڊ جي ٿيوري آف سائيڪوايناليسز تي ڳالهائي سگهن. جيڪي نيو ڪليئر سائنس جي به ڄاڻ رکن. جيڪي ليوناروڊ ڊا ونشي جي موناليزا تي به هڪ اڌ جملو ڳالهائي سگهن جيڪي شاهه ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، رومي حافظ، سعدي فردوسي، عمر خيام، امر القيس، خليل جبران، ٽي ايس ايليٽ، هومر ورڊ سورٿ، ناظم الحڪمت وغيره تي ٻه چار اکر چئي سگهن. جيڪي اي ميل، انٽرنيٽ، اوريڪل ۽ ڪمپيوٽر جي جديد ٻولي کي به سمجهي سگهن ۽ مڪي، مديني يا مصر ۾ ڪنهن مذهبي معاملي تي اتان جي مولوين سان چيٽنگ ڪري سگهن.
مان پنهنجي ديني عالمن کان اها توقعات ٻن سببن ڪري رکان ٿو هڪ ته سائنسدانن ۽ دانشورن کي اسلام ۽ ٻين مذهبن جي ڄاڻ هجي ٿي ٻيو ته ايران، مصر ۽ ملائيشيا توڙي ٻين ملڪن جا ديني عالم سائنسي علوم کان به واقف آهن.
عوامي آواز ڪراچي -14 جنوري 2002