• ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سالياني رپورٽ
“ حضور پاڪ صلعم جي شان ۾ گستاخي پوءِ اها لفظن جي صورت ۾ هجي يا اشارن، قناعن جي صورت ۾ هجي، ان جي سزا موت يا عمر قيد ۽ ڏنڊ هوندي.”
“توهين رسالت” جي ان قانون ۾ سياسي مخالفن يا دشمنن کان انتقام وٺڻ ڏاڍو آسان ڪم ٿي پيو آهي. سو به جيڪڏهن دشمن غير مسلم آهي ته ان کي وڏي آسانيءَ سان قانون ۾ اڙائي سگھجي ٿو. پاڪستان جون عدالتون به اهڙيون فتوائون ڏيڻ وقت عوامي اشتعال کان ڊنل رهن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻندي ٻجھندي، سوچيندي، سمجھندي، آزاد ۽ ايماندار فتويٰ ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿا. وڪيل اهڙن ڪيسن کڻڻ کان ڪيٻائيندا آهن ۽ اهڙن ڪيسن جون فتوائون جڏهن ٻڌايون وينديون آهن ته ڪورٽ جي احاطي ۾ پڳڙين ۽ ٽوپين وارا سٿيا پيا هوندا آهن ۽ ٻاهر هٿيارن ۽ رائفلن ۽ ڪلاشنڪوفن وارا به کلئي عام بيٺا هوندا آهن. اهڙي ماحول ۾ ۽ اهڙي قانون ۾ آزاد ۽ منصفاڻن فيصلن جي گهٽ اميد هوندي آهي. مون کي هڪ واقعو ياد اچي ٿو، جيڪو اوهان کي ٻڌايان ٿو:
ڪافي سالن جي ڳالهه آهي، شايد 1994ع جي ڳالهه آهي. ضلعي گجرانوالا جي پوليس ٿاڻي “خيالي پوسٽ” ۾ هڪ شخص بند آهي، جنهن کي ملن مولوين “واجب القتل “ جي سزا ٻڌائي آهي.اهو شخص عربي ۽ اسلاميات ۾ ايم اي ڪيل هو. هن پندرهن سالن جي عمر ۾ قرآن حفظ ڪيو هو. هن طيبه ڪاليج منجھان حڪمت ۾ ڊپلوما به ڪئي هيئ. هو هڪ شفاخانو هلائيندو هو جنهن مان سندس گذر سفر ٿيندو هو. سندس والد قاري حبيب الله هڪ رٽائر فوجي هو. جيڪو جماعت اسلاميءَ جو سرگرم ڪارڪن هو.
اسد ڪالونيءَ ۾ لائوڊ اسپيڪر گونجن ٿا. مولوي عوام کي “دعوت عمل” ڏين ٿا ۽ تبليغ رستي ماڻهن کي گهرن کاڻ ٻاهر نڪرڻ ۽ عيسائي ڊاڪٽر فاروق سجاد کي قتل ڪري “ثواب دارين” حاصل ڪرڻ جو بار بار اعلان ڪن ٿا. ڊاڪٽر فاروق مٿان گجرانوالا – شيخوپورا روڊ تي “خيالي پوسٽ” ٿاڻي تي فرياد داخل ٿيل آهي ته هن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي آهي. خوف ۽ حراس کان کان ڊاڪٽر فاروق جي پرديدار گهر واري ۽ ڇهه ٻار ڪنهن محفوظ هنڌ تي لڪل آهن ۽ گهر خالي آهي.
مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن مان مولوين جي اپيلن جي نتيجي ۾ ماڻهو هجوم جي صورت ۾ گڏ ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر فاروق ڪافر آهي. واجب القتل آهي. ۽ اسلام زنده آباد جا نعرا گونجن ٿا. هجوم ٿاڻي جو لوهي گيٽ ڀڃي ٿو. پوليس ۽ مئجسٽريٽ ڪجهه پاسيرا ٿي وڃن ٿا. ٻاهران سرن جي ڀريل ٽرالي لنگهي ٿي. ان کي روڪي هجوم سرن سان ڊاڪٽر فاروق کي ٿاڻي اندر سنگسار ڪري ٿو. سندس لاش کي هڪ موٽر سائيڪل سان ٻڌي هڪ فرلانگ تائين گهليو وڃي ٿو. لاش سڄو چٿجي، چيٿاڙجي سڃاڻپ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. کيس اباڻي قبرستان ۾ هڪ قبر جي جاءِ به نه ٿي ملي. جنازي نماز پڙهڻ کان سواءِ ئي پوليس جي هڪ کڏ کوٽي کيس پوري ڇڏي ٿي.
دراصل بعد ۾ جيڪي انڪشاف ٿيا، تن ۾ خبر پئي ته ڊاڪٽر فاروق جو پاڙيسري رڪشا ڊرائيور ڊاڪٽر جي پرديدار گهر واريءَ تي بري نظر رکندو هو. هڪ ڀيري سندس گهر ۾ گهڙي آيو، جنهن تي ڊاڪٽر فاروق کيس ڇڙٻون ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو. ڊاڪٽر فاروق فارغ وقت ۾ قرآن شريف جي تلاوت ۾ مشغول رهندو هو. قرآن شريف جي بي حرمتي وارو شوشو به به رڪشا واري ڇوڙيو ۽ سنگسار ڪرڻ وقت پهرين سر به رڪشا ڊرائيور وسائي هئي.
اهو واقعو مون کي ان ڪري به ياد آهي جو مون ان تي هڪ ڪالم لکيو هو ۽ ان ڪري به ته ڪيئن هڪ شريف پرهيزگار شريعت جي پابند شخص کي به هڪ جاهل پاڙيسريءَ جو شيطاني ڪاروائيءَ سبب ڪهڙي طريقي سان سنگسار ڪيو ويو ۽ جنازي نماز پڙهائڻ کان سواءِ ئي کيس دفنايو ويو. هي ته هڪ سزا جو قصو ٻڌايم، هاڻي وري هڪ ٻيو قصو ٻڌايان هي به ڪو لطيفو ڪونهي بلڪل سچي ۽ صحيح ڳالهه آهي هڪ سزا جو قصو ناهي هي انعام جو قصو آهي.
هيءَ به پراڻي ڳالهه آهي. هڪ وفاقي سيڪريٽري هوندو هو. جنهن جا هڪ ٽي وي فنڪارا سان مراسم هوندا هئا. اها مائي پنهنجي مڙس سان رهندي هئي جيڪو به ڪنهن کاتي ۾ آفيسر هوندو هو. وفاقي سيڪريٽريءَ کي پنهنجي محبوبا سان ملڻ لاءِ خلاصو ۽ گهڻو وقت کپندو هو جيڪو محبوبا جي مڙس جي موجودگيءَ ۾ حاصل نه پئي ٿي سگهيو. پوءِ وفاقي سيڪريٽري صاحب پنهنجي محبوبا جي مڙس کي سرڪاري خرچ تي هڪ حج تي ويندڙ وفد ۾ شامل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ٻن پريمين کي خلاصي ملاقات جو موقعو به مليو ۽ هن همراهه جو حج به ٿي ويو. پوءِ رونشي ڪوڏين جون ڳالهيون به ٻڌڻ واريون هيون.
چون، “پر اسان ٻڌو هو ته اهڙن تعلقاتن سان ماڻهو مال ملڪيت ٺاهيندا آهن. بنگلا ٺاهيندا آهن. بينڪ بيلنس وڌائيندا آهن. پر اهو پهريون ڀيرو ٻڌوسين ته اهڙن تعلقاتن جي طفيل حج به نصيب ٿيندو آهي”.
سو سائين سزا ۽ انعام طور اسلام جهڙي عظيم مذهب کي جنهن نموني مروڙي شخصي پلاند ورتا وڃن ٿا ۽ غير شرعي ڪم ڪيا وڃن ٿا ته انساني حقوق واريون تنظيمون يا ايمنيسٽي انٽرنيشنل ته ضرور نوٽس وٺندا ليگل فريم ورڪ آرڊر (ايل ايف او) تي اسان سموري دنيا جي نظرن ۾ کلڻ جهڙا ٿيا آهيون. پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر سان جيڪو سلوڪ ٿيو ڇا دنيا ان کان بي خبر آهي. ڇڙا ٻه ڪراماً ڪاتبين اسان جي ڪلهن تي چڙهيا ڪو نه ويٺا آهن. هي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي سموري دنيا ڪرامن ڪاتبين ٿي وئي آهي. اسان جا ڪڌا ڪم عالمي تاريخ ۾ لکجي رهيا آهن. قلمبند ٿي رهيا آهن. اسان شترمرغ وانگر ڪنڌ ڌوڙ ۾ وجهي اهو سمجهي رهيا آهيو ته ڪو اسان کي ڏسي ڪو نه ٿو اصل ڏسڻ واري ته خدا پاڪ جي ذات آهي پر پوءِ دنيا وارا به ڏسي رهيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ اسان کي گندي سياست ۾ اسلام جهڙي عظيم مذهب کي رسوا نه ڪرڻ گهرجي. حدود آرڊيننس ۽ توهين رسالت جي قانونن کي ٻيهر ڏسڻ جي ضرورت آهي.
عوامي آواز ڪراچي- 3 جون 2003 ع